رسائی کے لنکس

بلاول جو اتحادي حڪومت کان الڳ ٿيڻ جو اشارو؟


پي ڊي ايم (فائيل فوٽو)
پي ڊي ايم (فائيل فوٽو)

مرڪز ۾ اتحادي حڪومت ۾ شامل ٻي وڏي سياسي جماعت، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ (پي پي پي) جي اڳواڻ ۽ پرڏيهي وزير، بلاول ڀٽي زرداريءَ حڪومت کان الڳ ٿيڻ جو اشارو ڏنو آهي.

هن چيو آهي ته جيڪڏهن وفاق سنڌ جي ٻوڏ جي متاثر ماڻهن جي امداد فراهم ڪرڻ جو وعدو پورو نه ڪيو ته سندس پارٽيءَ جي لاءِ حڪومت ۾ شامل رهڻ ڏکيو ٿي پوندو.

پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ جي ان بيان معاشي ۽ سياسي ڏکيائين ۾ ڦاٿل اتحادي حڪومت جي آڏو هڪ وڌيڪ چيلينج کڙو ڪيو آهي.

پوئين سال اپريل ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي خلاف قومي اسيمبليءَ ۾ تحريڪ عدم اعتماد جي ڪاميابيءَ کان پوءِ وزير اعظم شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ موجوده حڪومت اقتدار ۾ آئي هئي. ليڪن ان کان پوءِ سياسي بي يقينيءَ ملڪ کي اندروني ۽ معاشي ڏکيائين ۾ وجهي ڇڏيو آهي.

بلاول ڀٽي زرداريءَ جي پاران حڪومت کان الڳ ٿيڻ جو اشارو اهڙي وقت مليو آهي جڏهن مخالف ڌر جي طرفان ٽوڙيل ٻن صوبائي اسيمبلين جون چونڊون ٿيڻ واريون آهن.

مبصرن چيو آهي ته پيپلز پارٽيءَ وٽ اتحاد کان جدا ٿيڻ جو رستو ڪونهي، البته مهانگائيءَ ۽ ٻن صوبن ۾ ممڪنه چونڊن جا ڪري پي پي پي حڪومت کان فاصلو ڪرڻ چاهي ٿي.

’اها غير معمولي ڳالهه آهي’

تجزيه نگار ۽ سينئر صحافي مظهر عباس چيو آهي ته بلاول ڀٽي زرداريءَ حڪومت کان جدا ٿيڻ جي ڳالهه پهريون ڀيرو ڇيڙي آهي، ان جي ڪري اها ’’غير معمولي’’ آهي.

وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي، هن چيو ته حڪومت پنهنجي مقبوليت وڃائي ويٺي آهي، ان جي ڪري بلاول ان کان فاصلو اختيار ڪرڻ گهري ٿو، پر اڃان اهڙيون حالتون ڪونهن جو پيپلز پارٽي حڪومت کان الڳ ٿيڻ جو سوچي.

مظهر عباس چيو ته پيپلز پارٽيءَ کي پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي چونڊن ۾ حصو وٺڻو آهي جنهن جي ڪري اها وفاق کان فاصلو ڪرڻ گهري ٿي. ليڪن ان جو مطلب اهو ناهي ته اها حڪومتي اتحاد کان الڳ ٿي وڃي.

’پيپلز پارٽي آدم شماريءَ جي معاملي تي به دٻاءُ وڌائڻ گهري ٿي’

هن وڌيڪ چيو ته حڪومتي اتحاد انتخابي اتحاد ناهي، ان ڪري پيپلز پارٽي کي الڳ جماعت طور چونڊن ۾ حصو وٺڻو آهي. حڪومت جي موجوده ڪارڪردگي عوامي سطح تي متاثر ڪندڙ ڪانهي.

سياسي ناتن جي تجزيه ڪار ۽ سينئر صحافي افتخار احمد چيو آهي ته بلاول ڀٽي زرداريءَ جي حڪومت کان عليحدگيءَ جو اشارو سياسي نه بلڪه عوامي مسئلي جي بنياد تي آهي.

’حڪومت کان الڳ ٿيڻ جو تاثر ٺيڪ ڪونهي’

هن وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو ته پيپلز پارٽيءَ جو چيئرمين سيلاب متاثرين جو مقدمو کڻي سموري دنيا آڏو ويو ۽ عالمي ادارن کي امداد جي لاءِ راغب ڪيو.

افتخار احمد چيو ته اهڙي وقت جڏهن بلاول ڀٽو زرداري دنيا جي امداد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، وفاقي حڪومت جي طرفان ٻوڏ متاثرين جي بحاليءَ جي لاءِ اعلان ڪيل رقمن جي جاري نه ٿيڻ تي سندس ناراضگي جائز آهي.

هن چيو ته بلاول جو هيءُ بيان عوامي ڪاوڙ جي عڪاسي ڪري ٿو، ليڪن اهو تاثر ته هو حڪومت کان الڳ ٿي رهيو آهي صحيح ڪونهي.

سياسي جماعتون هڪ سمجهوتي تحت حڪومت ۾ شامل آهن’

افتخار احمد چيو ته حڪومتي اتحاد کان الڳ ٿي پيپلز پارٽي ڪاڏي ويندي؟ ڇو ته مخالف ڌر جي جماعت، تحريڪ انصاف سان شراڪت داري نه ٿي ٿي سگهي. ان ڪري، بلاول ڀٽو زرداري الڳ نه ٿيندو.

هن چيو ته حڪومتي اتحاد انتخابي اتحاد ناهي، بلڪه سياسي جماعتون سمجهوتي هيٺ حڪومت ۾ شامل آهن.

سندس بقول ايندڙ عام چونڊن ۾ آدم شماريءَ جي نتيجي ۾ نئن حلقه بندين تي ٿينديون، ان جي ڪري هي سياسي معاملو به آهي.

هن چيو ته پيپلز پارٽيءَ کي آدم شماري ڊجيٽل طريقي سان ڪرائڻ تي به تحفظات آهن. پارٽي گهري ٿي ته وفاق سندس تحفظات دور ڪري.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه وفاق کي خط لکي آدم شماريءَ تي پنهنجي تحفظات جو اظهار ڪري چڪو آهي.

بلاول ڀٽي زرداريءَ به چيو آهي ته جيڪڏهن اهڙي غلط طريقي سان ڪنهن جي هدايتن تي ڊجيٽل آدم شماري ڪرائي ويندي ته پيپلز پارٽي ان کي قبول نه ڪندي.

علي فرقان جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG