رسائی کے لنکس

رت ۾ ڪوليسٽرول جي سطح گهٽائڻ جي نئين دوا، نيڪسليٽول


رت ۾ موجود خراب ڪوليسٽرول ’ايل ڊي ايل’ جي اوچي سطح رڳن کي سوڙهو ڪندي آهي، جنهن جي ڪري دل جي بيمارين ۽ فالج جو خطرو وڌي ويندو آهي. 4 مارچ، 2023.
رت ۾ موجود خراب ڪوليسٽرول ’ايل ڊي ايل’ جي اوچي سطح رڳن کي سوڙهو ڪندي آهي، جنهن جي ڪري دل جي بيمارين ۽ فالج جو خطرو وڌي ويندو آهي. 4 مارچ، 2023.

رت جي صحت جي لاءِ هاڃيڪار ڪولسٽرول جي علاج جي لاءِ گهڻي ڀاڱي ’اسٽيٽن’ جون گوريون استعمال ٿينديون آهن، پر دنيا ۾ اهڙن ماڻهن جو انگ لکن ۾ آهي جيڪي اسٽيٽن جي ’سائيڊ افيڪٽس’ جي ڪري اها دوا واپرائي نه ٿا سگهن. مسئلو اهو آهي ته اسٽيٽن استعمال نه ڪري سگهڻ وارن وٽ ان جو توڙ ڪونهي.

تازو هڪ نئين طبي کوجنا مان ظاهر ٿئي ٿو ته ’Nexletol’ نالي واري هڪ دوا به ڪوليسٽرول گهٽائڻ ۾ مدد ڏئي ٿي، جيڪا انهن ماڻهن جي لاءِ فائديمند آهي جيڪي اسٽيٽن استعمال نه ٿا ڪري سگهن. هن دوا سان دل جي دوري ۽ ڪجهه دل جي ٻين مسئلن جي خطري کي گهٽائڻ ۾ مدد ملي ٿي.

نيڪسليٽول اڳ ۾ ئي واپرائي پئي وڃي جنهن کي ڪجهه ڊاڪٽر انهن مريضن جي لاءِ تجويز ڪندا آهن جن کي ڪوليسٽرول جو وڌيڪ خطرو هوندو آهي. پر هاڻي تائين اها دوا اسٽيٽن سان گڏ ملائي ڏني ويندي آهي.

هڪ نئين کوجنا ۾ نيڪسليٽول جو اسٽيٽن کي ملائڻ بنا الڳ تجربو ڪيو ويو جنهن مان پتو پيو ته هيءَ دوا به ڪولسٽرول سان لاڳاپيل صحت جي خطرن کي گهٽائڻ ۾ هڪ جيتري فائديمند آهي.

ڪليولينڊ ڪلينڪ جي ڊاڪٽر اسٽيون نيسن ان طبي کوجنا جي سرواڻي ڪئي. سندس چواڻي، اسٽيٽن کي هاڻي به ڪوليسٽرل جي سطح گهٽائڻ جي علاج ۾ بنيادي اهميت حاصل آهي.

پر، هن چيو ته جيڪي ماڻهو پنهنجي طبي مسئلن جي ڪري اسٽيٽن جون گوريون واپرائي نه ٿا سگهن، اهي گهڻا ضرورتمند مريض آهن ۽ سندن علاج تمام ڏکيو آهي. ليڪن، نيڪسليٽول نالي مٽا واري دوا جي گورين جو ماڻهن جي صحت تي وڌيڪ سٺو اثر پئجي سگهي ٿو.

سبزيون ۽ فروٽ خراب ڪولسٽرول جي سطح گهٽائڻ ۾ مدد ڏين ٿيون
سبزيون ۽ فروٽ خراب ڪولسٽرول جي سطح گهٽائڻ ۾ مدد ڏين ٿيون

ڪولسٽرول جا ٻه قسم آهن جن منجهان هڪ کي سٺو ڪولسٽرول ۽ ٻئي کي خراب ڪولسٽرول سڏيو ويندو آهي.

خراب ڪولسٽرل کي طبي زبان ۾ ’ايل ڊي ايل’ به چيو ويندو آهي. هيءُ ڪولسٽرول رڳن ۾ ڄمي انهن کي سوڙهو ڪري ڇڏيندو آهي جنهن جي ڪري دل جا دورا ۽ فالج جو خطرو وڌي ويندو آهي.

