فلوريڊا ۾ سال 2000 کان هاڻي تائين 17000کان وڌيڪ وڏا نانگ (ازدها) پڪڙيا ويا آهن، پر اڃان هزارين فلوريڊا جي وارياسن علائقن ۾ ڦري رهيا آهن. اها ڳڻتي ڏيڻ واري حقيقت آهي، ڇو ته هي رينگڻ وارو ساهوارو جيوت هن علائقي جي لاءِ نئون هيو. اڃان به هتان جو ڪونه ٿي سگهيو آهي. ڳالهه اها آهي ته اهي هتان جا مڪاني جاندار ناهن ۽ ڏورانهين ملڪن کان هتي آندا وياهيا.ٿئي ائين پيو ته اهي هاڻي هتان جي جانورن جي جنسن جي خوراڪ کائي رهيا آهن.
آرلينڊو جي جهنگلي حيات جي تحفظ جي هڪ پارڪ، ’گيٽ لينڊ پارڪ’ جي ڊائريڪٽر، مائيڪ هيلمن چيو آهي ته انهن ’اروڙن’ (ازدهن) جي ڪري اسان جي علائقي جي سڀ کان وڏي شڪاري جانور يعني مانگر مڇ ۽ واڳن ائين ٿو لڳي ته ڪنن کي هٿ لائي هتان کان لڏپلاڻ تي مجبور ٿي چڪا آهن، جڏهن ته هتان جي ڪيترن ئي جانورن جي لاءِ پاڻ کي بچائڻ ڏکيو ٿي چڪو آهي، جيئن ته ٿڃ پياڪ ننڊا جانور، ڪوئا، سهڙ وغيره جيڪي اڳ ۾ ئي ٻين جانورن جي خوراڪ جو حصو بڻبا آهن.
هن ٻڌايو ته هتان جا مڪاني جانور مقابلو ڪن ٿا، پر جيئن ته اهي وڏا نانگ تمام سگهارا آهن، هنن تي هتان جي هلڪن جانورن جو زور نه ٿو هلي.
ايورگليڊز دنيا جي سڀ کان نرالي ۽ نازڪ ’ايڪو سسٽمز’ منجهان هڪ مڃيل هنڌ آهي، جتي ڪي سال اڳ هر قسم جي جاندارن کي وڌڻ لاءِ ڇڏيو ويو هو. هن ڇهه ملين چورس ڪلوميٽرن جي علائقي ۾ هاڻي ازدها ڦري رهيا آهن، جن علائقي جي جانورن جي توازن کي بگاڙي ڇڏيو آهي، جتي دنيا جا بي شمار ناياب نسل جيئن ته چيتا ۽ آمريڪي مانگرمڇ ڪڏهن موج ۾ هيا.
مائيڪ هيلمن وڌيڪ ٻڌايو ته جڏهن هڪ ڀيرو ڪنهن نئين جانور جو نسل ٻچا ڏيڻ شروع ڪندو آهي ۽ ان کي سازگار ماحول ملندو آهي ته پوءِ عام طرح سان اهو نسل وڌندو ويجهندو رهندو آهي، ۽ ان کي ختم ڪرڻ ايترو سولو ڪون هوندو آهي.
هن وقت آمريڪي کنڊ ۾ فلوريڊا غير مقامي جهنگلي جانورن جي جنسار جو غير معمولي ڏيک ڏئي ٿو، جتي جانورن جو تعداد گهڻو وڌي چڪو آهي، جنهن جي ڪري ماحول بحران مان گزري رهيو آهي. هن وقت رياست ۾ 500 کان وڌيڪ ڌاريا ٻوٽا ۽ جهنگلي جانورن جا بيشمار قسم هلي ڦري ۽ چري پري رهيا آهن، جن منجهان ڪجهه جيئن ته ازدها هتان جي جانورن جي رهڻ جي جاين تي زوريءَ قبضو ڪري رهيا آهن، جڏهن ته اهي جان بچائڻ جي لاءِ نون ڏيهه ڏسڻ تي مجبور آهن.
سينٽ آگسٽين ۾ فورٽ متانزاز نيشنل مونيومينٽ ۾ نيشنل پارڪ سروس جي هڪ رينجر ۽ نيچرل رسورسز مينيجمينٽ جي هڪ ماهر، ڪرٽ فوٽ چيو آهي ته فطرت کي نواڻ کپي ۽ جڏهن ڪا نئين جنس ايندي آهي ته ٽڪراءَ ۽ تباهيءَ قدرتي ڳالهه آهي جڪا پاڻ سان خطرا به کڻي ايندي آهي.
فلوريڊا ۾ رينگڻ وارن پالتو جانورن جي تجارت چوٽ تي رهي چڪي آهي. سال 1992 ۾ سامونڊي طوفان ’اينڊريو’ جي ڪري برمي ازدهن جي جنس جي افزائش جو مرڪز تباه ٿي ويو هو، جنهن جي نتيجي ۾ جانور آزاد ٿي ويا جن پنهنجي مرضي سان جاڏي وڻين تيڏانهن رخ ڪيو هو.
بس ايترو فرق ضرور پيو ته هاڻي فلوريڊا جي رهواسين کي ازدها پالڻ جي اجازت ڪانهي، جنهن جو ڪنهن زماني ۾ کين ڏاڍو شوق هوندو هو.
سينٽ ڪلاوڊ ۾ هڪ نفعي نقصان بنا ڪم ڪندڙ تنظيم، ’ايميزنگ اينيملز’ ماڻهن جي پاران ڇڏي ڏنل جانورن جي حفاظت ڪندي آهي. ان جي نائب اڳواڻ، ڪائيل رهنالڊز ٻڌايو آهي ته جانورن جي باري ۾ اسان کي ڪيترين ئي ڳالهين کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. مثال جي طور تي طوطا لڳ ڀڳ 80 سال جيرا رهندا آهن. ڪڇون 100 سال تائين زنده رهي سگهن ٿا. ان ڪري انهن کي پالڻ هڪ وڏي ذمي داريءَ جو ڪم آهي.
ڪيترن ئي ڏهاڪن کان وٺي اسپينش سياح جيڪي 1500 جهنگلي مرن کي فلوريڊا کڻي آيا هئا سي هاڻي هر سال لکين ڊالرن جا فصل تباه ڪري رهيا آهن. اهي سڄيءَ رياست ۾ ڦهلجي چڪا آهن. اهي جانور هڪڙو ئي ڪم ڪندا آهن، بس زمين کي کوٽيندا وتندا آهن. ائين به ٿيندو آهي ته کوٽيل جاءِ تي ڪي نوان قدرتي ٻوٽا ۽ وڻ ڦٽڻ شروع ڪن.
ٻئي پاسي، هتي ڪنهن جانور کي ڪو ماري نه ٿو سگهي، نه ته قانون مطابق کيس سزا ملندي. جانور هڪ ٻئي کي پورو ڪن ته اها ٻي ڳالهه آهي!
(وي او اي نيوز)