رسائی کے لنکس

ٻيڙيءَ جي حادثي ۾ پاڪستانين سميت 59 ڄڻا ٻڏي ويا


سامونڊي ڇوليون ڊٿل ٻيڙيءَ کي اٽليءَ جي ڪناري ڏانهن ڌڪي رهيون آهن. 26 فيبروري 2023.
سامونڊي ڇوليون ڊٿل ٻيڙيءَ کي اٽليءَ جي ڪناري ڏانهن ڌڪي رهيون آهن. 26 فيبروري 2023.

اٽليءَ جي ساحل ويجهو پنھنجا وطن ڇڏي ٻين ملڪن ڏانهن ويندڙ مسافرن جي ھڪ ٻيڙيءَ کي حادثو پيش آيو، جنھن ۾ اٽڪل 59 ڄڻا ٻڏي فوت ٿي ويا. فوتين ۾ ڪيترائي پاڪستاني شهري به شامل آھن.

اختياريءَ وارن جو چوڻ آهي ته فوتين جي انگ ۾ اضافي جو انديشو آهي ڇو ته اڃا به ڪيترائي ڄڻا لاپتا آهن.

خبرن جي اداري ’ايسوسي ايٽڊ پريس‘ موجب ٻيڙيءَ ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت لڳ ڀڳ 200 ماڻھو ويٺل هيا.

آچر ڏينهن صبح جو جڏهن ٻيڙي ڪناري ويجهو پهتي ته اوچتو سامونڊي ٽڪريِءَ سان ٽڪرائجي جي ڪري ڀاڱان ٿي وئي، جنهن ڪري ويٺل ماڻهو پاڻيءَ ۾ ڪريا ۽ ٻڏي فوت ٿيا.

مهاجرن سان لاڳاپيل اقوامِ متحده جي تنظيم (آئي او ايم) جو چوڻ آهي ته فوتين جو انگ ذري گھٽ 100 ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته 80 ڄڻن کي بچايو ويو آهي، جن مان ڪجهه ماڻهو تري ڪناري تائين پهچڻ ۾ پڻ ڪامياب ٿيا آھن.

اداري جو چوڻ آهي ته ٻيڙيءَ ۾ افغانستان، پاڪستان ۽ صوماليه سان تعلق رکندڙ تارڪينِ وطن به سوار هيا.

اٽليءَ جي سرڪاري ميڊيا موجب اختياريءَ وارن هڪ شخص کان پڇا ڳاڇا ڪئي آهي، جنهن بابت چيو ٿو وڃي ته هو انهن مسافرن کي يورپ موڪلڻ جي ڪوشش ڪري رهيو ھو.

ريسڪيو اهلڪارن جو چوڻ آهي ته ٻڏي فوت ٿيندڙن ۾ ٻار به شامل آهن.

وزيراعظم پاڪستان شهبازشريف ٽوئيٽ ۾چيو آهي ته ھن المناڪ حادثي ۾ ٻه درجن پاڪستانين جي فوت ٿيڻ جي خبر ڳڻتيءَ جوڳي ۽ پريشان ڪندڙ آهي.


ھن چيو ته مون پرڏيهي آفيس کي جلد کان جلد حقيقت سامھون آڻڻ ۽ قوم کي اعتماد ۾ وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي.

ڊاڪٽرن جي تنظيم ، ’ڊاڪٽرز ود آؤٽ بارڊرز’ موجب هن واقعي ۾ بچي ويلن کي نفسياتي مدد فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، انھن ۾ 16 سالن جو ھڪ افغاني نينگر به شامل آهي. واقعي ۾ 28 ورهن جي سندس ڀيڻ به حياتي وڃائي ويٺي.

جيئرو بچي ويندڙن ۾ 12 سالن جو هڪ أفغان نينگر اھڙو به آهي جنهن جا ھن حادثي ۾ والدين ۽ چار ڀائر ڀيڻون فوت ٿيا آھن.

ترڪيه رستي يورپ وڃڻ جي ڪوشش دوران ٻيڙيءَ کي حادثي جو هي پهريون واقعو ناهي. ان کان پھرين به يورپ وڃڻ جي خواھشمندن هي خطرناڪ رستو ڪيترائي ڀيرا اختيار ڪيو آهي.

اٽليءَ جي گهرو وزارت موجب 2022 ۾ ھڪ لک پنج ھزار تارڪينِ وطن سمنڊ رستي ملڪ ۾ داخل ٿيا، جيڪي 2021 جي ڀيٽ ۾ 38 ھزار وڌيڪ ھيا.

(هن خبر لاءِ معلومات ايسوسي ايٽڊ پريس تان ورتي وئي آهي)

XS
SM
MD
LG