برطانيه چيو آهي ته هن ايراني هٿيارن جي هڪ وڌيڪ رسد پڪڙي آهي. ان کان اڳ پوئين ٽن مهينن دوران ايران مان سامونڊي رستي موڪليل ڇهه غير قانوني هٿيارن جي رسد پڪڙي وئي آهي.
غير قانوني طرح رواني ڪيل هن ستين رسد جو اعلان برطانيه خميص ڏينهن ڪيو. اعلان ۾ چيو ويو آهي ته ضبط ڪيل اهو اسلحو گزريل مهيبي خليج عمان مان پڪڙيو ويو هو.
برطانيه جي بچاءَ واري وزارت چيو آهي ته 23 فيبروريءَ تي ايران جهاز جي نگراني شروع ڪئي وئي جيڪو رات جي اونداهيءَ جو فائدو وٺي سفر ڪري رهيو هو.
برطانوي سامونڊي جهاز ’ايڇ ايم ايس لنڪاسٽر’ ايراني سامونڊي جهاز سان رابطي جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي مشتبه اسمگلرن نظرانداز ڪندي ايراني سامونڊي حدن ۾ واپس وڃڻ جي ڪوشش ڪئي. ان کان پوءِ برطانيه جي رائل نيويءَ جا اهل ڪار پيڇو ڪندي ايراني جهاز تي سوار ٿي ويا.
آمريڪا جمعي ڏينهن چيو آهي ته هن ان آپريشن جي دوران، جيڪو يمن تائين غير قانوني هٿيارن جي فراهميءَ جي لاءِ تاريخي طور تي استعمال ٿيڻ واري رستي سان لڳ هيو، فضائي نگراني فراهم ڪئي.
بحرين ۾ ٽڪيل برطانوي ۽ آمريڪي سامونڊي فوج جي سينٽرل ڪمان ٻنهين چيو آهي ته ايراني جهاز روسي قسم جا 9 ايم 133 ايراني ساخت جا اينٽي ٽينڪ گائيڊيڊ ميزائيل ۽ وچولي فاصلي تائين مار ڪرڻ واري ايراني ساخت جا بيلسٽڪ ميزائيل کڻي وڃي رهيو هو.
گڏيل قومن جي اداري ۾ برطانيه جي سفير باربرا ووڊورڊ خميص ڏينهن سوشل ميڊيا تي چيو آهي ته ان ضبطگيءَ جي باري ۾ عالمي اداري جي سلامتي ڪائونسل کي اطلاع ڏنو ويو آهي.
آمريڪا مطابق، گزريل ٽن مهينن ۾اهو ستون موقعو آهي جو مغربي اتحادين ايران مان هٿيار ۽ منشيات اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ وارن ايراني جهازن جو رستو روڪيو آهي.
آمريڪا چيو آهي ته ايراني سامونڊي جهاز روڪڻ جي انهن واقعن جي نتيجي ۾ 5000 کان وڌيڪ هٿيار، 16 لک کان وڌيڪ بارودي گوليون، راڪيٽن جي لاءِ 7000 فيوز، راڪيٽ جي ذريعي هلائڻ وارن دستي بمن جي لاءِ 2100 ڪلوگرام ڌماڪا خيز مواد، 30 اينٽي ٽينڪ، گائيڊيڊ ميزائيل، وچين فاصلي تائين مار ڪرڻ وارا بيليسٽڪ ميزائيل جا جزا ۽ 80 لک ڊالر ماليت جي غير قانوني منشيات جي کيپ پڪڙي وئي آهي.
هن هفتي جي شروع ۾ هڪ اعليٰ آمريڪي بچاءَ واري کاتي جي اهل ڪار خبردار ڪيو هو ته روس سان ايران جو وڌندڙ سهڪار تهران جي حڪومت کي ’’عالمي چيلينج’’ بڻائي ڇڏيو آهي.
اڱاري ڏينهن صحافين سان ڳالهائيندي بچاءَ واري کاتي جي ڊپٽي اسسٽنٽ سيڪريٽري، ڊانا سٽرول ’’ايران ۽ روس جي وچ ۾ منفي سهڪار تي ڪنٽرول جي لاءِ’’ عالمي اتحاد تي زور ڏنو.
(وي او اي نيوز)