رسائی کے لنکس

ڀارتي ڪشمير ۾ اماراتي گروپ جي سيڙپ ڪاري. ڇا حالتون بدلجي رهيون آهن؟


سري نگر
سري نگر

ڀارت جي انتظام هيٺ ڪشمير ۾ متحده عرب امارات جي هڪ وڏي ريئل اسٽيٽ ڪمپنيءَ پاران وڏو ناڻو لڳايو ويو آهي، جنهن منصوبي کي ڀارتي حڪومت واديءَ ۾’’هڪ نئين شروعات’’ قرار ڏئي رهي آهي، جڏهن ته مخالف ڌر جون سياسي پارٽيون هن سڌي سنئين پرڏيهي سيڙپ ڪاريءَ تي تحفظات ظاهر ڪري رهيون آهن.

متحده عرب امارات جي هڪ وڏي ريئل اسٽيٽ ڪمپني ’دي ايمار گروپ’ پوئين ڏينهن دوران سري نگر ۾ 10 لک چورس فٽ تي ڦهليل هڪ ’شاپنگ مال’ جي پيڙهه جو پٿر رکيو. اهو ڀارت جي انتظام هيٺ ڪشمير ۾ پهرين سڌي سنئين ٻاهرين سيڙپ ڪاري آهي.

ڄمون ۽ ڪشمير جي انتظاميا جي اڳواڻ، ليفٽيننٽ گورنر منوج سنها اهڙي علائقي جي لاءِ تاريخي ڏينهن قرار ڏنو ۽ چيو ته ’ايمار گروپ’ کي سرينگر ۽ ڄمونءَ ۾ ’آئي ٽي ٽاور’ اڏڻ جي لاءِ به ايراضي الاٽ ڪئي وئي آهي ۽ انهن منصوبن تي پنج ارب روپين جو مجموعي خرچ ايندو.

گورنر منوج سنها چيو ته هيءَ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پهرين براه راست غير ملڪي سيڙپ ڪاري آهي. اسان وزير اعظم نريندر موديءَ جي ڄمون ۽ ڪشمير جي اڏاوت ۽ ترقيءَ جي اولين مقصد کي اڳتي وڌائي رهيا آهيون.

سنها ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي ڪن ٻين عمل دارن جنوري 2022 ۾ متحده عرب امارات ۾ منعقد ٿيڻ واري ڪاروباري نمائش ’دبئي ايڪسپو’ ۾ شرڪت ڪئي هئي. ان دوران هن ريئل اسٽيٽ، انفرا اسٽرڪچر، سياحت، حفظان صحت، فوڊ پروسيسنگ ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپ ڪاريءَ جي لاءِ مفاهمت جي اڌ درجن کن ياد داشتن تي صحيون ڪيون ويون هيون.

انهن معاهدن هيٺ متحده عرب امارات جون نامور ڪمپنيون ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سيڙپ ڪاري ڪري رهيون آهن. مارچ 2022 ۾ سرينگر ۾ غير ملڪي سيڙپ ڪارن جي چئن ڏينهن جي هڪ ڪانفرنس منعقد ٿي هئي.

ان ڪانفرنس کي ’خليجي ملڪن جي سيڙپ ڪاري سربراهي اجلاس’ جو نالو ڏنو ويو هو. ان ۾ متحده عرب امارات کان سواءِ سعودي عرب ۽ هانگ ڪانگ سان تعلق رکڻ وارن 30 کان وڌيڪ سيڙپ ڪارن ۽ تجارتي ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي هئي.

سيڙپ ڪاريءَ ۾ رنڊڪ وجهڻ واريون رڪاوٽون هٽايون ويون

هلندڙ مهيني متحده عرب امارات جي سيڙپ ڪارن جو هڪ ٻيو اجلاس سرينگر ۾ منعقد ٿيو. ان اجلاس کي خطاب ڪندي، ليفٽيننٽ گورنر سنها چيو هو ته ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٻاهرين سيڙپ ڪاريءَ جي راه ۾ حائل رڪاوٽون گهڻي حد تائين هٽايون ويون آهن.