اسٽيٽن نالي واريون گوريون رت ۾ ايل ڊي ايل ڪولسٽرول جي سطح کي گهٽائينديون آهن ۽ انهن ماڻهن جي علاج ۾ فائديمند هونديون آهن جن ۾ ڪولسٽرول جي سطح اوچي هوندي آهي. اهي جگر جي ڪوليسٽرول پيدا ڪرڻ جي عمل ۾ ڪمي آڻيندا آهن.

هوڏانهن، اسٽيٽن جي ’سائيڊ افيڪٽس’ منجهان سڀني کان اهم پٺن ۾ سخت سور محسوس ٿيڻ آهي. ليڪن اهو واضح ناهي ته هي سور ڪيتري عرصي ۽ تسلسل سان ٿيندو آهي. ڪجهه اندازن مطابق لڳ ڀڳ 10 في صد بيمار اها دوا نه ٿا وٺي سگهن. ان صورت ۾ هنن وٽ گهٽ آپشن موجود هوندا آهن، مثلا ڪولسٽرول گهٽائڻ وارا مهانگا انجيڪشن يا ’زٽڪيا’ نالي واريون گوريون.

ٻئي پاسي، نيڪسليٽول رت ۾ ڪولسٽرول جي سطح گهٽائڻ جي لاءِ جگر ۾ ڪولسٽرول پيدا ڪرڻ جي عمل ۾ ڪمي آڻيندي آهي ۽ هن دوا سان پٺن تي ٿيڻ وارو نقصانده اثر به نه ٿيندو آهي.

پنجن سالن تائين اها کوجنا جاري رهي جنهن ۾ لڳ ڀڳ 14،000ماڻهن کي شامل ڪيو ويو جيڪي اسٽيٽن نه پيا واپرائي سگهن، سواءِ ان جي ته انهيءَ دوا جو گهٽ ڊوز واپرائن. مطالعي ۾ شامل اڌ مريضن کي روزانو نيڪسليٽول ۽ باقي اڌ نقلي گوريون ڏنيون ويون.

مطالعي جي نتيجن مان ظاهر ٿيو ته انهن مريضن مان، جن ۾ دل جي بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ جو خطرو وڌيڪ هو، دل جي دوري جي خطري ۾ 13 سيڪڙو ڪمي آئي.

سبزيون
سبزيون

کوجنا ڪرڻ وارن جڏهن مختلف سببن جو جائزو ورتو ته هنن کي پتو پيو ته 23 سيڪڙو مريضن ۾ دل جي دوري جو خطرو گهٽجي ويو. خراب ڪولسٽرول جي اوچي سطح جو سڀني کان وڌيڪ اثر دل جي دوري جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو آهي. هن دوا سان رڳن جي بندش ۾ به 19 سيڪڙو گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي.

هي انگ اکر ’نيو انگلينڊ جرنل آف ميڊيسين’ ۾ شائع ٿيا ۽ ڇنڇر ڏينهن آمريڪن ڪاليج آف ڪارڊيالاجي جي اجلاس ۾ پيش ڪيا ويا. ان مطالعي جي لاءِ رقم نيڪسليٽول ٺاهڻ واري ڪمپني، ايسپرين ٿيراپيوٽڪس فراهم ڪئي.

ڊيوڪ يونيورسٽيءَ جي ڊاڪٽر، ايڇ اليگزينڊر، جيڪو هن کوجنا ۾ شامل نه هيو، ٻڌايو آهي ته اها تحقيق نيڪسليٽول واپرائڻ ۾ انهن بيمارن جي حوصلي افزائي ڪري ٿي جيڪي اسٽيٽن استعمال نه ٿا ڪري سگهن يا نه ٿا ڪرڻ چاهن.

ليڪن، هن اهو به چيو ته ان دوا ۾ استعمال ٿيڻ واري ڪيميائي مرڪب کي اسٽيٽن جو متبادل سمجهڻ اڃان قبل از وقت آهي. جيڪڏهن رڳن کي پهچڻ وارن فائدن جون ٺوس شهادتون ملي ٿيون وڃن تيسيتائين اسٽيٽن سڀ کان سٺو انتخاب آهي.

(هن خبر جي لاءِ معلومات ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتي وئي آهي)

XS
SM
MD
LG