پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽي زرداريءَ چيو آهي ته دهشت گرديءَ جو ڪنهن مذهب، رنگ يا نسل سان تعلق جوڙڻ درست ڪونهي.
نيو يارڪ ۾ خميص ڏينهن اخباري ڪانفرنس ڪندي، هن چيو ته ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته دهشت گردي سڄي دنيا جو مسئلو آهي، ۽ دهشت گرديءَ جا واقعا ڪنهن هڪ ملڪ ۾ نه ٿيا آهن بلڪه مختلف وقتن تي مختلف ملڪ ان جا شڪار رهيا آهن، جن ۾ يورپ، آمريڪا ۽ پاڪستان شامل آهي.
هن چيو ته اهو ئي سبب آهي جو گزريل ٻن ڏهاڪن کان وٺي دنيا دهشت گرديءَ کان ڇوٽڪاري جون ڪوششون ڪري رهي آهي، جنهن مقصد جي لاءِ مختلف لائحه عمل ۽ طريقه ڪار تيار ڪيا ويا ۽ انهن تي عمل درآمد يقيني بنائڻ جون ڪوششون ڪيون ويون.
پرڏيهي وزير چيو ته دهشت گرديءَ کي روڪڻ لاءِ اهڙن عناصرن جي مالي مدد ۽ معاونت روڪڻ لاءِ اثرائتا اپاءَ ڪرڻا ضروري آهن.
پاڪستان جو ذڪر ڪندي، بلاول چيو ته ماضيءَ ۾ جوهر ٽائون لاهور ۾ ۽ ڪراچيءَ ۾ چيني شهرين خلاف حملن جا واقعا پيش آيا، ۽ ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته ملوث عناصر کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.
هن چيو ته جوهر ٽائون لاهور جي ڌماڪي ۾ مبينه طور تي ڀارت ملوث آهي، جنهن جا ثبوت موجود آهن.
بلاول ڀٽي زرداريءَ الزام مڙهيو ته ڀارت ۾ مهاتما گانڌيءَ جا مخالف حڪومت ۾ آهن، جن منجهان ڪن جا هٿ مبينه طور تي دهشت گرديءَ ۾ ٻڏل آهن.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته تازو ڪابل ۾ پاڪستان جي سفير تي قاتلانه حملو ٿيو جنهن ۾ هو معجزانه طور محفوظ رهيو. هن چيو ته عبيد الرحمان نظاماڻي پهريان کان طئي ٿيل بريفنگز ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان واپس آيو آهي ۽ ستت ئي ڪابل واپس ويندو.
يوڪرين جي جنگ جي باري ۾ هن چيو ته لڙائيءَ جي ڪري نه صرف يوڪرين جي لاءِ بلڪه دنيا جي معيشت ۽ پيٽرول ۽ گيس جون قيمتون شديد متاثر ٿيون آهن.
پاڪستان آمريڪا تعلقات جي باري ۾، بلاول ڀٽي زرداريءَ چيو ته آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ساڻ ناتا بهتر بنائڻ جون ڪوششون جاري آهن. جتي فاصله آهن انهن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.
هن چيو ته پاڪستان جي موجوده حڪومت جي دور ۾ آمريڪا سان اعلي سطحي رابطن ۾ واڌ آئي آهي ۽ آمريڪا ۽ پاڪستان جا تعلقات پهرين افغانستان جي آئيني ۾ ڏٺا پئي ويا، جڏهن ته آمريڪي پرڏيهي وزير اينٿني بلنڪن سان ملاقات کان پوءِ باهمي تعلقات کي ٺوس بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جا ناتا ٻنهين ملڪن لاءِ اهميت جا حامل آهن.
سندس بقول، ان کان اڳ، ٻنهين ملڪن جا تعلقات نوانوي في صد دهشت گرديءَ جي گرد گهمي رهيا هيا، جڏهن ته هاڻي اهي ٻه طرفا ناتا صحت، ماحوليات، تجارت جي شعبن ۾ وڌي ويجهي رهيا آهن.
هن چيو ته باهمي احترام سان گڏ ٻنهين ملڪن جا تعلقات بهتر ٿي رهيا آهن. هن چيو ته اها دعوا نه ٿي ڪري سگهجي ته راتون رات ڪا وڏي تبديلي اچي وئي آهي، ليڪن تعلقات اڳتي وڌي رهيا آهن. هن اها ڳالهه ’وائس آف آمريڪا’ جي سوال جي جواب ۾ چئي.
ايران جي عورتن جي احتجاجي مظاهرن بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايران جون بهادر عورتون پنهنجا حق گهري رهيون آهن، جن ۾ اصلاحات جا مطالبا شامل آهن، جن جو کين پورو حق حاصل آهي.
روس کان تيل خريدڻ جي معاملي تي، پرڏيهي وزير چيو ته اهو سلسلو اڃان شروع نه ٿيو آهي. هن چيو ڪڻڪ خريد ڪرڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي. هن چيو ته ڀارت ۾ روس جي تيل کي صاف ڪرڻ جو ڍانچو موجود آهي جڏهن ته پاڪستان ۾ اها سهولت موجود ڪونهي.
پاڪستان جي سياست جي باري ۾ پڇيل سوال تي هن چيو ته تازو تحريڪ انصاف جي سربراه ۽ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جي پارٽيءَ پاران خالي ڪيل 10 سيٽن تي ضمني چونڊون ٿيون هيون جنهن مان ٽي سيٽون تحريڪ انصاف نه کٽي سگهي هئي، جيڪي پيپلز پارٽيءَ سميت ٻين سياسي جماعتن کٽيون هيون.
هن چيو ته جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ سان ائين ٿئي هان ته اها ڳالهه کيس جي لاءِ پريشان ڪن هجي ها.