رسائی کے لنکس

محمد بن سلمان کي جمال خشوگيءَ جي قتل جي مقدمي ۾ استثنا حاصل آهي، آمريڪا


سعودي ولي عهد، شهزادو محمد بن سلمان (فائيل فوٽو)
سعودي ولي عهد، شهزادو محمد بن سلمان (فائيل فوٽو)

آمريڪا جو چوڻ آهي ته سعودي عرب جي ولي عهد محمد بن سلمان کي جمال خشوگيءَ جي قتل جي معاملي ۾ قانوني ڪاروائيءَ کان استثنا حاصل آهي.

خميص ڏينهن جو بائيڊن انتظايا جي طرفان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته شهزادي محمد بن سلمان جي سرڪاري حيثيت جي ڪري آمريڪا ۾ کيس مقتول صحافي جمال خشوگيءَ جي منڱ ۽ شهري حقن جي گروپ ’ڊيموڪريسي فار عرب ورلڊ’ جي پاران دائر مقدمي ۾ قانوني ڪاروائيءَ کان ڇوٽ حاصل آهي.

وائيٽ هائوس جي نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي ترجمان جي جاري ڪيل هڪ تحريري بيان جي مطابق سعودي عرب جي ولي عهد جي استثنا تي پرڏيهي محڪمي جو اهو موقف بين الاقوامي قانون جي طئي شده روايت جي تحت آهي.

ترجمان واضح ڪيو ته ان موقف جو ڪيس جي ’ميرٽ’ سان ڪو تعلق ڪونهي.

ترجمان ان معاملي تي وڌيڪ سوالن جي لاءِ پرڏيهي ۽ انصاف جي وزارتن سان رجوع ڪرڻ جي لاءِ چيو.

ان بيان ۾ جمال خشوگيءَ جي اڳوڻي منڱ خديجه جنگير پنهنجي رد عمل ۾ چيو ته جمال اڄ هڪ دفعو ٻيهر مري ويو آهي.

هن پنهنجيءَ ٽوئيٽ ۾ لکيو آهي ته اسانجو خيال هيو ته آمريڪا ۾ انصاف جي روشني ملندي، ليڪن هڪ ڀيرو ٻيهر مال کي ترجيح ڏني وئي.

بائيڊن حڪومت جي طرفان ڏنل بيان تي اڃان تائين سعودي عرب جي پاران ڪو باضابطه بيان سامهون نه آيو آهي.

انصاف جي محڪمي جو موقف

جمال خشوگيءَ جي معاملي تي آمريڪا ۾ ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا جي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۾ وزارت انصاف جي ايٽارنيز جي جمع ڪرايل دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن رياست جي سربراه جي لاءِ استثنا جو تصور بين الاقوامي قانون ۾ طئي شده روايت جي حيثيت رکندو آهي.

انصاف جي محڪمي جي وڪيلن جو چوڻ آهي ته آمريڪي حڪومت ان ڪيس ۾ مدعا عليه محمد بن سلمان کي غير ملڪي حڪومت جي رياست جي سربراه هجڻ جي ڪري پنهنجو موقف واضح ڪيو آهي ۽ ڪنهن به رياست کي آمريڪي عدالتن جي دائره اختيار مان ڇوٽ حاصل هوندي آهي.

هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ سعودي فرمان روا شاه سلمان بن عبدالعزيز پنهنجي پٽ ۽ ولي عهد محمد بن سلمان کي هڪ شاهي حڪم نامي جي ذريعي مملڪت جو وزير اعظم مقرر ڪيو هو.

هن حڪم نامي کان پوءِ شهزادي محمد بن سلمان جي وڪيلن آمريڪا جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي هئي جنهن ۾ چيو ويو هو ته شاهي فرمان کان پوءِ ولي عهد کي پنهنجي منصب جي بنياد تي عدالتي ڪاروائيءَ کان استثنا جو حق ملي ويو آهي.

درخواست ۾ آمريڪا ۾ مملڪت جي ٻين سربراهن کي مليل استثنا جو حوالو ڏيندي ولي عهد جي خلاف مقدمو خارج ڪرڻ جي التجا ڪئي وئي هئي.

بائيڊن حڪومت جي موقف تي تنقيد

صدر بائيڊن کي هلندڙ سال جولاءِ ۾ توانائي ۽ سيڪيورٽي جي معاملن تي گفتگوءَ جي لاءِ سعودي عرب جي دوري ۾ محمد بن سلمان سان ملاقات ڪرڻ تي تنقيد ڏسڻي پئي هئي.

وائيٽ هائوس ان باري ۾ بيان جاري ڪيو هو ته صدر بائيڊن شهزادي محمد بن سلمان تي واضح ڪيو هو ته هو کيس صحافي جمال خشوگيءَ جي قتل جو ذمه دار سمجهي ٿو.

سعودي ولي عهد جمال خشوگي جي قتل جا احڪامات جاري ڪرڻ جي ترديد ڪندو رهيو آهي. ليڪن هن بعد ۾ اهو تسليم ڪيو ته ڪاروائي سندس نگرانيءَ ۾ ٿي هئي.

جمال خشوگي آمريڪا جي اخبار ’واشنگٽن پوسٽ’ ۾ سعودي ولي عهد جي پاليسين تي تنقيد ڪندو رهيو هو. هو آڪٽوبر 2018 تي هڪ ترڪ شهريءَ ۽ پنهنجي منڱ خديجه جنگير سان شادي جي دستاويز حاصل ڪرڻ جي لاءِ استنبول ۾ سعودي سفارت خاني ويو هو جتي کيس سعودي عمل دارن قتل ڪري ڇڏيو هو.

(هن خبر ۾ شامل معلومات خبرن جي اداري، رائيٽرز تان ورتي وئي آهي)

XS
SM
MD
LG