افغانستان جي اترئين صوبي، بلخ ۾ گورنر هائوس ۾ ٿيڻ واري هڪ بم ڌماڪي ۾ طالبان جي مقرر ڪيل صوبائي گورنر سميت ٽي ڄڻا مري ويا آهن.
پوليس ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته خميص ڏينهن صبح جو ٿيڻ واري ان بم ڌماڪي ۾ گورنر مولوي محمد دائود مزمل سميت گورنر هائوس ۾ موجود ٻيا ٻه ماڻهو به هلاڪ ٿيا.
بلخ جي پوليس ترجمان محمد آصف وزيريءَ خبرن جي اداري رائيٽرز کي ٻڌايو آهي ته ڌماڪو خميص تي صبح جو نوين وڳي گورنر هائوس جي ٻيءَ ماڙ تي ٿيو.
هن چيو ته پوليس واقعي جي ڇنڊ ڇاڻ شروع ڪري ڏني آهي. شهادتون ڪٺيون ڪيون پيون وڃن. تحقيقات کان پوءِ ئي حقائق سامهون آڻي سگهجن ٿا.
ٻه سال اڳ افغانستان ۾ طالبان جي ڪنٽرول سنڀالڻ کان پوءِ هيءُ واقعو بد امنيءَ جي واقعن ۾ چوٽيءَ جي سرڪاري شخصيتن جي مارجي وڃڻ جي وڏن واقعن ۾ شمار ٿي رهيو وڃي.
خيال رهي ته افغانستان ۾ دهشت گرديءَ جي وڏن واقعن جي ذمي داري دولت اسلاميه داعش قبول ڪندي رهي آهي.
ڪيترن ئي واقعن ۾ مسجدن ۽ امام بارگاهن کي به نشانو بڻايو ويو آهي جڏهن ته طالبان سيڪيورٽي فورسز جي خلاف به حملن جي ذمي داري داعش قبول ڪندي رهي آهي.
پوئين سال آگسٽ ۾ نينگرين جي تعليم جي حامي طالبان اڳواڻ، رحيم الله حقاني ڪابل ۾ بم ڌماڪي ۾ ماريو ويو هو.
هو ڪابل ۾ پنهنجي مدرسي ۾ موجود هيو جڏهن مصنوعي ٽنگ ۾ ڌماڪي خيز مواد لڪائي اندر آڻڻ واري حملي آور بارودي مواد کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. داعش ان حملي جي ذمي داري قبول ڪئي هئي.
(هن خبر جو مواد رائيٽرز تان ورتو ويو آهي)