رسائی کے لنکس

سهڻا ٽوهه پٽن تي


منچي نيل (فائيل فوٽو)
منچي نيل (فائيل فوٽو)

وسطي آمريڪا ۽ غرب الهند جي جزيرن ۾ منچي نيل نالي هڪ وڻ پيدا ٿيندو آهي جنهن کي دنيا جو زهريلو ۽ خطرناڪ ترين وڻ خيال ڪيو ويندو آهي. هن وڻ کي ڪيترن ئي نالن سان سڏيو ويندو آهي. ميڪسيڪو ۾ ان کي موت جو فرشتو سڏيندا آهن جڏهن ته ڪيريبئن جي جزيرن ۾ ان کي بيچ ايپل يعني سمنڊ جي ڪناري وارو صوف چوندا آهن.

گنيز بڪ آف رڪارڊز ۾ سال2011 ۾ان کي دنيا جو خطرناڪ ترين وڻ چيو ويو آهي. ان ۾ لکيل آهي ته هن وڻ جي کئونر ۾ ايتري ته تيزابيت آهي جو ان کي هٿ لائڻ سان کل (چمڙيءَ) تي ڇالا پئجي ويندا آهي.

ان وڻ جو ڦل مٺو ۽ ڏسڻ ۾ ڪچي صوف وانگر هوندو آهي.

گنيز ۾ ان ميوي نما زهر جي باري ۾ لکيل آهي ته ان کي کائڻ سان وات ۽ ڳلي ۾ شديد ڇالا ۽ سور پيدا ٿيندو آهي، جڏهن ته ماڻهو فوت به ٿي سگهي ٿو.

برٽش ميڊيڪل جرنل کي لکيل هڪ خط ۾ ريڊيالاجسٽ، نڪولا ايچ اسٽرائڪ لينڊ غلطيءَ سان هن ميوي نما زهرکي کائڻ جو پنهنجو ذاتي تجربو بيان ڪيو آهي. هن چيو ته 1999 ۾ هوءَ غرب الهند جي جزيري، ٽوباگو جي سمنڊ جي ڪناري تي هڪ دوست سان گهمي رهي هئي ته کين انبن ۽ ناريهلن سان گڏ سائي رنگ جو هڪ ڦل ڪريل لڌو. هن پاڻ ۽ سندس دوست اهو ڦل کاڌو.

نڪولا ٻڌايو ته ذائقي ۾ هيءُ ميوو مٺو ۽ خوشبودار هيو، ليڪن ڪجهه ئي لمحن کان پوءِ ان جو زهريلو اثر شروع ٿي ويو.

ڪجهه ئي دير ۾ ٻنهين کي شديد ساڙي ۽ نڙي بند ٿيڻ جو احساس ٿيو، ۽ ڪجهه ڪلاڪن تائين سڙت شديد سور ۾ تبديل ٿي وئي، جيڪي علامتون اٺن ڪلاڪن تائين جاري رهيون.کين ائين محسوس ٿيو ڄڻ پڄاڻي پري ڪانهي.

سال 2011 ۾ جرنل آف ميڊيسين پنهنجيءَ هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو هو ته اتر آمريڪا جي ڪن شاگردن ڪيريبئن ۾ برسات کان بچڻ لاءِ هن وڻ هيٺان وهڻ جي غلطي ڪئي هئي. انهن شاگردن بت تي خارش۽ اکيون سڙڻ ۽ سجڻ جي شڪايت ڪئي هئي.

ڪيميڪل پيٿالاجيءَ ۾ ڊاڪٽريٽ ڪرڻ واري، مشيل مسڪت لائبريري آف ميڊيسن جي جرنل ۾ لکيو آهي ته هن وڻ کي باهه ڏيڻ سان زهريلو دونهون نڪرندو آهي. يعني ان کي باهه به نه ٿي ڏئي سگهجي.

گنيز بڪ آف رڪارڊز ۾ چيو ويو آهي ته اهو دونهون جيڪڏهن ڪنهن جي اکين تائين پهتو ته نظر هلي وڃڻ جو انديشو ٿي سگهي ٿو. نه ڏهڻ جو نه ئي ڪهڻ جو!

وسڪاري کان پوءِ ٿرسميت، سنڌ جي مختلف هنڌن تي پيدا ٿيندڙ قدرتي ول. هن تصوير ۾ ٽوهه جي ول ۾ ٽوهه لڳل آهن. اهي ننڍڙن هنداڻن جهڙا لڳندا آهن پر کائي نه سگهبا آهن. هي ڪچا ٽوهه جڏهن پڪا ٿيندا آهن ته سندن رنگ ڦڪو ۽ پيلو ٿي ويندو آهي. اڃان خوبصورت لڳندا آهن. پري پري وارن جو ڌيان به پاڻ ڏانهن ڇڪرائيندا آهن.
وسڪاري کان پوءِ ٿرسميت، سنڌ جي مختلف هنڌن تي پيدا ٿيندڙ قدرتي ول. هن تصوير ۾ ٽوهه جي ول ۾ ٽوهه لڳل آهن. اهي ننڍڙن هنداڻن جهڙا لڳندا آهن پر کائي نه سگهبا آهن. هي ڪچا ٽوهه جڏهن پڪا ٿيندا آهن ته سندن رنگ ڦڪو ۽ پيلو ٿي ويندو آهي. اڃان خوبصورت لڳندا آهن. پري پري وارن جو ڌيان به پاڻ ڏانهن ڇڪرائيندا آهن.

