رسائی کے لنکس

سعودي عرب اسرائيل تعلقات جي بحالي بائيڊن انتظاما جي وڏي سوڀ ٿيندي، تجزيه ڪار


صدر بائيڊن جي اسرائيل جي صدر ۽ وزير اعظم سان ملاقات. 13 جولائي 2022. (فائيل فوٽو)
صدر بائيڊن جي اسرائيل جي صدر ۽ وزير اعظم سان ملاقات. 13 جولائي 2022. (فائيل فوٽو)

تجزيه ڪارن جو چوڻ آهي ته ايران جو جوهري پروگرام هجي يا سعودي عرب جي سڪيورٽي، رياض ۽ يروشلم جا مفادات هڪ جهڙا آهن. ان ماحول ۾ جيڪڏهن صدر بائيڊن جي ڪوششن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعلقات شروع ٿين ٿا ته اها بائيڊن انظاميا جي تمام وڏي ڪاميابي هوندي.

صدربائيڊن پنهنجي اسرائيل جي دوري جي آغاز تي آمريڪا ۽ خطي جي ٻين ملڪن سان اسرائيل جي تعلقات کي بهتر ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي خطي جي استحڪام تي زور ڀريو. هن چيو ته خطي ۾ اسرائيل جي شموليت جي معاملي کي اڳتي وڌائيندا رهندا سين. عظيم تر امن، عظيم تر استحڪام، عظيم تر رابطا. اهي اهم آهن، اهو خطي جي سڀني ماڻهن جي لاءِ اهم آهي. صدر بائيڊن هن وقت مشرق وسطي جي ٽن ڏينهن جي دوري تي آهي.

مونا ڪاظم شاه پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته تجزيه ڪارن مطابق اگرچه صدر بائيڊن هاڻي تائين پنهنجو ڌيان سابق صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي خارجه پاليسيءَ کي تبديل ڪرڻ تي مرڪوز رکيو آهي، ليڪن مشرق وسطي جي پنهنجي هن پهرئين دوري ۾ سابق صدر ٽرمپ جي دور جي منصوبي ابراهم اڪارڊ يعني ابراهيمي معاهدي کي اڳتي وڌائڻ سندس ايجنڊي جو حصو آهي.

پروفيسر مقتدر خان ڊلاويئر يونيورسٽيءَ ۾ بين الاقوامي تعلقات جي شعبي سان وابسته آهي ۽ يونيورسٽيءَ ۾ اسلامڪ اسٽڊيز پروگرام جو باني آهي. هن وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي چيو ته آمريڪا اگر اسرائيل ۽ سعودي عرب وچ ۾ سفارت ڪاري نه به ڪري تڏهن به خطي ۾ پنهنجي سلامتي، انٽيلي جنس سپورٽ ۽ ايران جي خلاف پنهنجو پاڻ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ سعودي عرب اسرائيل سان تعلقات مضبوط ڪرڻ جي لاءِ هڪ عرصي کان ڪوششون ڪندو رهيو آهي.

صدر بائيڊن جي اسرائيل مان براه راست سعودي عرب پروازمتعلق تجزيه ڪارن چيو ته ان کي هو اهم سمجهن ٿا ڇو ته ايندڙ وقت ۾ ممڪن آهي ته اسرائيل کان مسلمان برادري حج جي ادائگيءَ لاءِ سعودي عرب وڃي ته کين به ڊاريڪٽ فلائيٽ جي سهولت حاصل هوندي. ان متعلق اسرائيل اڳ ۾ ئي پيشڪش ڪري چڪو آهي ته هو مسلمانن لاءِ سعودي عرب وڃڻ واريون براه راست پروازون شروع ڪري سگهي ٿو.

مڊل ايسٽ انسٽي ٽيوٽ ۾ ايران پروگرام جي سربراه، اليڪس وٽانڪا به انهيءَ نڪتي تي زور ڀريندي وي او اي کي ٻڌايو ته ظاهر آهي ته بائيڊن جو هي دورو ابراهيمي معاهدي کي اڳتي اڌائڻ جي باري ۾ آهي ۽ بائيڊن سمجهي ٿو ته اسرائيل ۽ سعودي عرب کي ايران کان خطرو آهي، ان ڪري ٻنهين ملڪن وچ ۾ تعلقات پيدا ڪرڻ ۾ آمريڪا کي مثبت ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. بقول سندس، هن دوري جو مقصد سستي تيل جي رسد نه بلڪه ابراهيمي معاهدي جي توسيع آهي.

ٻئي پاسي، سعودي عرب ۽ آمريڪا وچ ۾ تعلقات به آمريڪي تجزيه ڪارن جي لاءِ بحث جو موضوع بڻيل آهن. ڪن تجزيه ڪارن جي چوڻ مطابق صدر بائيڊن سعودي عرب سان بهتر تعلقات رکڻ چاهي ٿو، اهي تعلقات خاشقجي قتل ڪيس کان پوءِ پوئتي پئجي ويا هيا ۽ بائيڊن ڪيترا ڀيرا خاشقجي قتل جي پس منظر ۾ سعودي عرب کي ڪم ذات قرار ڏئي چڪو آهي.

ايران جوهري معاهدو ۽ اسرائيل

صدر بائيڊن جي اسرائيلي عمل دارن سان ٿيڻ وارين ملاقاتن ۾ ايران ۽ ان جي جوهري پروگرام تي ڳالهه ٻولهه گفتگوءَ جو محور رهيو آهي. اسرائيل ۽ آمريڪا جي رهنمائن يقين ڏياريو آهي ته ايران کي جوهري طاقت بنجڻ نه ڏبو.

ايلڪس وٽانڪا چيو ته ايران پنهنجي جوهري پروگرام جي باري ۾ پاڙيسري ملڪن جا خدشات دور ڪري نه سگهيو آهي. اها ڳالهه صاف ظاهر آهي ته پنهنجي عرب پاڙيسرن کي هو يقين ڏيارڻ ۾ ناڪام رهيو آهي ته سندس ڪي لڪل عزائم ڪونهن، جنهن جي ڪري پاڙيسري مسلمان ملڪن ۾ ايران جي خلاف مخالفت پيدا ٿي آهي.

بائيڊن جي قومي سلامتيءَ جي صلاح ڪار، جيڪ سليوان مطابق، بائيڊن هن موقف تي مضبوطيءَ سان بيٺا آهن ته ايران ڪڏهن به جوهري هٿيار حاصل نه ڪري سگهي ۽ ان جو بهترين طريقو سفارت ڪاري آهي.

ايلڪس وٽانڪا چيو ته سعودي عرب خطي ۾ هڪ وڏو رانديگر آهي ۽ جيڪڏهن سعودي عرب ۽ اسرائيل وچ ۾ تعلقات بهتر ٿين ٿا ته بائيڊن انتظاميا جي اها هڪ وڏي سوڀ ٿيندي.

XS
SM
MD
LG