رسائی کے لنکس

اندور ٽيسٽ ۾ هار؛ ڪوهلي جي ڪارڪردگيءَ تي سوال اٿڻ لڳا


ويران ڪوهلي 19 فيبروري 2023 تي نئين دهليءَ جي ارون جيٽلي اسٽيڊيم ۾ آسٽريليا جي خلاف ٻيو ٽيسٽ ميچ کيڏندي
ويران ڪوهلي 19 فيبروري 2023 تي نئين دهليءَ جي ارون جيٽلي اسٽيڊيم ۾ آسٽريليا جي خلاف ٻيو ٽيسٽ ميچ کيڏندي

اندور ٽيسٽ ۾ ڀارت جي آسٽريليا هٿان 9 وڪيٽن تان ھارائجي وڃڻ کان پوءِ جتي ڪرڪيٽ جا ھندستاني مداح مايوس ڏسڻ ۾ پيا اچن اتي مبصرن کي اڳوڻي ڪپتان ويرات ڪوهليءَ جي ڪارڪردگيءَ تي پريشاني آهي.

ميچ ۾ آسٽريلوي بيٽسمين عثمان خواجه ۽ ميزبان ٽيم جي چيتيشور پجارا کانسواءِ ٻيو ڪو بيٽسمين ھاف سينچري نه ٺاهي سگهيو، جڏهن ته ويرات ڪوهلي جو ٻنهي اننگز ۾ نه هلڻ سندس رڪارڊ خراب ڪري رهيو آهي.

سيريز جي پهرين ميچ ۾ ويرات ڪوهلي 12، ٻئي ۾ 44 ۽ ٽئين ۾ 20 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته هن اندور ٽيسٽ ۾ 22 ۽ 13 رنسون ٺاهيون.

ڪوھلي گذريل 41 ٽيسٽ اننگز ۾ ڪا ھڪ به سينچري ناھي ٺاهي، جڏهن ته ان دوران ھن ڇهه ھاف سينچريون اسڪور ڪيون.

هن آخري ٽيسٽ سينچري نومبر 2019 ۾ بنگلاديش خلاف اسڪور ڪئي هئي، جنھن کان پوءِ مداحن کي سندس 28 هين ٽيسٽ سينچري جو انتظار آهي. گزريل 21 اننگز ۾ ڪوهلي جي فقط ھڪ ھاف سينچري راند جي شوقينن کي ڏاڍو مايوس ڪيو.

اڳوڻي آسٽريلوي ٽيسٽ ڪرڪيٽر مارڪ وا ميچ کانپوءِ آسٽريلوي ٽي وي تي تبصرو ڪندي چيو ته ويرات ڪوهلي جهڙي رانديگر جو گھڻي وقت تائين سينچري نه ٺاهڻ پريشاني جوڳو آهي. اميد آھي ته ھو جلد ئي ڪا سينچري اسڪور ڪري واپس فارم ۾ ايندو.


مارڪ وا جو چيو آهي ته ڪوهلي ون ڊي لاءِ سٺي فارم ۾ آهي ۽ گزريل ٽن اننگز ۾ سندس بيٽنگ ڏسي لڳي ٿو ته ڪا به مشڪل سندس آڏو ناهي، فقط پنھنجين معمولي غلطين جي ڪري ھو اننگز کي ڊيگھ ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي نٿو سگھي.

هن چيو ته ويرات ڪوهلي کي رنسون نه ٺاهڻ جو دٻاءُ نه کڻڻ گهرجي، ڇو ته ان سان سندس بيٽنگ تي خراب اثر پوي ٿو.

ڇا ڪوهليءَ جي جاءِ تي نوجوان رانديگر آڻجن؟

سال 2011۾ پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر جي شروعات ڪندڙ ڪوهلي ڀارت لاءِ هن وقت تائين 107 ٽيسٽ ميچ کيڏيا آهن، جنهن ۾ هن 48.12 جي سراسري سان 8230 رنسون ٺاهيون آهن.

هو هن وقت تائين ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 28 ھاف سينچريون ۽ 27 سينچريون اسڪور ڪري چڪو آهي، ۽ هن وقت سڀني کان وڌيڪ ٽيسٽ سينچريون ٺاھيندڙن جي لسٽ ۾ ٻئي نمبر تي آهي. پھريون نمبر اسٽيو سمٿ جو آھي.

نومبر 2019 ۾ ايڊن گارڊن ۾ 136 رنسن جي اننگز کيڏڻ کان پوءِ ھو هڪ به سينچري اسڪور ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. اھڙي پرفارمنس ون ڊي ۽ ٽي 20 ڪرڪيٽ ۾ سندس ڪارڪردگي کي پڻ متاثر ڪري رهي آهي.

گزريل سال هن ھڪ ٽي 20 ۽ ٽي ون ڊي سينچريون ٺاھي ننڍي فارميٽ ۾ سٺي واپسي ڪئي پر ٽيسٽ ۾ سندس رڪارڊ مايوس ڪندڙ ثابت ٿي رهيو آهي.

2019 ۾ ٽيسٽ ڪيريئر جي سڀ کان وڏي انفرادي اننگز 254 ناٽ آئوٽ کيڏندڙ ڪوھلي پنهنجي آخري ٽيسٽ سينچري کان پوءِ ڪڏهن به هڪ اننگز ۾ 80 رنسن کان مٿي اسڪور ناهي ڪيو.

گزريل 40 مهينن دوران ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سندس وڏو اسڪور ڏکڻ آفريڪا خلاف ڪيپ ٽائون ۾ 79 هو، جيڪو هن فارميٽ ۾ سندس آخري ھاف سينچري پڻ آهي. ان وقت کان وٺي هو لاڳيتو 15 اننگز ۾ اڌ سينچري ٺاھڻ ۾ به ناڪام ٿيو آهي.

پوئين سال جنوري ۾ ويرات ڪوهلي جي ئي عمر واري اجنڪيا راهاني کي 82 ٽيسٽ ميچن ۾ نمائندگي ڪرڻ کانپوءِ خراب فارم سبب ٽيم مان ڪڍيو ويو هو. جڏهن ته تازو ئي ڪي ايل راهول کي به انھي ڪري ڪڍيو ويو هو.

هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن ممبئي سان تعلق رکندڙ 25 سالن جو سرفراز خان رانجي ٽرافي ۾ 122 جي سراسري سان صرف 6 ميچن ۾ 982 رنسون ٺاھي به ڀارتي ٽيم ۾ شامل ناهي، ڪوهليءَ تي سليڪٽرن جي اعتماد تي سوال اٿي رهيا آهن.

ياد رهي ته اندور ٽيسٽ ۾ فتح ماڻڻ ساڻ ئي آسٽريليا ايندڙ ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي آهي. في الحال ڀارتي ٽيم ٻئي نمبر تي ته موجود آهي پر ان کي ان جاءِ تي پير ڄمائڻ لاءِ ايندڙ ميچ ۾ سٺي راند کيڏڻي پوندي.

ڀارت کي عالمي ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو ٻيو لاڳيتو فائنل کيڏڻ لاءِ آسٽريليا کي اھا سيريز 1-3 تان ھارائڻي پوندي. جيڪڏهن آسٽريليا سيريز جو آخري ميچ کٽي ورتو، يا ميچ ڊرا ٿي ويو، ته سري لنڪا کي موقعو ملي ويندو ته ھو نيوزيلينڊ خلاف سيريز ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري ڀارت کي ٻي پوزيشن کان محروم ڪري ڇڏي.

(ڪراچيءَ مان عمير علويءَ جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG