رسائی کے لنکس

نئين ۽ پراڻي پاڪستان جو بحث ڇڏي ’اسان جي پاڪستان’ جي ڳالهه ڪرڻ کپي، آرمي چيف


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

پاڪستان جي آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان ۾ هن وقت ڪا ’نو گو ايريا’ ڪانهي. نئين ۽ پراڻي پاڪستان جو بحث ڇڏي سڀني کي ’اسان جي پاڪستان’ جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي.

پاڪستان جي سرڪاري ٽيلي ويزن مطابق انهن خيالن جو اظهار آرمي چيف جنرل عاصم منير جمعي ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ قومي سلامتي ڪاميٽيءَ جي ’ان ڪيمرا’ اجلاس جي دوران ڪيو.

آرمي چيف چيو ته پاڪستان وٽ وسائل ۽ افراد قوت جي ڪا ڪمي ڪانهي.

هن چيو ته عوام جا چونڊيل نمائندا منزل جو تعين ڪندا، پاڪستان فوج ملڪ جي ترقيءَ ۽ ڪاميابيءَ جي سفر ۾ سندن ڀرپور ساٿ ڏيندي.

آرمي چيف چيو ته دهشت گردن سان مذاڪرات جو نقصان انهن جي وڌيڪ گروه بنديءَ جي صورت ۾ سامهون آيو. ملڪ جي سيڪيورٽيءَ جي لاءِ پاڪستان جي فوج تيار آهي.

هن چيو ته دهشت گردن وٽ رياست جي رٽ تسليم ڪرڻ کان علاوه ٻيو ڪو رستو ڪونهي. انهن جي خلاف روزانه جي بنياد تي انٽيلي جينس جي بنياد تي آپريشن جاري آهي.

قومي سلامتي ڪاميٽيءَ جي اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبرن خيبرپختونخوا ۾ مجوزه فوجي آپريشن جي حوالي سان خيالن جو اظهار ڪيو.

اجلاس ۾ وزير اعظم شهباز شريف، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽي زردري، بچاءَ واري وزير خواجا آصف سميت ٻين وزيرن ۽ اختياريءَ وارن شرڪت ڪئي.

وائس آف آمريڪا جي نمائندي علي فرقان جي مطابق اسپيڪر قومي اسيمبلي راجا پرويز اشرف جي صدارت ۾ ٿيڻ واري ان بند ڪمري جي اجلاس متعلق ڪو اعلان جاري نه ڪيو ويو آهي. ليڪن مختلف سياسي جماعتن جي ميمبرن وائس آف آمريڪا سان غير رسمي گفتگوءَ ۾ ان بريفنگ تي اطمينان جو اظهار ڪيو.

ڪن ميمبرن نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته آرمي چيف بريف ڪيو ته قبائلي ضلعن ۽ افغانستان جي سرحدي علاقئن ۾ ڪو نئون فوجي آپريشن نه شروع ڪيو ويندو، بلڪه اڳ ۾ ئي انٽيلي جينس جي بنياد تي جاري ’ٽارگيٽڊ آپريشن’ کي تيز ڪيو ويندو.

خيبر پختونخوا سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ جي هڪ ميمبر وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو ته آرمي چيف بندش پيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) سان مذاڪرات کي غلطي قرار ڏنو.

هڪ ٻئي ميمبر چيو ته جنرل عاصم منير ٽي ٽي پيءَ سان ٿيڻ واري ڳالهه ٻولهه کي اسلام جي اصولن جي مخالف قرار ڏنو. سندس بقول، آرمي چيف چيو ته هزارين شهرين ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن اهل ڪارن جي قاتلن کي سزا ڏيڻ بنا ڳالهه ٻولهه ڪيئن ڪري سگهجي ٿي.

پيپلز پارٽيءَ جو چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ايوان مان نڪتو ته غير رسمي گفتگو ڪندي چيو ته دهشت گرديءَ تي قومي سلامتي ڪاميٽيءَ جي ميٽنگ هئي ۽ بند ڪمري اجلاس هئڻ جي ڪري هو ان باري ۾ گفتگو نه ٿو ڪري سگهي.

ٿورائيءَ وارين جاتين سان تعلق رکندڙ پارليمان جي هڪ ميمبر ٻڌايو ته آرمي چيف گفتگوءَ ۾ اسلام ۽ انساني قدرن جو ڪافي ذڪر ڪيو ۽ ان کان سواءِ پارليامينٽ کي سمورن ادارن جي ماءُ قرار ڏنو.

XS
SM
MD
LG