رسائی کے لنکس

جي 20 جو اجلاس روسي جارحيت جي مذمت تي متفق ٿيڻ کان سواءِ پڄاڻيءَ تي پهتو


جي 20 جي خزاني جي وزيرن جو اجلاس ڀارت جي شهر بنگلورو ۾ منعقد ٿيو.
جي 20 جي خزاني جي وزيرن جو اجلاس ڀارت جي شهر بنگلورو ۾ منعقد ٿيو.

دنيا جي مستحڪم معيشتن ۽ ترقي ڪندڙ 20 ملڪن جي گروپ، ’جي 20’ جي خزاني جي وزيرن ۽ مرڪزي بينڪن جي اڳواڻن پارن ڀارت جي شهر بنگلورو ۾ ٿيڻ واري اجلاس يوڪرين جي خلاف روس جي جارحيت جي مذمت تي رائي ۾ اتفاق بنا ختم ٿي ويو.

اتفاق نه ٿيڻ جي ڪري اجلاس جي پڄاڻيءَ تي ڪو گڏيل اعلان جاري نه ڪيو ويو. ليڪن ڀارت ’سمري اينڊ ڊاڪيومينٽ’ جاري ڪيو آهي.

ڀارت ’جي 20’ جي صدارت ڪري رهيو آهي. اجلاس دوران جتي ڪيترين ئي ملڪن يوڪرين تي حملي ڪرڻ تي روس جي مذمت ڪئي اتي روس ۽ چين ڪنهن گڏيل بيان تي صحي ڪرڻ کان انڪار ڪيو.

ميڊيا رپورٽن جي مطابق، ڀارت يوڪرين جي جنگ جي معاملي تي خيالن جي ڏي وٺ کان بچڻ پيو گهري، ليڪن اولهه جي ملڪن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته يوڪرين جي معاملي تي روس جي ڪاروائيءَ جي مذمت ٿيڻ کپي.

ڀارت پنهنجي بيان ۾ اجلاس جي ٻن ڏينهن جي ڪاروائي جو ذڪر ڪندي تنظيم جي ميمبرن ۾ موجود رائي جي اختلاف جو حوالو ڏنو آهي.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته گهڻن ئي ملڪن يوڪرين جي جنگ جي سختيءَ سان مذمت ڪئي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته جنگ جي ڪري ماڻهن کي ڪيترين ئي ڏکيائين مان گزرڻو ٿو پوي ۽ عالمي معيشت ۾ عدم استحڪام پيدا ٿي ويو آهي.

روس جي خلاف آمريڪا ۽ يورپي ملڪن جي طرفان عائد پابندين جي باري ۾، بيان ۾ چيو ويو آهي ته موجوده صورت حال ۽ روس تي پابندين جي سلسلي ۾ مختلف رائي ظاهر ڪئي وئي.

ميڊيا رپورٽن مطابق، ’جي 20’ اجلاس جي صدارت ڪرڻ واري ڀارت جي خزاني جي وزير نرملا سياترمن چيو ته جيڪو بيان جاري ڪيو ويو آهي اهو گڏيل اعلان ناهي، ليڪن ’آئوٽ ڪم ڊاڪيومينٽ’ آهي. ليڪن، سندس خيال ۾ اسان سمجهون ٿا ته سمورن وزيرن کي ڪٺي ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڳالهه اڳتي وڌي آهي.

جرمنيءَ جي خزاني جي وزير ڪرسچين لنڊر چيو ته گڏيل ڊڪليريشن تي صحي ڪرڻ کان چين جو انڪار افسوس ناڪ آهي.

هوڏانهن خزاني جي آمريڪي وزير، جينيٽ ييلن مطابق ڪنهن به بيان جي لاءِ روس جي مذمت لازم هئي.

خبرن جي اداري رائيٽرز مطابق، روس ۽ چين نه پيا گهرن ته 20 جي گروپ جي پليٽ فارم کي سياسي ناتن تي بحث جي لاءِ استعمال ڪيو وڃي.

روس يوڪرين ۾ پنهنجي ڪاروائيءَ کي فوجي آپريشن قرار ڏنو ۽ ان کي جنگ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو.

ان موقعي تي ڀارت به پنهنجي غير جانبدارانه موقف تي قائم رهيو جيڪو هن جنگ شروع ٿيڻ وقت اختيار ڪيو هو. ان روسي حملي جي مذمت ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ سفارت ڪاريءَ سان مسئلي جي حل تي زور ڏنو.

ياد رهي ته ڀارت ۽ چين خميص ڏينهن گڏيل قومن جي اداري ۾ پيش ڪيل ان قرارداد تي ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو هو جنهن ۾ روس کان يوڪرين مان پنهنجون فوجون واپس سڏائڻ ۽ جنگ بند ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي هئي.

تجزيه ڪارن جي خيال ۾’جي 20’ جي اجلاس ۾ ڪو اعلاميو جاري نه ٿيڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي. گزريل نومبر ۾ انڊونيشيا جي گاديءَ واري هنڌ باليءَ ۾ ٿيڻ واري اجلاس ۾ به رائي جي اختلاف جي ڪري ڪو گڏيل اعلان جاري نه ڪيو ويو هو.

بين الاقوامي ناتن جي سينئر تجزيه ڪار اسد مرزا چيو آهي ته پهرئين ۽ ٻئي مارچ تي نئين دهليءَ ۾ ٿيڻ واري گروپ آف 20 جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ به يوڪرين ۽ روس جي معاملي تي رائي جي اختلاف جو امڪان آهي ۽ ممڪن آهي ته ان ۾ به ڪو گڏيل اعلان جاري نه ٿي سگهي.

رپورٽن جي مطابق اجلاس دوران عالمي معيشت تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ڀارت جي خزاني جي وزير نرملا سيتارمن هڪ بيان ۾ چيو ته اسان پراڻن تنازعن ۾ الجهڻ بجاءِ هڪ اهڙو ميڪينزم ٺاهڻ گهرون ٿا جنهن هيٺ ٻه طرفي رابطه ڪاريءَ ۾ تيزي اچي ۽ جيڪو ملڪ قرضن ۾ ڦاسندو ٿو وڃي ان کي ان مان ٻاهر ڪڍڻ ۾ مدد ڏني وڃي.

اسد مرزا جي خيال ۾ اهو نه ٿو چئي سگهجي ته بنگلورو اجلاس ناڪام ٿي ويو آهي. هن سال جتي به مختلف ملڪن جي وچ ۾ خيالن جي ڏي وٺ ٿي آهي ان تي روس يوڪرين جنگ جي مسئلي جا پاڇا ڇانيل رهيا آهن. ان ڪري هن اجلاس تي به ان جو پاڇو جاري رهيو.

(سهيل انجم جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG