اھو ڏينھن به پري ڪونھين جڏھن انسان ڪجھ گھڙيون چنڊ تي گزارڻ لاءِ اوڏانهن سفر لاءِ وقت ڪڍي سگهندو يا اُتي بستيون آباد ڪندو. اِن سلسلي ۾ ڪيناڊا جي حڪومت ھن وقت پنھنجي فوجداري قانون ۾ ترميم آڻڻ تي ويچار ڪري رھي آھي، جنھن جو مقصد اھو آھي تہ جيڪڏھن ان جي ڪنھن شھريءِ کان خلا ۾ ڪو جرم سرزد ٿي پوي ته ان تي قانون ڪھڙو لاڳو ٿيندو؟
وائس آف آمريڪا جي نمائندي ڪيناڊا جي شھر وينڪوور مان موڪليل ھڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو آھي تہ بظاھر اھا ڳالھ اڻ ٿيڻي ٿي لڳي، پر ماھرين ان بابت غور ڪري رھيا آھن، ان لاءِ ته خلا جي سياحت ۾ ماڻھو نہ رڳو دلچسپي وٺي رھيا آھن بلڪہ چنڊ جي سفر جي باري ۾ شوق سان پڇا ڳاڇا جاري آھي. ماھرين جو چوڻ آھي تہ ھاڻي وقت اچي ويو آ ته قانون دان ان ڳالھ تي ويچار ڪن ته جيڪڏھن چنڊ جي سفر دوران ڪنھن سياح کان ڪنھن قسم جو ڪو ڏوھ سرزد ٿي ٿو وڃي تہ ڏوھيءَ تي ڪھڙي ملڪ جو قانون لاڳو ٿيندو ۽ معاملو ڪيئن نبيريو ويندو. سندن خيال موجب ڪيناڊا پاران اھڙي نوعيت جي قانون سازي ٻين ملڪن لاءِ ھڪ ماڊل جي حيثيت اختيار ڪري وٺندي.
هن ڏس ۾قانوني ضابطه اڳ ۾ ئي موجود آھن جيڪي بين الاقوامي خلائي اسٽيشن تي سفر دوران ڪنھن کان ڏوه سرزد ٿيڻ جي صورت ۾ جرم جي سزا تجويز ڪري سگھن ٿا، جڏھن ته مختلف ملڪن ۾ رڳوزمين تي رھائش جي حوالي سان قانوني دفعات رائج آھن.
جيڪڏھن خلائي اسٽيشن جي آمريڪي حصي ۾ ڪو ڏوھ ۾ ملوث آهي ته انھن تي آمريڪه جو قانون لاڳو ٿيندو. جيڪڏھن ڪو ٻي شھريت رکندڙ خلاباز ڪنھن ٻئي ملڪ جي خلاباز سان ھٿ چراند ۾ ملوث ٿئي ته ان صورت ۾ ٻئي ملڪ ڳالھ ٻولھ وسيلي فيصلو ڪندا ته ڏوھاريءِ کي چنڊ بدر ڪجي يا مشتبه فرد کي فوري طور تي واپس ملڪ موڪليو وڃي. هٿ چراند جي ڪا وضاحت نه ڪئي وئي آهي.
ٻنھين صورتن ۾ سزا تي عمل درآمد ڏکيو ثابت ٿيندو.
ھن وقت ڪيناڊا ۾ زمين تي لاڳو ٿيندڙ قانون تي ويچار ڪيو پيو وڃي، جڏھن ته خلا جي پولار جي ٻين حصن تي لاڳو ٿيندڙ قانوني منظرنامي جي باري ۾ به بحث جاري آھي. ان حوالي سان 443 صفحن تي مشتمل ھن سال جي بجيٽ تي عمل درآمد لاءِ بل ۾اھا ڳالھ واضح ڪئي وئي آھي ته خلا ۾ ٿيندڙ ڏوھ جي پڪڙ ڪينيڊا ۾ مروج قانون مطابق ٿيندي.
