رسائی کے لنکس

ڪابل جي وزارت داخله جي مسجد ۾ ڌماڪو، 4 ڄڻا هلاڪ 25 زخمي


ڪابل ڌماڪو (فائيل فوٽو)
ڪابل ڌماڪو (فائيل فوٽو)

افغانستان جي گاديءَ واري هنڌ ڪابل جي وزارت داخله جي ميدان ۾ واقع هڪ مسجد ۾ بم ڌماڪو ٿيو آهي جنهن ۾ 4 ڄڻا هلاڪ ۽ 25 زخمي ٿيا آهن.

هڪ عمل دار مطابق، اربع ڏينهن ٿيڻ واري هن ڌماڪي ۾ زخمين چيو آهي ته اهو خودڪش حملو هو.

طالبان گزريل سال اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ سيڪيورٽيءَ کي پنهنجي ترجيح بنايو آهي، ليڪن تازن مهينن دوران پر تشدد حملن ۾ واڌ آئي آهي ۽ طالبان عمل دار انهن حملن کي گهٽ اهم ڪري پيش ڪندا آهن.

وزارت داخله جي ترجمان، عبدالنافع ٽڪر چيو آهي ته وزارت جي مسجد اندر ڌماڪو اهڙي وقت ٿيو جڏهن نمازي ٻيپهريءَ جي نماز پڙهڻ ۾ مصروف هيا. هن ٻڌايو ته چار نمازي مري ويا جڏهن ته 25 زخمي ٿيا آهن.

هڪ بيان ۾ ترجمان ٻڌايو ته حملي جي باري ۾ تحقيقات جاري آهي. عبدالنافع ان کان اڳ ٻڌايو هو ته ڌماڪو وزارت داخله کان ڪجهه فاصلي تي واقع مسجد ۾ ٿيو آهي.

خبرن جي اداري، اي ايف پيءَ مطابق، اٽليءَ سان تعلق رکندڙ هڪ غير سرڪاري تنظيم، ’امرجينسي’ جيڪا ڪابل ۾ هڪ اسپتال هلائيندي آهي، چيو آهي ته ويهن زخمين کي اسپتال آندو ويو، جن منجهان ٻه اڳ ۾ ئي مري چڪا هيا.

اسپتال منتقل ڪيل ماڻهن جو تعداد وڌي رهيو آهي، ۽ هن ٻڌايو ته هڪ شخص هڪ ڊوائيس ذريعي هي ڌماڪو ڪيو. اها ڳالهه امرجينسي جي ڪنٽري ڊائريڪٽر، ڊي جان پينڪ ٻڌائي آهي.

هن مريضن جو حوالو ڏيندي چيو ته هي هڪ خودڪش حملو هو.

اربع جي ڏينهن هن حملي کان پوءِ اسپتال جي گرد ۽ واردات جي جاءِ ڀرسان طالبان محافظن جي وڏي نفري لڳائي وئي آهي.

هن تازي ڌماڪي کان اڳ گزريل جمعي ڏينهن ڪابل جي هڪ تعليمي مرڪز تي ٿيڻ واري حملي ۾ هينئر تائين، گڏيل قومن جي اداري مطابق، 53 ماڻهو مارجي ويا آهن جن ۾ 46 شاگردياڻيون ۽ عورتون شامل آهن. ان حملي جي ڪنهن گروپ اڃان تائين ذمه داري قبول نه ڪئي آهي. هيءُ حملو دشت پرچيءَ جي علائقي ۾ ٿيو هو جتي تاريخي طور تي ڏاڍائيءَ جي شڪار هزاره برادري آباد آهي.

XS
SM
MD
LG