اسان سان ايجنٽ ٺڳي ڪئي. هن 28 ماڻهن کي ٻيڙيءَ ۾ ويهڻ جو واعدو ڪيوهو. پرهن 150 کان وڌيڪ ماڻهو ٻيڙيءَ ۾ ويھاريا، جنهن ڪري ٻيڙي وزن برداشت نه ڪري سگهي ۽ سفر جي اڌ ڪلاڪ کان پوءِ ئي کليل سمنڊ ۾ ٻڏي وئي.
اها ڳالهه گجرات جي ڳوٺ دولان والا جي رهواسي محمد عارف ٻڌائي آهي، جنهن جو پٽ علي حسين اٽلي ويجهو مسافرن جي ھڪ ٻيڙيءَ جي حادثي ۾ فوت ٿي ويو آهي.
پنھنجا وطن ڇڏي ٻين ملڪن ڏانهن ويندڙ ماڻھو ان ٻيڙيءَ ۾ سوارھئا جيڪا اٽلي جي ڏاکڻي علائقي ۾ ساحل جي ويجهو ٻڏي وئي. ان دل ڏکوئيندڙ حادثي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 60 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي اڃا تائين غائب آهن.
مارجي ويلن ۾ ڪيترائي پاڪستاني به شامل آهن جن جو تعلق گجرات، منڊي بهاؤالدين ۽ راولپنڊيءَ سان ٻڌايو پيو وڃي.
ايف آءِ اي جي ھڪ ٽيم اڄ گجرات ويجهو ڳوٺ دولان والا جو دورو ڪيو، جتي ٻيڙيءَ جي حادثي ۾ فوت ٿيل علي حسنين جي وارثن جا بيان رڪارڊ ڪيا ۽ انهن کان ايجنٽ بابت پڇا ڳاڇا ڪئي.
ايف آءِ اي ٽيم جو چوڻ آهي ته هو في الحال معلومات گڏ ڪري رهيا آهن جنهن جي آڌار تي ايجنٽ خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
دولان والا جو رهواسي محمد عارف جو ڌنڌو هارپو ڪرڻ آهي. هن ٻڌايو ته سندس پٽ حسنين جي عمر 22 سال هئي ۽ هو روزگار خاطر گزريل هڪ سال کان دبئي ويل هو، پر اتي ڪجھ ڏينھن کان ھو مزوري نه ملڻ ڪري پريشان ھو.
محمد عارف وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو ته حسنين جو رابطو گجرات جي هڪ ايجنٽ سان ٿيو جنهن کيس يورپ موڪلڻ جي آڇ ڪئي. منھنجو پٽ ھن ايجنٽ جي ڌوڪي ۾ اچي ويو.
محمد عارف چيو ته علي حسنين کان ان ايجنٽ ڪجهه رقم اڳواٽ ورتي ۽ باقي 20 لک رپيا کيس اٽلي پهچڻ تي ادا ڪرڻا هئا. علي حسنين مون کي فون تي چيو هو ته جڏهن آئون اٽلي پهچي اوھان کي فون ڪيان ته باقي 20 لک رپيا اوھان ايجنٽ کي گجرات ۾ ڏئي ڇڏجو.
عارف چيو ته پٽ سان سندس رابطو 17 فيبروري تي ٿيو جنهن ۾ ھن ٻڌايو ته هو اڄ دبئي کان ليبيا پھچي ويو آهي ۽ اتان سامونڊي جهاز ذريعي اٽلي ويندو.
ٻاويهين فيبروريءَ تي علي حسنين آخري ڀيرو فون ڪيو ۽ چيو ته هو اڄ ليبيا کان اٽلي وڃي رهيو آهي، منهنجو پٽ ڏاڍو خوش ھو. هن کي ڪهڙي خبر ته موت کيس سڏي رهيو آھي.
عارف چيو ته جيئن ته ايجنٽ گجرات جي ڀرپاسي جو آهي، ان ڪري هن مون کي ٻڌايو ته ھو جهاز ۾ 28 ڄڻا ئي سوار ڪرائيندو. ان کان وڌيڪ ٻيڙيءَ ۾ نه چڙهندا، پر ايجنٽ اسان سان ٺڳي ڪري ڏيڍ سئو کان مٿي ماڻھو ٻيڙيءَ ۾ وهاريا.
اسان کي مليل ڄاڻ موجب جهاز فقط اڌ ڪلاڪ ئي هليو، جنهن کانپوءِ ٻڏي ويو. جيڪي لاش پاڻي مان ڪڍيا ويا آھن تن ۾ منهنجي پٽ علي حسنين جو لاش به شامل آهي.
