رسائی کے لنکس

سڀ کان وڏو آمريڪي بين الاقوامي نشرياتي ادارو؛ وائس آف آمريڪا


وائس آف آمريڪا
وائس آف آمريڪا

وائس آف آمريڪا سڀ کان وڏو امريڪي بين الاقوامي نشرياتي ادارو آهي، جيڪو 47 کان وڌيڪ زبانن ۾ خبرون ۽ اطلاعات فراهم ڪندو آهي ۽ هر هفتي 31 ڪروڙ10 لک حاضرين ۽ ناظرين تائين پهچندو آهي.

وي او اي ڊجيٽل، ٽيلي وزن ۽ ريڊيو پليٽ فارمز جي لاءِ پروگرام تيار ڪندو آهي. موبائل فون ۽ سماجي ميڊيا ذريعي ان تائين سولائيءَ سان رسائي حاصل ڪري سگهجي ٿي. ان کي سيٽلائيٽ، ڪيبل، ايف ايم ۽ ميڊيم ويو وسيلي فراهم ڪيو ويندو آهي، جن کي 3500کان وڌيڪ لاڳاپيل اسٽي شنن جي نيٽ ورڪس تي پيش ڪيو ويندو آهي.

هيءُ ادارو 1942 ۾ وجود ۾ آيو. تڏهن کان وٺي وائس آف آمريڪا پنهنجي ٻڌڻ ۽ پڙهڻ وارن ۽ حاضرين کي حقيقت تي مبني تفصيلي خبرن جي فراهميءَ جي عزم تي قائم آهي.

وائس آف آمريڪا آزاد پريس جي اصولن تي ڪاربند هڪ مثالي ادارو آهي چاهي ٻي مهاڀاري لڙائي هجي، سرد جنگ هجي، دهشت گرديءَ جي خلاف عالمي لڙائي هجي يا اڄ جي سموريءَ دنيا ۾ آزاديءَ جي جدوجهد هجي.

وائس آف آمريڪا يو ايس ايجنسي فار گلوبل ميڊيا (يو ايس اي جي ايم) جو حصو آهي. هيءَ هڪ سرڪاري ايجنسي آهي جيڪا سموري غير فوجي امريڪي بين الاقوامي نشريات جي نگراني ڪندي آهي. ان جي فنڊنگ آمريڪي ڪانگريس ذريعي ٿيندي آهي.

وي او اي آمريڪا جو سب کان وڏو خبرن جو بين الاقوامي ملٽي ميڊيا ادارو آهي، جيڪو انهن ماڻهن جي لاءِ نشريات پيش ڪندو آهي جتي آزاد صحافت تي جزوي يا مڪمل پابندي آهي.

وائس آف آمريڪا جي نشريات جو آغاز 1942 ۾ ٿيو ۽ جامع، غير جانب دار ڪوريج ۽ پنهنجن ٻڌڻ، ڏسڻ ۽ پڙهڻ وارن تائين سچ پهچائڻ سندس عزم آهي. يو ايس ايجنسي فار گلوبل ميڊيا جو حصو هجڻ جي ڪري وي او اي جو ساليانو خرچ آمريڪي ٽيڪس ڏيڻ وارا ڀريندا آهن.

وي او اي جي مشن ۽ ادارتي آزاديءَ جي گارنٽي جي لاءِ اهڙا قانون موجود آهن جو وي او اي جي صحافين کي ٻاهرئين اثر، دٻاو ۽ حڪومتي عمل دارن يا سياست دانن جي انتقامي ڪاروائيءَ کان بچائن ٿا.

سال 1996۾ صدر جيرالڊ فورڊ وائس آف آمريڪا جي چارٽر تي صحيح ڪئي جنهن ۾ چيو ويو هو ته؛

وي او اي مستقل طور تي خبرن جي معتبر ۽ مستند ذريعي جي طور تي ڪم ڪندو. وي او اي جون خبرون درست، بامقصد ۽ جامع هونديون.

وي او اي آمريڪي معاشري جي ڪنهن هڪ حصي جي نه بلڪه امريڪا جي ترجماني ڪندو ۽ اهم آمريڪي خيالات ۽ ادارن کي متوازن ۽ جامع ڪوريج دنيا تائين پهچائيندو.

وي او اي آمريڪي پاليسين کي واضح ۽ موثر طور تي پيش ڪندو ۽ گڏ و گڏ انهن پاليسين جي باري ۾ ذمه دارانه ڳالهه ٻولهه ۽ راءِ به پيش ڪندو.

سال 1994 ۾ آمريڪي ڪانگريس يو ايس انٽرنيشنل براڊڪاسٽنگ ايڪٽ پيش ڪيو. هن قانون جي تقاضا آهي ته وي او اي جي صحافين جو ڪم مستند، درست، بامقصد، جامع ۽ متوازن هجي ۽ امريڪا جي هر ثقافتي رنگ جي عڪاسي ڪري.

سال 2016 ۾ڪانگريس ۾ ٻيهر نيشنل ڊفينس ايٿورائزيشن ايڪٽ ۾ ان ڳالهه جي توثيق ڪئي وئي ته خبرون حاصل ڪرڻ ۽ انهن کي رپورٽ ڪرڻ جو ڪم لازمي طور تي آزاد ۽ بامقصد طريقي سان جاري رهڻ کپي.

وي او اي جا صحافي روزانه آزاد صحافت کي دنيا تائين پهچائڻ جي لاءِ محنت ڪندا آهن.

وي او اي،

آزاد صحافت اهم آهي

XS
SM
MD
LG