سموري دنيا ۾ آچر ڏينهن ڪيٿولڪ مسيحي برادريءَ ’ايسٽر’ جو مذهبي ڏڻ پوري مذهي جذبي ۽ عقيدت سان ملهايو.
ان موقعي تي گرجا گهرن ۾ خصوصي دعائن جون محفلون ٿيون، جنهن کان پوءِ مسيحين سٺيون پوشاڪون پاتيون، پنهنجي گهر وارن ۽ دوست ساٿين سان گڏجاڻيون ڪيون ۽ سٺا طعام پچايا، کاڌا ۽ ورهايا.
پاڪستان ۾ اسلام آباد کان سواءِ ڪراچيءَ، لاهور، ڪوئٽا، پشاور ۽ ملتان ۾ ايسٽر سنڊي جا ميڙ ٿيا. ان سلسلي ۾ ڪراچيءَ جي سينٽ پيٽرڪ گرجا گهر ۾ شاندار تقريب ٿي.، جنهن دوران ملڪ جي سمورين برادرين وچ ۾ ميٺ محبت، سلامتيءَ ۽ رواداريءَ جون خصوصي دعائون ڪيون ويون.
هوڏانهن ان موقعي تي ويٽيڪن سٽيءَ جي سينٽ پيٽرز اسڪوائر ۾ ايسٽر جي مناسبت سان دنيا جو سڀني کان وڏو ميڙ ٿيو، جنهن ۾ هزارين ڄڻا شريڪ ٿيا.
ان موقعي تي پوپ فرينسز ’ماس’ ۽ ’ايسٽر سنڊي’ جي خوشيءَ جي موقعي تي موجود ميڙ کي خطاب ڪيو، جنهن دوران بهار جي مند ۾ پيدا ٿيل گل آندا ويا جنهن محفل جي رونق وڌائي.
ان کان اڳ، ويٽيڪن جي ’سينٽ پيٽرز بيسيليڪا’ جي مرڪزي عمارت جي دريءَ مان پوپ فرينسز پنهنجو ساليانو روايتي مذهبي بيان ڏنو ۽ موجود ميڙ ۽ سموري دنيا جي مسيحين ۽ ٻين قومن جي انسانن جي صحت، خوش حاليءَ، سلامتيءَ، امن، ميٺ ۽ محبت عام ٿيڻ جون خصوصي دعائون ڪيون.
ويٽيڪن شهر جي سيڪيورٽيءَ جو انتظام هلائڻ واري اداري مطابق، صبح سوير ٿيندڙ شاندار ’ماس’ جي ميڙ ۾ 45000 کان وڌيڪ ماڻهو شريڪ ٿيا.
روايت موجب دنيا جا ڪيٿولڪ عقيدي وارا پورو هفتو ويٽيڪن ايندا رهندا ۽ شهر جي رونق وڌائيندا.
هن مذهبي ڏڻ جي اهميت اها ٻڌائي ٿي وڃي ته مسيحي ان ڳالهه ۾ ويساه رکندا آهن ته صليب تي چڙهڻ کان پوءِ اڄوڪي ڏينهن تي ئي يسوح مسيح واپس دنيا ۾ آيو هو. روايتي عقيدت وچان، برڪت جي لاءِ پوپ فرينسز گلاب جو پوتر پاڻي موجود مسيحين مٿان ڇڙڪيو. ان موقعي تي پوپ لاطيني زبان ۾ بائيبل جون ڪجهه صورتون پڙهيون.
هوڏانهن نيدرلينڊ مان بهار جي موسم ۾ ٽڙندڙ مختلف تازن گلن سان ڀريل ٽرڪيون ويٽيڪن پهتيون، جن ۾’ٽيولپس’، ’ڊيفوڊلز’ ۽ هر رنگ ۽ سرهاڻ وارا گل شامل هيا.