اليڪشن ڪميشن پاران پنجاب اسيمبليءَ جون چونڊون ملتوي ڪرڻ کانپوءِ ملڪ ۾ نئون سياسي ۽ آئيني بحران پيدا ٿيڻ جو انديشو آهي، جڏهن ته تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن جي اهڙي عمل کي آئين کان انحراف قرار ڏئي رهي آهي.
اليڪشن ڪميشن پنجاب اسيمبلي جون 30 اپريل تي ٿيندڙ چونڊون 8 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏيون آھن.
هاڻي سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا سپريم ڪورٽ جي حڪم تي چونڊ جي تاريخ ڏيڻ کانپوءِ چونڊون ملتوي ڪرڻ عدالت جي توهين ته ناهي؟ ڇا سپريم ڪورٽ کي ٻيهر مداخلت ڪرڻي پوندي؟ ڇا عدالت اليڪشن ڪميشن کي مقرر مدي اندر ئي چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي؟ اهي سمورا سوال آهن جن جا جواب اڃا اچڻا آهن.
تحريڪ انصاف ان صورتحال کي ملڪ جي تاريخ جو اهم موڙ قرار ڏيندي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ معاملي کي ڏسي، قوم سندس پُٺ تي موجود آهي.
تحريڪ انصاف جي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ نمائندگي ڪندڙ وڪيل بيرسٽر علي ظفر جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن ڄاڻي ٻجھي آئين کان انحراف ڪيو ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪئي آھي.
بيرسٽر علي ظفر خميص ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي ’انتشار’ قرار ڏيندي چيو ته هي ملڪي تاريخ ۾ ھڪ فيصلي واري گھڙي آهي.
اليڪشن ڪميشن جو موقف آهي ته وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سميت سڀئي منتظم اختياريون پنجاب ۾ آزاد ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ لاءِ ڪميشن جي مدد نه ڪري سگهيا.
پاڪستان جي ھاڻوڪي صورتحال تي تبصرو ڪندي آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ ’ولسن سينٽر’ ۾ ايشيا پروگرام جي ڊپٽي ڊائريڪٽر مائيڪل ڪوگلمين چيو آهي ته پاڪستان ماضي ۾ آئيني بحران، معاشي بدحالي، سياسي زوال، ادارن جي ڀڃ ڊاھ ۽ دهشتگردي جهڙن مسئلن کي منهن ڏنو آھي، پ رائين ڪڏهن ڪوو نه ٿيو آهي ته سمورا مسئلا هينئن گڏ ٿي سامهون اچن.
هن چيو ته ’’مٿي ذڪر ڪيل مسئلن جو نتيجو ائين آهي ڄڻ ڪا سست رفتار ريل گاڏي ھجي، جيڪا ڪنهن منزل تي نه پهچي’’.
ٻئي پاسي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي آئين تي حملو قرار ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن اڄ اهو فيصلو قبول ڪيو ويو ته پاڪستان ۾ قانون جي حڪمراني جو قتل ٿي ويندو.
هن ھڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته اسان ٻه صوبائي اسيمبليون ان اميد سان ٽوڙي ڇڏيون ھيون ته 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرايون وينديون، جنهن جو آئين واضع طور حڪم ڏئي ٿو.
ٻئي پاسي حڪمران جماعت پاڪستان مسلم ليگ (ن) پنهنجي موقف ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته آئين تحت صوبن ۽ وفاق جون چونڊون هڪ ئي وقت ٿيڻ ضروري آھن. جيڪڏهن پنجاب ۾ پهرين چونڊون ٿي ويون ته اها ٻين صوبن سان ڏاڍائي ٿيندي.
وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله اربع تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس دوران چيو ته آئين 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جو چوي ٿو پر آئين ۾ اهو به آهي ته چونڊون صاف ۽ شفاف ٿيڻ گهرجن. جيڪڏهن ٻن صوبن ۾ پهرين چونڊون ٿيون ته چئني پاسي کان ڌانڌلي جو الزام لڳندو، ان ڪري پارليامينٽ هڪ ئي ڏينهن چونڊون ڪرائڻ جي حوالي سان رھنمائي ڪري.
هن چيو آهي ته ”جيڪڏهن عمران خان پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ هارائي ويو ته الزام لڳائيندو ته مرڪز ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت سبب ڌانڌلي ڪئي وئي’’.