هن چيو ته ايجنٽ اسان سان ھڪ ٻيو به ڪوڙ ڳالھايو، اھو ته حادثي جي ٻئي ڏينهن، يعني 23 فيبروري تي، هن اسان کي فون ڪري ٻڌايو ته اوهان جي پٽ سميت ٻيڙيءَ ۾ سوار سمورن مسافرن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي.
اسان کي ٻئي ڏينهن ٽي وي چينلن ذريعي خبر پئي ته اٽلي ويندڙ مسافر ٻڏي ويا آهن ۽ جڏهن اسان لاشن جا فوٽو ڏٺا ته ان ۾ منهنجي پٽ جي تصوير به هئي.
عارف چيو ته ايف آءِ اي سومر ڏينهن اسان جي ڳوٺ آئي. هنن اسان جا بيان رڪارڊ ڪيا آهن ۽ ايجنٽ بابت به پڇا ڪئي آهي. ميت پاڪستان آڻڻ بابت ھنن ڪجهه به نه ٻڌايو آھي.
عارف چيو ته اسان پنهنجي پٽ جو لاش وصول ڪرڻ لاءِ تڙپي رهيا آهيون. اسان وزير اعظم شهباز شريف کي گذارش ٿا ڪريون ته اسان جي پٽ جو لاش اسان جي حوالي ڪيو وڃي.
’مهانگائيءَ سبب انساني اسمگلنگ جي رجحان ۾ واڌ’
پاڪستان ۾ گزريل ڪجهه مهينن ۾ مهانگائي ۾ اضافي ۽ پاڪستاني ڪرنسي جي ڪرڻ سبب نوجوانن ۾ نوڪري لاءِ پرڏيھ وڃڻ جو رجحان تيزي سان وڌيو آهي.
نه رڳو ايترو پر هن وقت انساني اسمگلنگ جي ڌنڌي ۾ ملوث ايجنٽن به پنهنجا اگهه وڌائي ڇڏيا آهن. سندن چوڻ آهي ته کين ملڪ کان ٻاهر نيٽ ورڪ ۾ موجود ايجنٽن کي ڊالرن ۾ پئسا ڏيڻا پوندا آهن، تنھن ڪري ان ڪم جو ھاڻ پاڪستاني ڪرنسي ۾ ريٽ وڌيڪ هوندو.
پھرين يورپ وڃڻ لاءِ 6 کان 10 لک رپيا ڏيڻا پوندا هئا، پر ھن حادثي کان پوءِ اھا ڳالھ ظاھر ٿي ته علي حسنين کي اٽلي وڃڻ لاءِ 20 لک رپين کان به وڌيڪ ڏيڻا پيا.
پاڪستان جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ سومر تي ٻڌايو ته ٻيڙيءَ جي حادثي ۾ 16 پاڪستاني بچي ويا آهن ۽ تندرست آھن. هن چيو ته ٻيڙي ۾ 20 پاڪستاني مسافر ويٺل هيا.
ياد رهي ته ٻه سال اڳ يونان ويجهو مسافرن سان ڀريل ھڪ ٻيڙي اونڌي ٿي هئي جنهن جي نتيجي ۾ گجرات، منڊي بهاءُ الدين، سيالڪوٽ، لالا موسيٰ ۽ کاريان جا 16 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا. وچ پنجاب جي ذري گھٽ هر ڳوٺ مان اهڙا واقعا ٻڌڻ ۾ اچن ٿا.
هڪ هزار انساني اسمگلر ۽ ايجنٽ گرفتار
وفاقي تحقيقاتي اداري (ايف آءِ اي) انساني اسمگلنگ روڪڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. هن اداري انساني اسمگلنگ جي وڌندڙ واقعن کي روڪڻ لاءِ گجرانوالا ۽ گجرات جي ضلعن ۾ ٻه آفيسون قائم ڪيون آهن، جتي ايڊيشنل ڊائريڪٽر ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر انچارج آهن. ٻنهين ضلعن ۾ هر هر مهيني ايجنٽن ۽ اسمگلرن ھٿان ٺڳجي ويل سوين ماڻھن جون درخواستون داخل ڪيون وينديون آهن.
اختياريءَ وارن موجب ايف آءِ اي جي "اينٽي هيومن اسمگلنگ اينڊ ٽريفڪنگ" سرڪل جنوري 2022 کان وٺي سڄي ملڪ ۾ ھڪ هزار انساني اسمگلرن ۽ سندن ايجنٽن کي گرفتار ڪيو آهي، ۽ ان عرصي دوران سندن خلاف 2700 ڪيس پڻ داخل ڪيا ويا آهن.
(گجرات مان احتشام شاميءَ جي رپورٽ)