رسائی کے لنکس

اوڪاڙا کان پنڌ حج جو سفرڪرڻ وارو عثمان ارشد مڪي پهچي ويو


عثمان ارشد
عثمان ارشد

پاڪستان جي شهر اوڪاڙا مان حج جي لاءِ پيرين پيادو سفر ڪرڻ وارو عثمان ارشد مڪي پهچي ويو آهي.

هن پنهنجي اباڻي شهر، اوڪاڙي مان پهرين آڪٽوبر تي پنڌ سفر جي شروعات ڪئي هئي. سفر جي دوران هو ڪڏهن ڪڏهن سوشل ميڊيا تي وڊيوز شيئر ڪندو رهيو آهي.

جمعي ڏينهن هڪ ٽوئيٽ ۾ عثمان ٻڌايو ته مڪي پهچي هن عمري جي سعادت حاصل ڪري ورتي آهي جنهن ۾ هن هڪ تصوير به شيئر ڪئي آهي.

ان کان اڳ ۽ ٽوئيٽ ۾ هن ٻڌايو ته ڇهه مهينا ۽ 13 ڏينهن ۾ 5400 ڪلوميٽر جو پيادو سفر طئي ڪري هو مڪي پهچي ويو آهي.

گزريل سال جون ۾ 59 سالن جو برطانيه جو شهري آدم محمد 11 مهينا سفر ڪري پنڌ انگلينڊ کان مڪي پهتو هو.

عثمان ارشد پهرين آڪٽوبر تي پنجاب مان سفر شروع ڪرڻ کان پوءِ هڪ مهيني ۾ ڪوئٽا پهتو هو جنهن کان پوءِ هو بلوچستان جي رستي کان ايران داخل ٿيو هو. سندس رستي ۾ ايران، عراق ۽ ڪويت شامل هيا جتان هو سعودي عرب پهتو.

ان سفر متعلق عثمان ٻڌايو ته هن پرڏيهي وزير بلاول ڀٽي زرداريءَ سان ملاقات ڪري پنڌ حج ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي ۽ رستي ۾ اچڻ وارن ملڪن مان ڪليئرنس جو يقين ڏيارڻ کان پوءِ حج جي لاءِ سفر شروع ڪيو هو.

واضح رهي ته پنڌ سفر ڪري مڪي پهچڻ کان اڳ عثمان اوڪاڙي کان ’خنجراب پاس’ تائين پيادو وڃي چڪو آهي. هيءُ سفر هن تقريبن 34 ڏينهن ۾ طئي ڪيو هو.

XS
SM
MD
LG