صدر جو بائيڊن چيو آهي ته هو پنهنجي صلاح ڪارن جي نئين ٽيم ذريعي آمريڪي معيشت جي بحاليءَ لاءِ پنهنجي منصوبن جي تحفظ جي لاءِ تيار آهي، جن جو مقصد ريپبليڪنز جي رنڊڪون پيدا ڪرڻ جو مقابلو ڪرڻ آهي، جيڪي حڪومتي خرچ ۾ ڪمي ڪرڻ چاهن ٿا.
ريپبلڪنز قرض جي آمريڪي حد، جيڪا 31.4 ٽريلين ڊالر آهي، ان وقت تائين وڌائڻ لاءِ تيار ناهن جيسيتائين بائيڊن انتظاميه حڪومتي اخراجات ۾ گهٽتائيءَ تي رضامند نه ٿي ٿئي.
وائيٽ هائوس چيو آهي ته بائيڊن انتظاميه اخراجات ۾ ڪمي آڻڻ متعلق ڳالهه ٻولهه جي لاءِ رڳو ان وقت تيار ٿيندي جڏهن قرض جي حد وڌائي ويندي.
هونئن ته هن وقت ملڪ ۾ بيروزگاري گزريل 53 سالن جي هيٺين ترين سطح تي آهي، پر ان وڏي ڪاميابيءَ جي باوجود عوام ۾ بائيڊن جي مقبوليت جي شرح صرف 36 في صد آهي. صدر بائيڊن چيو ته ريپبلڪنز اميرن، وڏين وڏين ڪمپنين ۽ وڏن دواساز ادارن کي فائدو پهچائڻ جي ايجنڊا تي هلي رهيا آهن.
ميري لينڊ جي رياست جي هڪ وسنديءَ، لنهم ۾ هڪ ٽائون هال اجلاس کي خطاب ڪندي، بائيڊن ريپبلڪنز تي الزام لڳايو ته اهي حڪومت تي خرچ ۾ گهٽتائي ڪرڻ جي لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا آهن، جڏهن ته سندن پنهنجي منصوبن تي عمل درآمد سان قرضن ۾ ٽن ٽرلين ڊالرن جي واڌ ايندي.
بائيڊن چيو ته سندس انتظاميه جي منصوبن تي عمل ڪرڻ جي ڪري آمريڪي قرضن ۾ ٻن ٽريلين ڊالرن جي ڪمي ايندي، جڏهن ته ان کان علاوه 1.7 ٽريلين ڊالرن جي ڪمي اڳ ۾ ئي اچي چڪي آهي. ۽ هو پنهنجي ان وعدي تي قائم آهي ته ساليانو چار لک ڊالر ڪمائڻ وارن جي لاءِ ٽيڪس ۾ واڌ نه ڪئي ويندي.
پوئين مهيني ايوان جي ڪنٽرول سنڀالڻ کان پوءِ ريپبلڪنز انهن قانونن کي ميسارڻ يا انهن ۾ تبديلي آڻڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي منظوري ڏني آهي جن کي بائيڊن جي حمايت حاصل آهي.
صدر بائيڊن پنهنجي ’اسٽيٽ آف دي يونين’ خطاب سميت پنهنجي تقرير ۾ پنهنجي ترقياتي پاليسين جي ذڪر سان گڏ ريپبلڪنز تي تنقيد به جاري رکي آهي.
(هن خبر جي لاءِ مواد رائيٽرز تان ورتو ويو آهي)