رسائی کے لنکس

عمران خان جي نعرن تي بيٺل سياست،’جيل ڀريو’ کان پوءِ ’عدالت بچايو’ تحريڪ


پي ٽي آءِ
پي ٽي آءِ

پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جو چيئرمين عمران خان گذريل سال سندس حڪومت جي خاتمي کان پوءِ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي ھاڻوڪي حڪومت خلاف سرگرم آهي.

ان دوران هن ڪيتريون ئي ريليون ڪڍيون ۽ بي شمار احتجاجي مظاهرا ڪيا، جن لاءِ سياسي مبصرن جو چوڻ آھي ته ان دوران عمران خان پنهنجي سياسي بيان بازي تبديل ڪندو رهيو آهي.

عمران خان پي ڊي ايم حڪومت خلاف لانگ مارچ به ڪري چڪو آهي، جڏهن ته ان سان گڏ اسٽيبلشمينٽ ۽ آمريڪا مخالف نعرا اختيار ڪرڻ کان علاوه چونڊن جي مطالبي تي ’جيل ڀريو’ تحريڪ پڻ ھلائي چڪو آهي.

تازو هن ’عدليه بچايو تحريڪ’ هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي

مبصرن موجب عمران خان حڪومت ۽ ادارن تي سياسي دٻاءُ وجهي سگھوئي عام چونڊون ڪرائڻ چاهي ٿو، جنهن ۾ هو اڃا تائين ڪامياب نه ٿي سگهيو آهي.

اهو ئي ڪارڻ آهي جو سندن سياسي بيان به روز تبديل ٿي رهيا آهن. ھڪ موقف ڪمزور ٿيڻ تي عمران خان ٻيو نئون موقف کنيو اچي، جنهن جو مقصد آھي ڪارڪنن کي متحرڪ رکڻ.

سينيئر تجزيه نگار هما بقائي جو چوڻ آهي ته عمران خان جي سياست هن وقت مختلف نعرن ۽ موقفن تي بيٺل آهي. اڳوڻو وزيراعظم پنهنجي دور ۾ سياسي مخالفن سان جيڪو ڪجھ ڪندو هو، اڄ ھن سان به ساڳيو ئي عمل ٿي رهيو آهي.


وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي هما بقائي چيو ته عمران خان جي طاقت سندس ’اسٽريٽ پاور‘ آهي ۽ جيڪڏهن هن ان طاقت کي مسلسل استعمال ۾ نه آندو ته اها ڪجهه وقت ۾ ختم ٿي ويندي.

هن چيو ته عمران خان کي ھڪ حد تائين ڪاميابي ضرور ملي آهي جو مخالف سندس خلاف ڪرپشن جو ڪو وڏو ڪيس يا مضبوط موقف سامهون ناھن آڻي سگهيا، جڏهن ته ٽيريان وائيٽ ڪيس به عمران خان جي حمايت گهٽائي نه سگهيو آهي.


اڳوڻي وزيراعظم جي حڪمت عملي بابت هما بقائي چيو ته عمران خان چاهي ٿو ته عام چونڊون ٿيڻ تائين سندس ڪارڪنن کي سرگرم رکيو وڃي ۽ پوءِ انھي جوش ۽ جذبي سان اليڪشن ۾ لھي ڪاميابي حاصل ڪجي.

هما بقائيءَ چيو ته عمران خان جي موقف ۾ ڪجهه لچڪ پڻ ڏسجي پئي ڇو ته هو هاڻي ڳالهين جو اشارو ڏئي رهيو آهي. پر بظاهر عمران خان کي به اهڙو ڪو اشارو نه پيو ملي ته ملڪ ۾ ترت اليڪشن ٿيندا.

سينيئر صحافي ۽ تجزيه نگار راشد رحمان جو چوڻ آهي ته عمران خان جو واحد مقصد اقتدار ۾ اچڻ آهي ۽ هو حڪومت وڃڻ کان پوءِ ملندڙ همدردي کي اڃا تائين استعمال ڪري رهيو آهي.

نئين آرمي چيف سان معاملا طئي ڪرڻ جي ڪوشش

وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي راشد رحمان چيو ته عمران خان جي ڪوشش آهي ته نئين آرمي چيف سان معاملا طئي ڪيا وڃن، پ رائين نٿو لڳي ته اسٽيبلشمينٽ عمران خان جي ڳالهه ٻڌندي، ڇو ته اتان پيغام اچي رهيو آهي ته کين سياست کان پري رکيو وڃي.


اڱاري ڏينهن آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ملڪ جي اهم ڪاروباري شخصيتن ملاقات ڪئي جن ۾ ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار به شامل هو. رپورٽن مطابق ملاقات ۾ معاشي صورتحال سان گڏ ڪجهه سياسي معاملا به بحث ھيٺ آيا.

اڳوڻي وزيراعظم جي حڪمت عملي بابت راشد رحمان چيو آهي ته عمران خان جو لانگ مارچ ڪامياب نه ٿي سگهيو، ان کان پوءِ ’جيل ڀريو’ تحريڪ هلي سا به ناڪام ٿي. هن وقت عمران خان رڳو اھو ٿو چاھي ته عوام جي طاقت کي استعمال ڪيو وڃي، ڇو ته هو سمجهي ٿو ته جيڪڏهن شفاف چونڊون ٿيون ته هو کٽي ويندو.

راشد رحمان جو چوڻ آهي ته عمران خان جي گرفتاريءَ واري معاملي تي به حڪومت مونجهاري جو شڪار نظر اچي رهي آهي ۽ ظاھري طور لڳي ٿو ته عمران خان کي ڪير به هٿ نه ٿو لڳائي سگهي. اهڙي حالت ۾ قانون جي عملداري تي به سوال اٿاريا پيا وڃن.

ملڪ جو مقبول ترين اڳواڻ

تجزيه نگار ۽ ڪالم نگار سلمان عابد جو چوڻ آهي ته عمران خان هن وقت تائين جيڪو به موقف ڏنو يا نعرو ھنيو ان تي تنقيد ٿي سگهي ٿي پر ان ھوندي به هو ملڪ جو مقبول ترين اڳواڻ آهي.

وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي سلمان عابد چيو ته عمران خان کي ڪمزور ڪرڻ جون سموريون ڪوششون ناڪام ويون آهن، سندس مقبوليت ۾ لاڳيتو اضافو ٿي رهيو آهي.


هن چيو ته هن وقت عمران خان جو موقف ئي سگھارو آهي ۽ هو حڪومت تي مسلسل دٻاءُ وڌائي رهيو آهي.

اڳوڻي وزيراعظم جي هڪ سال جي حڪمت عملي تي سلمان عابد جو چوڻ آهي ته عمران خان جي مقبوليت 60 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي پر هو هڪ سال دوران مختلف موقف اختيار ڪرڻ باوجود ڪاميابي ماڻي نه سگھيو آھي.

هن وڌيڪ چيو ته عمران خان پاران طاقتور ادارن کي ڏنل چيلنج سبب سندس عوامي سطح تي مقبوليت وڌي رهي آهي، پر ان سان گڏ ادارن ۾ سندس مخالفت پڻ وڌي وئي آهي، جنهن سان اقتدار ۾ اچڻ جون سندس ڪوششون ناڪام ٿي سگهن ٿيون.

(عاصم علي رانا جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG