رسائی کے لنکس

افغانستان مان فوج جي تڪڙي واپسي ۽ بدنظميءَ جو ڪارڻ ٽرمپ جون پاليسيون قرار


آمريڪي قومي سلامتي ڪائونسل جو ترجمان، جان ڪربي اخباري بريفنگ ڪندي. 6 اپريل 2023.
آمريڪي قومي سلامتي ڪائونسل جو ترجمان، جان ڪربي اخباري بريفنگ ڪندي. 6 اپريل 2023.

بائيڊن اتظاميا سال 2021 ۾ افغانستان مان آمريڪي فوج جي هاڃيڪار ۽ تڪڙي ڀاڄ جو ذمي دار پنهنجي پيش رو اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي قرار ڏنو آهي، جنهن جي ڪري سندس صدارت جي عهدي جي شروعاتي ڏينهن دوران ڪجهه وقت تائين اونداهو اثر پيو.

وائيٽ هائوس ملڪ جي سڀ کان ڊگهي جنگ جي خاتمي متعلق آمريڪي پاليسين جي باري ۾ 12 صفحن تي مشتمل هنگامي قدمن تي ٻڌل رپورٽ جو خلاصو خميس ڏينهن جاري ڪيو آهي. رپورٽ ۾ وائيٽ هائوس پنهنجي پاران کنئيل قدمن جي تمام گهٽ ذمي داري قبول ڪئي آهي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته بائيڊن انهن اپائن وٺڻ جي لاءِ ’’تمام گهڻو مجبور’’ هيو.

رپورٽ ۾ تسليم ڪيو ويو آهي ته افغانستان مان آمريڪين ۽ اتحادين جي واپسي ستت ئي شروع ٿي وڃڻ گهرجي ها، ليڪن دير جي ذمي داري افغان حڪومت ۽ فوج، ۽ آمريڪي فوج ۽ انٽيلي جينس ڪميونٽيءَ جي جائزن تي عائد ڪئي وئي آهي.

مختصر دستاويز جو مسودو ڪنهن آزاد اداري جي بجاءِ وائيٽ هائوس ۾ قومي سلامتي ڪائونسل تيار ڪيو هو. انتظاميا چيو ته پرڏيهي محڪمي ۽ پينٽاگان جي طرفان ڪيل تفصيلي جائزو، جيڪو خميس تي خانگي طور تي ڪانگريس کي موڪليو ويو آهي، تمام گهڻو ڪلاسيفائيڊ هيو ۽ ان کي عوام جي لاءِ جاري نه ڪيو ويندو.

وائيٽ هائوس جي سمريءَ ۾ چيو ويو آهي ته ’’افغانستان مان واپسي جي طريقه ڪار جي سلسلي ۾ صدر بائيڊن پنهنجي پيش رو جي پيدا ڪيل حالتن جي ڪري سخت مجبور هيو’’.

رپورٽ ۾ ان ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪايو ويو آهي ته جڏهن بائيڊن عهدو سنڀاليو ان وقت ’’طالبان تمام گهڻي مضبوط پوزيشن ۾ هيا ۽ 2001 کان پوءِ انهن کي لڳ ڀڳ اڌ ملڪ تي قبضو حاصل هيو يا اهي افغان حڪومت جو مقابلو ڪري رهيا هيا’’.

ان ۾ چيو ويو آهي ته افغان فوج جي لڙائيءَ لاءِ آمادگيءَ جي باري ۾ انٽيلي جينس ڪميونٽي جي حد کان وڌيڪ پر اميد اندازن کي غلط قرار ڏنو ويو هو، ۽ چيو ويو هو ته بائيڊن آمريڪي فوج جي واپسيءَ جي لاءِ فوجي ڪمانڊرن جي سفارشن تي عمل ڪيو.

فوج جي واپسيءَ متعلق ريپبلڪنز جي تنقيد

ڪانگريس ۾ ريپبلڪنز فوج جي واپسيءَ جي دوران ڪابل جي هوائي اڏي تي خودڪش بم ڌماڪي ۾ 13 فوجين جي مارجي وڃڻ جي سلسلي ۾ افغانستان مان واپسيءَ تي تمام گهڻي تنقيد ڪئي هئي، جنهن ۾ 100 کان مٿي افغان باشندا ماريا ويا هيا.

اڳوڻي ميرين سارجنٽ ٽائلر ورگاس اينڊروز، جيڪو ڌماڪي ۾ شديد زخمي ٿيو هو، گزريل مهيني ڪانگريس جي ٻڌڻيءَ دوران چيو هو ته فوج جي واپسي هڪ ’’تباهي هئي’’ ۽ ان ۾ ’’احتساب جي عمل جي ناقابل معافي گهٽتائي هئي’’.

خميس ڏينهن قومي سلامتيءَ جي ترجمان، جان ڪربيءَ واضح ڪيو ته ’’اسان به ان کي ٺيڪ نه سمجهو هو. پر ان باري ۾ سوالن کي نظرانداز ڪيو ويو. بائيڊن کي پنهنجي فيصلن ۽ واپسيءَ جي عمل جي لاءِ کنئيل قدمن تي ڪو پڇتاءُ ڪونهي’’.

رپورٽ جي باري ۾ ڪربيءَ چيو ته ’’ان جو مقصد احتساب ناهي، بلڪه مستقبل جي فيصلن جي لاءِ سبق حاصل ڪرڻ آهي’’.

(هيءَ رپورٽ ايسو سي ايٽڊ پريس جي معلومات تي مشتمل آهي)

XS
SM
MD
LG