آسٽريليا جي ويسٽرن يونيورسٽي ۾ بين الاقوامي قانون جي پروفيسر، اسٽيون فري لينڊ چيو آھي ته خلائي اسٽيشن جي لاءِ مروجه قانون زيادہ پيچيدہ معاملن جو حل نہ ڪڍي سگھندا. وائس آف آمريڪا سان ڳالھائيندي ھن چيو ته ڪيناڊا جي هن عمل جي ڪري ذمه داري ۽ حقن متعلق دلچسپ سوال اڀريا آھن ڇو ته خلا جي سفر ۾ سياح نه صرف زمين جي محور جو چڪر لڳائيندا بلڪه ستت ئي ھڪ ڏينھن ممڪنہ طور تي چنڊ تي رھندا ۽ِ اتي ئي گھمندا ڦرندا.
ھۡن چيو تہ نوان قانون ٺاھڻ جي ضرورت آھي جيڪي سڀني تي لاڳو ٿين، چاھي سندن شھريت ڪھڙي بہ ھجي.
خلا يا چنڊ تي ڪھڙا ڏوھ ٿي سگھن ٿا؟ ان باري ۾ فري لينڊ ٻڌايو ته ڳالھ رڳو قتل جي ڪانھي، اھو به ٿي سگھي ٿو ته ھو شادي ڪن. ان صورت ۾ سوال پيدا ٿئي ٿو ته ھنن ڪھڙي قانون تحت شادي ڪئي. ٿي سگھي ٿو ته ھو ٻار پيدا ڪرڻ جو به سوچن. ان صورت ۾ ھنن ۽ سندن ٻارن جي قوميت ڪھڙي ھوندي؟ اهو معاملو اٿندو. ڏينھن پري ڪونھن جڏھن چنڊ تي بستيون تعمير ٿينديون ۽ اتي ترقي ٿيندي.
ميڪ گل يونيورسٽيءِ جي پروفيسر، رام جاکي چيو آھي ته معاملو ٽيڪنالاجيءِ ۾ ترقيءِ جو ناھي، بلڪہ خلا جو سفر حقيقت جو روپ ڌارڻ ئي وارو آھي.
ان ڪري، بقول رام جاکي، قانون ٺاھڻ ضروري آھن جيڪي ان حقيقت جي گھربل پرک ڪن. ٽيڪنالاجيءَ تي تجربه جاري آھن، جيڪا ھاڻي محفوظ ٿي چڪي آھي. هن چيو ته منھنجي خيال ۾ ھاڻي معاملو ڪجھ سالن جو وڃي باقي بچيو آھي. توھان ڏسندا ته ڪيترا ئي ھمراھ سياحت، منجھند يا رات جي مانيءَ کائڻ لاءِ، ھني مون لاءِ يا ڪي شيون تيار ڪرڻ لاءِ چنڊ جو رخ ڪندا!اھي سڀ ڳالھيون ٿيڻ واريون آھن. اھا سائنس فڪشن ڪانھي. يقيني طور تي ائين ئي ٿيڻ وارو آھي.
يونيورسٽي آف مسي سيپي جي اسڪول آف لا جي ايئر اينڊ اسپيس سينٽر جي رابطه ڪار، مشيل ھينلون چيو آھي ته اڄ اھا ڳالھ ڪينيڊا وارن ڪئي آھي سڀاڻي ان موضوع تي امريڪي پنھنجي خيالن جو اظھار ڪندا. اھا فقط اڄ يا سڀاڻي جي ڳالھ آھي.
مشيل چيو ته اسان انسان آھيون. سني ۾ گھٽ وڌايون آھن. ليڪن قانون سڀني تي لاڳو ٿئي ٿو. ڀلي توھان خلا ۾ ھجو، قانون توھان جو پيڇو ڪندو.
ڪيناڊا جو وزير انصاف، ڊيوڊ لماتي انٽرويو لاءِ دستياب نه ٿي سگھيو. ليڪن، سندس آفيس لکت ۾ ھڪ بيان ڏياري موڪليو آهي جنھن ۾ چيو ويو آھي ته قانون ۾ مجوزہ ترميم ڪينيڊا ۽ امريڪا وچ ۾ ٻطرفي ياد داشت جو تسلسل آھي.
ڪيناڊا مئي 2024ع ۾ پنھنجو پھريون مشن خلا ۾ موڪليندو، جنھن ۾ خلاباز سوارھوندا.