رسائی کے لنکس

امجد شعيب خلاف بغاوت تي اڀارڻ جو ڪيس خارج


ليفٽيننٽ جنرل (ريٽائرڊ) امجد شعيب
ليفٽيننٽ جنرل (ريٽائرڊ) امجد شعيب

اسلام آباد جي ھڪ مقامي عدالت پاڪستاني فوج جي اڳوڻي ليفٽيننٽ جنرل امجد شعيب خلاف عوام کي بغاوت تي اڀارڻ جو ڪيس خارج ڪري ڇڏيو آهي.

ايڊيشنل سيشنز جج طاهر عباس سپرا امجد شعيب جي جسماني رمانڊ تي نظرثاني جي درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو. مٿس ھڪ ٽي وي پروگرام دوران حڪومت مخالف تجزيو پيش ڪرڻ ۽ ماڻهن کي ادارن خلاف ڀڙڪائڻ جو الزام هو.

ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ عدالت پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته امجد شعيب خلاف ڪي به پڪا ثبوت پيش نه ڪيا ويا آھن.

اڳوڻي فوجي آفيسر کي بري ڪندي، عدالت ڪيس خارج ڪرڻ جو حڪم ڏنو. واضح رهي ته اسلام آباد پوليس امجد شعيب کي آچر ۽ سومر جي وچ واريءَ رات سندس رهائشگاهه تان حراست ۾ ورتو هو. سندس خلاف ماجسٽريٽ اويس خان جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو ھو
ان ڪيس ۾ عدالت امجد شعيب کي ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي پڻ ڪيو ھو. امجد شعيب جي جيل جي اندران هڪ تصوير به سامهون آئي جيڪا سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي.

عدالت آڏو امجد شعيب موقف اختيار ڪيو ته ٽي وي پروگرامن ۾ ھو پنهنجو تجزيو پيش ڪندو آھي، جنهن تي ڪنهن به حڪومت عمل ناهي ڪيو.


سندس وڪيل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته امجد شعيب اھڙي ڪابه ڳالھ ناھي ڪئي جنھن تي اهڙي قسم جو ڪيس ٺاهيو وڃي، تنھن ڪري عدالت امجد شعيب خلاف ڪيس خارج ڪري.

ڪيس ۾ التجا ڪندڙ موقف اختيار ڪيو هو ته 25 فيبروريءَ تي ٽي وي چينل ’بول’ جي هڪ شو دوران امجد شعيب هڪ سوال جي جواب ۾ چيو هو ته ”اهڙي حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي جنهن ۾ اپيل ڪئي وڃي ته اسلام آباد جي سرڪاري آفيسن ۾ ڪو به نه ويندو. جيڪڏهن ان سڏ تي ماڻهو نه ويا ته حڪومت ضرور ڪجھ سوچڻ تي مجبور ٿيندي’’.

درخواست گزار الزام هنيو هو ته ان بيان ۽ تجزيي ذريعي امجد شعيب سرڪاري ملازمن ۽ اپوزيشن پارٽين کي سندن قانوني ۽ سرڪاري فرض سرانجام ڏيڻ کان روڪڻ تي اڀاريو آھي.

(عاصم علي رانا جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG