رسائی کے لنکس

پاڪستان ۾ ٻوڏ جي متاثرين لاءِ آمريڪا پاران هڪ لک ڊالر جي فوري امداد جو اعلان


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

آمريڪا پاڪستان ۾ ٻوڏ جي متاثرين جي بحاليءَ جي لاءِ هڪ لک ڊالر جي فوري امداد جو اعلان ڪيو آهي. اها رقم ڏه لک ڊالرن جي ان امدادي پيڪيج کان علاوه آهي جيڪا آمريڪا پاڪستان جي قدرتي آفتن جي بچاءَ جي زيرين ڍانچي جي اڏاوت جي لاءِ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

آمريڪا جي پرڏيهي معاملن جي وزير، اينٽني بلنڪن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ آمريڪا پاڪستان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺو آهي. سيلاب کان متاثر ٿيل ماڻهن جي بحاليءَ جي ڪم جي حمايت ۾ فوري طور تي هڪ لک ڊالر امداد ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ان ٽوئيٽ ۾ بلنڪن وڌيڪ چيو ته هن فوري امداد کان سواءِ آمريڪا پهريان ئي قدرتي آفتن سان نڀرڻ جي سلسلي ۾ پاڪستان جي لاءِ ڏهه لک ڊالرن جي امداد جو اعلان ڪري چڪو آهي.

پرڏيهي معاملن جي وزير چيو ته آمريڪا ۽ پاڪستان مستقبل ۾ ممڪنه طور تي ڪنهن به ايندڙ موسمي بحران جي اثرات کي گهٽائڻ لاءِ تعاون ڪندا رهندا.

هن چيو ته اسان مشڪل وقت ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺا آهيون ۽ ٻوڏ جي متاثرين جي مدد جي پيش ڪش ڪريون ٿا. فوري امداد ۾ 10،0000 ڊالرن کان علاوه آمريڪا قدرتي آفتن خلاف پيش بنديءَ جي ڍانچي جي تعمير لاءِ هڪ ملين ڊالر جو اعلان ڪيو آهي ۽ اسان ماحوليات جي بحران جي آئنده جي اثرات کي گهٽائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکنداسين.

پاڪستان ۾ آمريڪي سفارت خاني مطابق، هڪ لک ڊالر جي امداد آمريڪا جي بين الاقوامي امدادي اداري، يو ايس ايڊ جي ذريعي فراهم ڪئي پئي وڃي.

پاڪستان ۾ مونسون جي شديد مينهوڳيءَ جو سلسلو جاري آهي جنهن جي نتيجي ۾ دستياب انگن اکرن موجب فوت ٿيڻ وارن جو تعداد 550 کان وڌي چڪو آهي. پاڪستان جي قدرتي آفتن سان نبرڻ واري قومي اداري (اين ڊي ايم اي) جي مطابق، 46،200گهرن کي به انهن بارشن ۾ شديد نقصان پهتو آهي.

سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيڻ وارو صوبو بلوچستان آهي. بلوچستان ۾ هاڻي تائين 196 ماڻهو جڏهن ته سنڌ ۾134 فوت ٿيا آهن. جاري بارشن ملڪ جي سڀ کان وڏي صوبي پنجاب جي ڏاکڻين علائقن کي به تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي. لڏپلاڻ ۽ موسمي مرضن جي ڦهلجڻ جي ڪري ماڻهن جون مشڪلات وڌيون آهن. مون سون جي چوٿين جاري سلسلي دوران ملڪ جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچيءَ ۾ به عام زندگي تمام گهڻو متاثر ٿي آهي.

XS
SM
MD
LG