رسائی کے لنکس

سڀني جا هٿ ٻڏل آهن، سڀئي ڪاٺ ۾ پوندا؟


توشا خانه
توشا خانه

ڪابينا ڊويزن 446 صفحن تي مشتمل توشا خانه جو 21 سالن جو رڪارڊ پنهنجي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪيو آهي جنهن کان پوءِ پاڪستان ۾ هڪ دفعو ٻيهر توشا خاني جي تحفن وصول ڪرڻ جو بحث شروع ٿي ويو آهي.

توشا خاني جو جنوري 2002 کان ٻه مارچ 2023 تائين جو رڪارڊ جاري ڪيو ويو آهي. ان رڪارڊ جي مطابق اڳوڻي صدرن ۽ وزير اعظمن سميت وزيرن ۽ سرڪاري عمل دارن ڪيترا ئي درجن تحفا حاصل ڪيا. ڪن توشا خاني ۾ گهربل رقم جي ادائگيءَ کان پوءِ تحفا حاصل ڪيا جڏهن ته ڪن تحفي جي رقم جي ادائگيءَ کان سواءِ ئي تحفن کي پاڻ وٽ رکيو.

رڪارڊ جي مطابق، توشا خانه ۾ آخري ڀيرو 24 آڪٽوبر 2022 ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽي زرداريءَ کي ملڻ وارا ٽي تحفا جمع ڪرايا ويا هيا جن جي مجموعي ماليت چئن لکن کان مٿي آهي.

توشا خاني جي قيمت ادا ڪري وصول ڪيل آخري تحفو وزير اعظم شهباز شريف جي سيڪيورٽي آفيسر مظهر علي غوريءَ وصول ڪيو هو. هن ان تحفي جي لاءِ خزاني ۾ ڇهه هزار روپيا جمع ڪرايا هيا.

توشا خاني جو 21 سالن جو رڪارڊ عام ٿيڻ کان اڳ سياسي جماعتن جا ڪارڪن مخالف جماعت جي اڳواڻن تي توشا خاني مان تحفا وٺڻ تي تنقيد ڪندا رهيا آهن، جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) شريف خاندان ۽ حڪمران جماعت جي اتحاد پي ڊي ايم کي نشانو بڻائيندا آهن.

اسان ڄاڻون ٿا ته عمران خان جي خلاف پي ڊي ايم جي توشا خانه مهم جو ڪو بنياد نه هيو، ڇو ته هن جيڪو ڪجهه ڪيو اهو قانون جي دائري ۾ رهي ڪيو هو. پر اسان حيران آهيون ته پي ٽي آءِ سومر ڏينهن هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته ٽي وي اينڪرز جو ڪو ضمير ڪونهي جن اکيون بند ڪري ان معاملي تي پي ڊي ايم جي مهم کي اڳتي وڌايو.

پي ٽي آءِ جي اڳواڻ افتخار درانيءَ الزام لڳايو ته عمران خان کي گهڙي چور چوڻ جي پروپيگنڊا جي ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر مريم نواز هئي، جنهن بنا ڪنهن عهدي جي تحفا پاڻ سان کڻي وئي. اڄ سندس يارهن مهينن کان جاري پروپيگنڊا زمين اندر هلي وئي. پي ٽي آءِ جي چوٽيءَ جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو ته نيب تڪڙ ڪري مريم نواز کي توشا خاني کان واچ وٺڻ تي پڇا جي لاءِ پاڻ وٽ سڏائي ۽ تحقيقات ڪئي وڃي ته ٻن ڪروڙن جي واچ 10 لکن ۾ هڪ خانگي شهريءَ کي ڪيئن ڏني وئي.

توشا خانه جي رڪارڊ موجب مريم نواز توشا خاني مان هڪ پائين ايپل جو دٻو حاصل ڪيو هو.

واچ باب دعوا تي مريم نواز پنهنجي ٽوئيٽ ۾ پنهنجي پوليٽڪل سيڪريٽريءَ کي هدايت ڪئي ته هو فواد چوڌريءَ جي بيان تي وفاقي تحقيقاتي اداري (ايف آئي اي) جي سائبر ڪرائيم ونگ ۾ رپورٽ ڪري.

ميڊيا پرسن شفاعت عليءَ هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته توشا خاني تي بحث پنهنجي جاءِ تي، ليکن وزير اعظم شهباز شريف کي هڪ ڪريڊٽ ضرور وڃي ٿو ته هن پهريون ڀيرو قوم کي ٻڌايو ته انهن جي امانتن منجهان ڇا ڪجهه غائب ٿيندو رهيو آهي. توشا خاني مان حاصل ٿيندڙ تحفن ۾ واچون، زيور، نيڪليس، ڊيڪوريشن پيس، پين، ڪتاب، قرآن پاڪ، پرفيوم، ڪارپيٽ، کنجر، ٽي پاٽ، موبائيل سيٽ، شال ۽ ٻيون قيمتي شيون شامل آهن.

رڪارڊ مطابق، اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ کي 181، اڳوڻي صدر پرويز مشرف 126، اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف 55، شاهد خاقان عباسي کي 27 ۽ عمران خان کي 112 تحفا مليا.

اڳوڻي سفير حسين حقانيءَ هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته توشاخانه بحث جا ٻه نظرانداز ڪيل پهلو آهن، جن مان پهرئون اهو ته قانون پيسا ڏئي ملڪ وارو تحفو پنهنجي استعمال جي لاءِ خريد ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو. اهو تحفو کپائي رقم پاڻ وٽ رکڻ جي اجازت نه ٿو ڏئي.

سندس لفظن ۾ ٻيو پهلو اهو آهي ته نون يا 10 سال حڪومت ڪرڻ وارن کي ٽي سال حڪومت ڪرڻ وارن کي وڌيڪ تحفا مليا هوندا، ڇو ته نون سالن ۾ ٻاهرين ملڪن جا دورا وڌيڪ آهن.

صحافي انصار عباسيءَ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته سڀ ارب پتي ۽ ڪروڙ پتي، ليڪن ڪنهن توشا خاني کي ناهي بخشيو.

صحافي مبشر زيديءَ لکيو آهي ته سڀئي سياسي جماعتن جا ڪارڪن مخالف جماعت جي اڳواڻن تي توشا خاني منجهان تحفا وٺڻ تي تنقيد ڪري رهيا آهن. ليڪن پنهنجي جماعت جي اڳواڻ کان ڪو به نه ٿو پڇي ته ان اهي تحفا ڇو ورتا.

سندس بقول، جنهن ڏينهن اهو ٿيو تنهن ڏينهن ملڪ ٺيڪ ٿي ويندو.

آمنا زبير نالي ٽوئٽر صارف لکيو آهي ته توشا خاني جو معاملو آيو ته پي ڊي ايم ايڪسپوز ٿي وئي آهي، جنهن کان پوءِ منهنجي ذهن ۾ هڪ گانو اچي رهيو آهي، ته ’’سڀئي ڪاٺ ۾ پوندا’’.

XS
SM
MD
LG