منچي نيل ايترو زهريلو ڇو آهي؟

پنهنجي ڪتاب فلوريڊا ۽ ڪيريبئن جي چوپائي مال ۽ پکي پکڻ جي باري ۾ ڊيوڊ نيليس لکيو آهي ته منچي نيل جي وڻ ۾ هيپومينن اي ۽ بي ٻه زهريلا مادا هوندا آهن. ان کان سواءِ ان ۾ موجود ڪجهه مادا ڪارسوجينڪ اثر وارا به ٿي سگهن ٿا جيڪي چمڙيءَ ۾ ٽيومر به پيدا ڪندا آهن.

ڊيوڊ نيليس وڌيڪ ٻڌايو ته هن وڻ ۾ هڪ ٻيو زهريلو مادو، فاربول به هوندو آهي، جنهن کي آمريڪا جي سانتا ڪروز بائيو ٽيڪنالاجيءَ تمام گهڻو هاڃيڪار زهريلو مادو قرار ڏنو آهي، جنهن سان چمڙيءَ تي ڇالا ۽ ڳهڻ جي صورت ۾ جسم سجڻ جي ڪري ساهه جي نالي بند ٿيڻ جو خطرو ٿي سگهي ٿو.

منچي نيل آخر ڪهڙي ڪم جو آهي؟

وڻن جي باري ۾ ويب سائيٽ، ٽري هگر ان وڻ جا فائدا ٻڌائيندي چيو آهي ته هن وڻ تي ڪيترا ئي جاندار رهندا آهن جن تي زهر جو ڪو اثر نه ٿيندو آهي. انهن ۾ وڻن جي ڪرڙي، جنهن کي ڳوهه به چيو ويندو آهي، شامل آهي. ان جي ٿلهيءَ کل تي منچي نيل جو ڪو به اثر نه ٿيندو آهي، ايتري حد تائين جو اها ڳوهه منچي نيل جو ميوو کائيندي به ڏٺي وئي آهي.

ويب سائيٽ مطابق، هن وڻ جا جيڪي فائدا آهن انهن منجهان هڪ سمنڊ جي ڪناري جي زمين جي ڪٽاو کي روڪڻ جو ڪم ڪندو آهي، جڏهن ته هي سامونڊي طوفان جي دوران هوا کي روڪڻ ۾ به مددگار ثابت ٿيندو آهي. يعني ان علائقي جو تمر جو وڻ آهي؟ ان کان علاوه هن وڻ جي ڪاٺي فرنيچر ٺاهڻ لاءِ ڪم ايندي آهي.

باقي رهي ڳالهه ته ان ڀلاريءَ ڪاٺيءَ جي فرنيچر کي استعمال ڪرڻ وارن جو ڇا حشر ٿي سگهي ٿو، ان معاملي تي جڏهن تحقيق مڪمل ٿي ته وڌيڪ قصو بيان ڪبو.

تاريخ ۾ منچي نيل جو ذڪر

آمريڪي رياست فلوريڊا جي وارياسي علائقي، ايورگليڊز تي لکيل پنهنجي ڪتاب، دي سوامپ ۾ آمريڪي صحافي، مائيڪل گليڊن فلوريڊا ۾ يورپي حملي آورن جو ذڪر ڪيو آهي.

هن لکيو آهي ته خوان پونسي ڊي لي اون نالي اڌيڙ عمر جي اسپانويءَ ڪونڪوئسٽيڊور جو حوالو ڏنو آهي. مائيڪل مطابق، پونسي فلوريڊا تي حملو ڪرڻ وارو پهريون يورپي ڪمانڊر هو، هن ئي ان علائقي جو نالو فلوريڊا رکيو هو.

مائيڪل لکيو آهي ته پونسي بحر اوقيانوس جي ڪناري، ڪيپ ڪنائيول وٽ جهاز لنگرانداز ڪري، لهي ٻيڙيءَ ۾ آبنائي جو سفر شروع ڪيو ۽ خليج جي ويجهو شارلي هاربر پهتو. هتي کيس مقامي ڪالوسا وسنديءَ جو پيغام پهچايو ويو. مائيڪل لکيو آهي ته اگرچه پيغام پهچائيندڙ کيس سون ۽ واپار جو وعدو ڪيو، پر ستت ئي ڪالوسا ويڙهاڪن هن تي حملو ڪري ڇڏيو. اسپانوي ويڙهاڪن سندن مقابلو ڪيو پر ڪالوسا امن جو وعدو ڪري وري ٻيهر حملو ڪيو.

پونسي هن علائقي ۾ اٺن ورهن کان پوءِ ٻه سو ويڙهاڪن کي ساڻ وٺي ٻيهر آيو، ليڪن هن دفعي به ڪالوسا وسنديءَ وارن هن تي حملو ڪيو.

هن ڀيري هنن پنهنجي لڙائيءَ جي چال بدلائي. ڪالوسا وسنديءَ جي ويڙهاڪن ايورگليڊز جي وارياستي علائقي ۾ پيدا ٿيندڙ وڻ، منچي نيل جي زهريلي کئنور ۾ پسايل تيرن سان پونسي تي حملو ڪيو. انهن تيرن هن کي زخمي ڪري وڌو ۽ هو ڀاڄ کائي ڪيوبا جي علائقي، هوانا ڏانهن فرار ٿي ويو. ليڪن، جلد ئي سندس زخم پچي گهرا ٿي ويا ۽ هو وڌيڪ جيرو نه رهي سگهيو. اها ڪرامت هئي منچي نيل جي پياري وڻ جي!

XS
SM
MD
LG