هن دعوا ڪئي ته تازن سالن دوران ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪيل اصلاحن جي نتيجي ۾ متاثر ڪن پيش قدمي ٿي آهي ۽ ترقيءَ جي رفتار ان کي سيڙپ ڪاريءَ جي لاءِ پر ڪشش بڻائي ڇڏيو آهي.

واضح رهي ته نئين دهليءَ پنجين آگسٽ 2019 ۾ ڄمون ۽ ڪشمير کي نيم خود مختياري ڏيارڻ واري آئين هند جي قلم 370 کي خارج ڪري ڇڏيو هو، ۽ ان سان گڏ رياست کي ٻن حصن م ورهائي انهي کي براه راست وفاق جي ڪنٽرول وارن علائقن ۾ بدلائي ڇڏيو هو.

ڀارت جي آئين جي قلم 370 سان گڏ ئي ان جي لاڳاپيل قلم 35 اي کي به خارج ڪيو ويو هو. ڀارتي آئين جي انهن قلمن هيٺ دهليءَ جي انتظام هيٺ ڪشمير ۾ زمين ۽ ٻيون غير منقوله جائدادون خريد ڪرڻ، سرڪاري ملازمت ۽ رائي ڏيڻ جي حق سميت ڪيترا ٻيا قانون حق ڏنا آهن، جيڪي ان کان اڳ صرف ڄمون ۽ ڪشمير جي مستقل باشندن کي حاصل هيا.

تاجر تنظيمن جو آڌرڀاءُ

ڄمون ۽ ڪشمير ۾ براه راست ٻاهرين سيڙپ ڪاريءَ تي حڪومتي انگن اکرن ۾ تضاد پنهنجي جاءِ تي، ليڪن مڪاني واپاراي تنظيمون ٻاهرين سيڙپ ڪاري ڪرڻ گهرن ٿيون.

حزب مخالف ڌ ر پاران خدشن جو اظهار

ليڪن، ڪي سياسي ۽ عوامي حلقا حڪومت جي ٻاهرين سيڙپ ڪاريءَ جي لاءَ ڪيل ڪوششن کي شڪ جي نگاه سان ڏسن ٿيون.

سندن چواڻي، 5 آگسٽ 2019 کان پوءِ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هڪ کان پوءِ ٻئي قانون نافذ ڪرڻ ۽ ڊوميسائيل ۽ اراضيءَ جي متعلق قانون ۾ تبديلي ڪرڻ جو مقصد مڪاني آباديءَ کي بي اختيار ڪرڻ ٻڌايو ٿو وڃي.

حڪومت جو موقف

ليفٽيننٽ گورنر منوج سنها مخالف ڌر جي پارٽين تي تنقيد ۽ خدشن جي طرف اشارو ڪندي چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو منفي سوچ رکن ٿا. ان ڪري حڪومت جي پاليسين ۽ قدمن تي تنقيد براءِ تنقيد ڪندا رهندا آهن.

هن سري نگر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي حڪومت جي ان دعوا کي ورجايو آهي ته 5 آگسٽ 2019 کان پوءِ ڪشمير ۾ ’انقلابي تبديليون’ رونما ٿي رهيون آهن ۽ علائقي ۾ سڌي سنئين پرڏيهي سيڙپ ڪاري ان جو هڪ واضح مثال آهي.

هن چيو ته ’’ايما گروپ جي طرفان ’ميگا مال’ اڏڻ اڃان شروعات آهي’’.

پاڪستان جي اعتراض جي باري ۾ نئين دهليءَ ۽ سرينگر ۾ حڪومتن جو هيءُ هڪجهڙو موقف آهي ته ڪشمير ۾ پاڪستان جي ڪا جائز مڃيل حيثيت ڪانهي ۽ ان ڪري، ان کي مداخلت جو حق حاصل ڪونهي.

(يوسف جميل جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG