رسائی کے لنکس

سيلاب متاثرين جي بحالي ۽ نئين سر اڏاوت جي مرحلي دوران بين الاقوامي تعاون جي ضرورت تي زور


وزير اعظم شهباز شريف جي آمريڪي ضدر جي موسمياتي تبديليءَ جي ايلچي، جان ڪيريءَ سان ملاقات. 20 سيپٽمبر 2022
وزير اعظم شهباز شريف جي آمريڪي ضدر جي موسمياتي تبديليءَ جي ايلچي، جان ڪيريءَ سان ملاقات. 20 سيپٽمبر 2022

هاڃيڪار ٻوڏ جي متاثره علائقن ۾ بحاليءَ ۽ نئين سر اڏاوت جي سلسلي ۾ بين الاقوامي تعاون جي ضرورت تي زور ڏيندي، وزير اعظم شهباز شريف خاص طور تي فوري امداد ڏيڻ تي آمريڪا جو شڪريو ادا ڪيو .

هن اها ڳالهه اڱاري ڏينهن موسمياتي تبديليءَ متعلق آمريڪي صدارتي ايلچي، جان ڪيريءَ سان ملاقات دوران چئي.

وزير اعظم شهباز شريف هن وقت نيو يارڪ ۾ آهي جتي هو گڏيل قومن جي اداري جي جنرل اسمبليءَ جي ستهتروين اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي.

جان ڪيريءَ سان ملاقات دوران پاڪستاني وزير اعظم چيو ته موسمياتي تبديليءَ جي حوالي سان آگهي پيدا ڪرڻ ۽ هن بحران جي حل جي لاءِ آمريڪا جون ڪوششون قابل تعريف آهن. ساڳئي وقت، هن ماحولياتي تبديلين جي لاءِ بائيڊن انتظاميه پاران اهم ڪردار ادا ڪرڻ جو اعتراف ڪيو.

وزير اعظم هائوس جي هڪ پريس ريليز مطابق، شهباز شريف چيو ته پاڪستان عالمي گرين هائوس گيس جي اخراج ۾ هڪ في صد کان به گهٽ حصو ادا ڪري ٿو، ان جي باوجود اسان جو ملڪ موسمياتي تبديليءَ کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ڏهن ملڪن ۾ شامل آهي.

هن چيو ته تازي سيلاب جي ڪري 1400 کان وڌيڪ ماڻهو هلاڪ ٿي ويا آهن، ٽي ڪروڙ 30 لکن کان مٿي موسمياتي طور تي بي دخل ۽ بي گهر ٿيا آهن، جن منجهان ڇهه لکن کان وڌيڪ حامله خواتين هيون. چاليهه لک ايڪڙ تي پوکيل فصل ضائع ٿيو. هن چيو ته پاڪستان کي هڪ وڏي قدرتي آفت درپيش آئي.

شهباز شريف پاڪستان سميت ترقي ڪندڙ ملڪن کي موسمياتي مالياتي مدد، ٽيڪنالاجيءَ جي منتقلي ۽قدرتي آفتن سان نبرڻ جي صلاحيت وڌائڻ جي صورت ۾ گهربل اوزار فراهم ڪيا وڃن ۽ان سلسلي ۾ پيرس معاهدي هيٺ اقدامات لاءِ آمريڪا جي قيادت جي اهميت تي زور ڏنو.

بائيڊن جي خصوصي ايلچي، جان ڪيريءَ پاڪستاني عوام ۽ حڪومت ساڻ يگانگت جو اظهار ڪيو ۽ سيلاب جي ڪري درپيش ايندڙ چيلنجن کي منهن ڏيڻ لاءِ آمريڪي انتظاميا جي مسلسل حمايت جو يقين ڏياريو.

جان ڪيريءَ چيو ته آمريڪا پاڪستان سان انفرا اسٽرڪچر جي نئين سر اڏاوت ۾ تعاون سان گڏ و گڏ ٻين قسمن جي گهربل مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي، جيڪا مستقبل ۾ هن قسم جي بحران کي ٽارڻ ۾ مدد ڏيندي.

ٻنهين ڌرين موسمياتي تبديليءَ ۽ توانائيءَ جي حوالي سان ويجهو تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.

XS
SM
MD
LG