رسائی کے لنکس

صدر شي جن پنگ ٽئين مدي جي لاءِ چين جو صدر منتخب


چين جي نيشنل پيپلز ڪانگريس پاران متفقه طور تي صدر چونڊجڻ کان پوءِ، شي جن پنگ ٽيون ڀيرو صدارت جي عهدي جو قسم کڻندي. 10 مارچ 2023.
چين جي نيشنل پيپلز ڪانگريس پاران متفقه طور تي صدر چونڊجڻ کان پوءِ، شي جن پنگ ٽيون ڀيرو صدارت جي عهدي جو قسم کڻندي. 10 مارچ 2023.

چين جي صدر شي جن پنگ ٽئين مدت جي لاءِ ملڪ جو صدر چونڊجي ويو آهي. ڪميونسٽ چين جي باني مائوزي تنگ کان پوءِ صدر شي کي ملڪي تاريخ جو سڀ کان طاقت ور حڪمران سمجهيو ٿو وڃي.

خبرن جي اداري رائيٽرز مطابق، چين جي نيشنل پيپلز ڪانگريس (پارليمامنٽ) جي لڳ ڀڳ ٽن هزار ميمبرن جمعي جي ڏينهن صدر جي چونڊ جي لاءِ ووٽ وڌا ۽ سمورا ئي ووٽ صدر شي جي لاءِ هيا.

اڻهتر ورهن جي صدر شي جي خلاف صدارت جي لاءِ ڪو اميدوار نه بيٺو هو. جمعي ڏينهن رسمي ووٽنگ جو عمل هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهيو جنهن کان پوءِ 15 منٽن جي اندر اليڪٽرانڪ ڪائونٽنگ پوري ٿي.

واضح رهي ته صدر شي گزريل سال آڪٽوبر ۾ ايندڙ پنجن سالن جي لاءِ پاڻ کي پارٽيءَ جو سيڪريٽري جنرل منتخب ڪرايو هو. شي جي چونڊ کان پوءِ ڏهن سالن بعد اقتدار جي منتقليءَ جي روايت به ٽٽي پئي هئي.

صدر شي 2018 ۾ آئين منجهان صدارت جي لاءِ ٻن ڀيرن جي حد به ختم ڪري ڇڏي هئي، جنهن کان پوءِ خيال ڪيو پئي ويو ته صدر شي تاحيات اقتدار ۾ رهڻ جو ارادو رکي ٿو.

جمعي جي ڏينهن پارليامنٽ جي اجلاس جي دوران ملڪ جي نائب صدر ۽ پارليامنٽ جي چيئرمين جي چونڊ به عمل ۾ آئي.

پارليامنٽ 66 سالن جي زائو ليجي کي پارليامنٽ جو چيئرمين ۽ هان زينگ کي ملڪ جو نائب صدر منتخب ڪيو. ٻئي اڳواڻ صدر شي جي پوئين ٽيم جو حصو آهن.

صدر شي سومر ڏينهن پارليامنٽ جي پڄاڻيءَ تي به خطاب ڪندو.

ايندڙ ٻن ڏينهن دوران صدر شي جي پاران منظور ڪيل عهديدارين کي ڪابينا ۾ اعليٰ عهدن تي مقرر ڪيو ويندو.

ڪرونا وائرس جي ڪري چين جي معيشت کي پهچڻ واري نقصان سميت، چين کي اولهه جي ملڪن سان بدترين تعلقات جا چيلينج درپيش آهن.

XS
SM
MD
LG