رسائی کے لنکس

بلب، فونوگرام ۽ موشن پڪچرڪيمرا سميت ايڊيسن ڪيتريون ئي شيون ايجاد ڪيون


پنهنجي ورڪشاپ ۾ ايڊيسن (کاٻي هٿ تي ويٺل) ڪنهن کوجنا تي ڪم ڪري رهيو آهي، جڏهن ته سندس شاگرد چارلس اسٽائيمٽز سکيا وٺي رهيو آهي. (بليڪ اينڊ وائيٽ. پراڻو فائيل فوٽو)
پنهنجي ورڪشاپ ۾ ايڊيسن (کاٻي هٿ تي ويٺل) ڪنهن کوجنا تي ڪم ڪري رهيو آهي، جڏهن ته سندس شاگرد چارلس اسٽائيمٽز سکيا وٺي رهيو آهي. (بليڪ اينڊ وائيٽ. پراڻو فائيل فوٽو)

هڪ ڀيري مشهور آمريڪي سائسن دان، ٽامس ايڊيسن چيو هو ته ’جينئس’ ماڻهن ۾ هڪ في صد تخليقي عمل، جڏهن ته نوانوي في صد محنت جو عمل دخل هوندو آهي.

پر اها به حقيقت آهي ته سندس قول کي درست به مڃجي تڏهن به ڇا سمجهئون ته ڪو هڪ في صد صلاحيت رکڻ وارو ايڏي جاکوڙ ۽ ايتريون ايجادون ڪري سگهي ٿو؟ ڪنهن تخليق ڪندڙ کي محنت ۽ محبت جو لڳاتار بي مثال پورهيو ئي کيس ڪو اتم درجو ڏياري سگهي ٿو، پر خداءَ جي ڏنل ڏات هئڻ ضروري آهي.

ايڊيسن جي معاملي ۾ ته سندس مثالي پورهئي جي ڪري دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪروڙين اربين انسانن جي زندگيءَ ۾ انقلابي بهتري آئي ۽ قيامت تائين ايندي رهندي. ڪو شڪ ڪونهي ته ايڊيسن هوش اڏائيندڙ سطح جي تخليق جو ڌڻي ۽ وڏو سائنس دان هو.

آمريڪي کوجنا ڪندڙ، ٽامس ايڊيسن ’ڊڪٽيٽنگ مشين’ تي ڳالهائي رهيو آهي (فائيل فوٽو)
آمريڪي کوجنا ڪندڙ، ٽامس ايڊيسن ’ڊڪٽيٽنگ مشين’ تي ڳالهائي رهيو آهي (فائيل فوٽو)

هن 1879 ۾ موثر ۽ جٽادار قسم جو اليڪٽرڪ لائيٽ بلب ٺاهيو، جنهن جي ڪري هو جڳ مشهور آهي، جڏهن ته هن 1000 ٻئي ايجادون ڪيون يا اڳوڻين ايجادن ۾ بهتري آندي، جن ايجادن ۾ فونوگرافس ۽ مميوگرافس کان وٺي بيٽريون ۽ پهرين ڳالهائيندڙ گڏي شامل آهي.

ايڊيسن جي پسنديده ايجاد

تاريخ دانن جو چوڻ آهي ته ايڊيسن جي پسنديده ايجاد ’فونوگراف’ آهي، جيڪا مشين آواز پاڻ ۾ سمائي، وڄائي ۽ ورجائي سگهندي هئي. جنهن کي بعد ۾ فونوگرام ڪوٺيو ويو.

جڏهن هن فونوگراف ٺاهيو ته ايڊيسن اڃان جوان هو. اپريل 1878 جي سندس اسٽوڊيو ۾ ورتل تصوير (فائيل فوٽو)
جڏهن هن فونوگراف ٺاهيو ته ايڊيسن اڃان جوان هو. اپريل 1878 جي سندس اسٽوڊيو ۾ ورتل تصوير (فائيل فوٽو)

هو اڃان ننڍڙو ئي هو ته سندس ٻڌڻ جو حواس جواب ڏئي ويو هو. هو ٻڌي نه سگهندو هو. پر ان جي باوجود هو اڃان نوجوان ئي هو جڏهن هن 1877 ۾ فونوگراف تخليق ڪيو، ۽ ان سان عشق جي حد تائين پيار ڪندو هو. ان حد تائين جو هو ان کي پنهنجو ’’ٻار’’ ڪوٺيندو هو.

ايندڙ 50 سالن تائين هن پنهنجي ان ’’ٻار’’ کي سنواريو، سينگاريو ۽ بهتر کان بهتر ڪيو.

ايڊيسن لائيٽ بلب 1879 ۾ ٺاهيو
ايڊيسن لائيٽ بلب 1879 ۾ ٺاهيو

سال 1888 جي پنهنجيءَ هڪ رڪارڊنگ جو عنوان رکيو هو ’ارائونڊ دي ورلڊ آن دي فونورگراف’، جيڪا ٽامس ايڊيسن جي آواز جي پهرين رڪارڊنگ سڏجي ٿي.

ان کان اڳئين سال، ايڊيسن پنهنجي ايجادن جي دنيا ۾ هڪ قدم اڃان اڳتي ويو جڏهن هن فونوگرافڪ (ڳالهائيندڙ) ’گڏي’ تيار ڪئي، جنهن ايجاد کي آواز جي رڪارڊنگ جي ٽيڪنالاجيءَ جي تاريخ جو هڪ پيڙهه جو پٿر قرار ڏنو ويو آهي.

ٽامس ايڊيسن نيشنل هسٽوريڪل پارڪ

نيو جرسي جي ’ويسٽ اورينج ڪائونٽي’ جتي سندس گهر هيو، جتي ايڊيسن رهندو هو، ان کي هاڻي يو ايس نيشنل پارڪ سروس جو تاريخي هنڌ قرار ڏنو ويو آهي.

هيءُ ٽامس ايڊيسن جو اباڻو گهر آهي، جيڪو هاڻي قومي يادگار آهي
هيءُ ٽامس ايڊيسن جو اباڻو گهر آهي، جيڪو هاڻي قومي يادگار آهي

اتي ويندڙ سياح اڄ به پراڻي دور جو ڏيک شوق سان ڏسندا آهن، جيئن ڪنهن پير جي پيرانڌيءَ تي گلن جي ورکا ڪجي. اها ئي جاءِ هئي جتي آمريڪا جي سڀ کان نامور سائنس دان پنهنجا ڏينهن رات گهاريا ۽ دنيا ۾ نالو ڪمايو.

XS
SM
MD
LG