پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آئي) جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته سڄي قوم پاڪستان جي عدالتن ڏانهن واجهائي رهي آهي ته اها 90 ڏينهن اندر پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ چونڊون ڪرائڻ جي پڪ ڪرائي.
اربع جي ڏينهن وڊيو لنڪ ذريعي اخباري ڪانفرنس ڪندي اڳوڻي وزير اعظم چيو ته فواد چوڌريءَ اليڪشن ڪميشن کي منشي چيو ۽ کيس گرفتار ڪيو ويو. ڇا اهو ڏوهه آهي؟ انهن جو پورو منصوبو آهي ته عمران خان جي آواز کي روڪيو وڃي.
اڳوڻي وزير اعظم چيو ته قوم عدالت کان توقع ڪري رهي آهي ته اها اسان جي حقن جي حفاظت ڪندي. مشرف جي دور ۾ اهڙو ظلم نه ڏٺو هيم.افسوس آهي ته اسان جي عدالتن اسان جي بنيادي حقن جي حفاظت نه ڪئي.
عمران خان چيو ته جڏهن معاشي صورت حال خراب هوندي آهي ته آئي ايم ايف پنهنجا شرط مڃرائيندي آهي، جينئن ته سري لنڪا جي فوج جي تعداد کي اڌ ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته مصر ۾ به فوج جو خرچ گهٽايو پيو وڃي. ليڪن افسوس ته اسان جي ادارن موجوده حڪومت کي اسان تي ٿوپيو آهي.
سندس بقول، 25 مئي تي جن پوليس آفيسرن تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن تي تشدد ڪيو هو انهن کي ٻيهر تعينات ڪيو پيو وڃي. اڳوڻي وزير اعظم چيو ته محسن نقويءَ جي اچڻ کان پوءِ لڳي رهيو آهي ته اليڪشن ڪرائڻ ۾ دير ڪئي ويندي. هاڻي اها عدالتن جي ذمي داري آهي ته اهي 90 ڏينهن جي اندر چونڊون ڪرائڻ کي يقيني بڻائن.
اڳوڻي وزير اعظم چيو ته آئين جي تحت آزاد ۽ منصفانه انتخابات ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذمي داري آهي. ليڪن، سندس بقول، اليڪشن ڪميشن هڪ جانبدار شخص محسن نقويءَ کي پنجاب جو نگران وڏو وزير لڳايو ويو.
اليڪشن ڪميشن جا عهديدار تحريڪ انصاف جي هن نوعيت جي الزامن جي ترديد ڪندا رهيا آهن.
تحريڪ انصاف جي چيئرمين مطابق اڄ پاڪستان ۾ جنهن قسم جا فيصلا ٿي رهيا آهن ۽ آئين ۽ قانون جون ڌڄيون اڏيون پيون وڃن، ان ۾ ملڪ جو ڪو مستقبل ڪونهي. اڄ پهريون ڀيرو عوام ملڪي حالتن کان نااميد ٿي رهيا آهن. اٺ لک پروفيشنل ملڪ ڇڏي ٻاهر هليا ويا آهن.
عمران خان چيو ته ڇا چيف اليڪشن ڪمشنر کي منشي چوڻ تي ڪنهن به جمهوريت ۾ ڪنهن کي پڪڙي سگهجي ٿو؟ اعظم سواتي ’اين آر او ٽو’ ڏيڻ جي ٽوئيٽ ڏني جنهن تي هن کي گرفتار ڪيو ويو. ڇا اها جمهوريت آهي؟