رسائی کے لنکس

ڪرونا وائرس، صدر بائيڊن’نيشنل امرجينسي’ هٽائي ڇڏي


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

آمريڪي صدر جو بائيڊن ڪرونا وائرس جي بچاءَ جي لاءِ ٽي سال اڳ آمريڪا ۾ لڳايل نيشنل امرجينسي ختم ڪري ڇڏي آهي.

ان سلسلي ۾ صدر بائيڊن ڪانگريس پاران نيشنل امرجينسي هٽائڻ جي لاءِ منظور ڪيل قرارداد تي سومر ڏينهن صحي ڪئي. اها امرجينسي اهڙي وقت ختم ڪئي وئي آهي جڏهن 11 مئي تي ان جو مدو پورو ٿي رهيو هو.

نيشنل امرجينسي جي ذريعي حڪومت ڪرونا وائرس جي ڦهلاءَ کي روڪڻ جي لاءِ وڏي پيماني تي هنگامي قدم کنيان، جڏهن ته ان سلسلي ۾ اربين ڊالر جي رقم خرچ ڪئي وئي.

هن امرجينسيءَ هيٺ متاثر ٿيڻ واري ڪاروبار کي سهارو ڏيڻ لاءِ ڪيترن ئي مختلف معاشي پيڪيجز جو اعلان ڪيو ويو هو.

امرجينسيءَ تحت آمريڪا، ميڪسيڪو سرحد تي به سخت پابنديون لڳايون ويون هيون. وبا جو زور ٽٽڻ کان پوءِ امرجينسي هيٺ گهڻن منصوبن کي اڳ ۾ ئي ختم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪجهه مرحلي وار ختم ڪيا پيا وڃن.

وائيٽ هائوس جي پاران سومر ڏينهن رڳو هڪ سٽ جي بيان ۾ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي وئي ته صدر بائيڊن هن قرارداد تي صحي ڪري ڇڏي آهي.

عوامي سطح تي هن قرارداد جي مخالفت جي باجود صدر بائيڊن ان کي ويٽو نه ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي.

بائيڊن انتظاميا مطابق، جڏهن کين اهو اندازو ٿي ويو ته ڪانگريس امرجينسي ختم ڪرڻ چاهي ٿي ته مختلف سرڪاري ادارن کي به عام رواجي انداز ڏانهن موٽڻ جون تياريون شروع ڪرڻ جي لاءِ چيو ويو آهي.

خيال رهي ته پوين ٽن سالن دوران آمريڪا ۾ ڪرونا وائرس جي ڪري 10 لکن کان وڌيڪ فوتگيون ٿي چڪيون آهن.

ٽي سال اڳ ٽرمپ انتظاميا جنوري 2020 ۾ وبا جي ڦهلاءَ جي ڪارڻ ملڪ ۾ هيلٿ امرجينسي نافذ ڪئي هئي.

ان کان پوءِ وبا جي ڪري عام زندگيءَ جي رواني رڪجي وڃڻ جي ڪري ان وقت جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ مارچ 2020 ۾ نيشنل امرجينسي لڳائڻ جو اعلان ڪيو هو.

(هيءَ معلومات خبرن جي اداري، ايسو سي اٽيڊ پريس تان ورتي وئي آهي)

XS
SM
MD
LG