رسائی کے لنکس

آمريڪا سميت دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ عيد الفطر جا ميڙ


آمريڪا، ڪيناڊا، ترڪي، سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ جمعي ڏينهن عيد الفطر ملهائي پئي وڃي.

واشنگٽن ميٽروپولٽن ايريا جنهن ۾ ميري لينڊ ۽ ورجينيا به اچي وڃن ٿا، مسجدن ۾ عيد جي نماز ادا ڪئي وئي، جن ۾ دنيا ۾ امن، هڪ ٻئي جي لاءِ سهپ، تنازعا ختم ٿيڻ، بهتر انساني قدرن جي واڌ ۽ اوسر ۽ انهن تي عمل، ميٺ محبت، صحت، خير و برڪت ۽ عافيت جي لاءِ خاص دعائون گهريون ويون.

دنيا جي مسلم برادريءَ جي لاءِ عيد جي موقعي تي مبارڪن جا پيغام جاري ڪيا ويا آهن.

آمريڪا جي صدر جو بائيڊن ۽ خاتون اول جل بائيڊن پنهنجي بيان ۾ چيو ته رمضان جي مقدس مهيني ۾ مسلمانن روزا رکيا ۽ عيد جو ڏڻ روايتي شاندار طرح ملهائي رهيا آهن. هنن چيو ته کيس مسلمان برادريءَ جي پاران فراخ دليءَ سان ضرورتمندن جي لاءِ زڪوات ڏيڻ، چندو ڏيڻ ۽ سٺا کاڌا تيار ڪري ورهائڻ جي روايت تمام گهڻو وڻندي آهي.

جاري ڪيل ان بيان ۾ صدر ان اميد جو اظهار ڪيو ته ان خوشيءَ جي موقعي تي انهن مسلمان ملڪن جي باشندن کي به ياد ڪيو ويندو جيڪي تنازعن جو شڪار آهن يا جتي غربت، بک ۽ بيماري آهي يا اهي جيڪي پنهنجي وطن مان بي دخل ٿيل آهن.

بائيڊن چيو ته خوشيءَ جي هن موقعي تي ضروي آهي ته اسان امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششن ۾ هڪ ٻئي جو هٿ ونڊايون ۽ سمورن انسانن جي حقن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ۽ وقار کي بلند ڪرڻ جي لاءِ گڏجي جاکوڙ ڪيون.

صدر بائيڊن چيو ته سندس انتظاميا هر قسم جي نفرت جي روئيي خلاف جدوجهد جي لاءِ پرعزم آهي، جنهن ۾’اسلامو فوبيا’ جو آزار به شامل آهي.

پاڪستان ۾ عيد ڇنڇر جي ڏينهن ملهائي ويندي.

ڪيناڊا ۾ به جمعي ڏينهن عيد ملهائي پئي وڃي. پنهنجي بيان ۾وزير اعظم جسٽن ٽروڊو چيو آهي ته رمضان جو مهينو مسلمان ڪميونٽيءَ جي لاءِ خاص اهميت رکندو آهي، جنهن دوران هو عبادت ڪندا آهن ۽ روزا رکندا آهن.

هوڏانهن مڪي ۾ مسجد الحرام ۽ مديني ۾ مسجد نبوي ۾ جمعي ڏينهن عيدالفطر جا وڏا ميڙ ٿيا.

استنبول ۽ ابو ظهبي جي مسجدن ۾ عيد نماز ۾ وڏا اجتماع ڏسڻ ۾ آيا. افغانستان ۽ ايران ۾ به اڄ عيد ملهائي پئي وڃي.

XS
SM
MD
LG