رسائی کے لنکس

’ٽوئٽر هلائڻ جي لاءِ ڇانٽين سميت ڏکيا فيصلا ڪرڻا پيا’


ڪيلي فورنيا جي شهر سان فرانسسڪو ۾ ٽوئٽر جي هيڊ آفيس. (فائيل فوٽو)
ڪيلي فورنيا جي شهر سان فرانسسڪو ۾ ٽوئٽر جي هيڊ آفيس. (فائيل فوٽو)

ارب پتي ايلون مسڪ چيو آهي ته آن لائن پليٽ فارم ٽوئٽر هلائڻ ’’ڏاڍو نقصان وارو’’ سودو هيو، پر سوشل ميڊيا ڪمپني جنهن کي هن پوئين سال جي آخر ڌاران خريد ڪيو هو هاڻي ’فائدي ۽ نقصان جي برابر’ ڪنهن سطح تي اچي ويو آهي.

بي بي سيءَ کي ڏنل انٽرويو، جنهن کي اڱاري ڏينهن ٽوئٽر اسپيسز تي براه راست نشر ڪيو ويو، مسڪ پنهنجي ڌڻ متعلق خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

هن عملي کي وڏي پيماني تي ڪڍڻ، غلط معلومات ۽ پنهنجي ڪم جي انداز تي به پنهنجي خيالن جي وضاحت ڪئي.

هن ٽوئٽر جي فرانسسڪو هيڊڪوارٽر مان برطانوي نشرياتي اداري کي ٻڌايو ته ’’هاڻي هي ڪم بوريت وارو نه رهيو آهي، پر هن ۾ گهڻيون هيٺ مٿاهيون آهن’’.

مسڪ کان انٽرويو ڪرڻ ڪنهن مين اسٽريم نيوز آئوٽ ليٽ جي لاءِ وڏي موقعي جو درجو رکي پيو. هو ’ٽيسلا’ ۽ ’اسپيس ايڪس’ جو به مالڪ آهي.

بي بي سيءَ جو نمائندو مسڪ کان انٽرويو ڪندي
بي بي سيءَ جو نمائندو مسڪ کان انٽرويو ڪندي

پوئين سال ٽوئٽر کي 44 ارب ڊالرن تي خريد ڪرڻ کان پوءِ مسڪ ان ۾ جيڪي به تبديليون ڪيون آهن، انهن ۾ ڪمپنيءَ جي ڪميونيڪيشن جي کاتي کي بند ڪرڻ به شامل هيو.

رپورٽر جيڪي ڪنهن تبصري جي درخواست ڪرڻ لاءِ اداري کي اي ميل ڪندا آهن انهن کي هڪ ’پوپ اموجي’ کان پاڻ مرادو جواب ملندو آهي.

ڪن مرحلن تي انٽرويو ڇڪتاڻ جو سبب به بڻيو جڏهن مسڪ رپورٽر کي چيلينج ڪيو ته هو پليٽ فارم تي نفرت انگيز تقريرن جي وڌندڙ رجحان جي باري ۾ دعوي جو ثبوت پيش ڪري. ٻئي موقعي ته مسڪ پنهنجي ئي لطيفن تي کلندو رهيو. هن هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ذڪر ڪيو ته هو ’سي اي او’ ناهي، پر سندس ڪتو ’فلوڪي’ سي اي او آهي.

مسڪ چيو ته ٽوئٽر جو ‘سي اي او‘ هو پاڻ نه پر سندس پالتو ڪتو، فلوڪي آهي
مسڪ چيو ته ٽوئٽر جو ‘سي اي او‘ هو پاڻ نه پر سندس پالتو ڪتو، فلوڪي آهي

هن اهو به انڪشاف ڪيو ته هو ڪڏهن ڪڏهن ٽوئٽر جي سان فرانسسڪو آفيس ۾ صوفي تي سمهين پوندو آهي.

مسڪ چيو آهي ته اشتهار ڏيڻ واريون ڪمپنيون مسڪ جي هنگامه خيز هڪ هٽيءَ جي نتيجي ۾ پليٽ فارم کان پاسي ٿي ويون هيون، انهن منجهان ڪيتريون ئي واپس اچي چڪيون آهن. ليڪن هن تفصيل نه ٻڌايو.

مسڪ اڳ ڪٿي ڪئي ته جيڪڏهن موجوده رجحان جاري رهيا ته ٽوئٽر موجوده ٽه ماهيءَ ۾ نفعي بخش ڪمپني بڻجي سگهي ٿي، ڇو ته ٽوئٽر هڪ خانگي ڪمپني آهي ان جي ڪري هن جي مالي اثاثن جي باري ۾ معلومات جي تصديق نه ٿي ڪري سگهجي.

پليٽ فارم کي خريد ڪرڻ کان پوءِ مسڪ ان جو خرچ گهٽائڻ جي ڪوشش جي طور تي وڏي پيماني تي ڇانٽيون ڪيون.

هن چيو ته ٽوئٽر جي افرادي قوت لڳ ڀڳ 8000 هئي جنهن کي گهٽائي تقريبن 1500 ملازمن تائين پهچاو ويو. مسڪ چيو ته اهو ٿيڻو ئي هو.

مسڪ ٻڌايو ته اهو ڪو خوشيءَ جو معاملو نه هيو. جيڪڏهن اسان تڪڙو خرچ ۾ ڪمي نه آڻيون ها ته ڪمپنيءَ جو ڏيوالو نڪري وڃي ها. اها صورت حال اهڙي نه هئي ته لڳل روزگار جي پرواه ڪئي وڃي. معاملو ائين آهي ته جيڪڏهن پورو جهاز ٻڏي وڃي ته ڪنهن کي به نوڪري نه ملندي.

جڏهن کيس کان پڇيو ويو ته ڇا کيس هيءَ ڪمپني خريد ڪرڻ تي افسوس ٿيو آهي، تنهن تي هن چيو ته ’’هي اهڙو ڪم هيو جيڪو ڪرڻو ئي هيو’’.

ايلون مسڪ چيو ته ’’هيءَ گلن جي سيج نه پر ڪنڊن جو هنڌ هيو’’.

(هن خبر جو ٿورو مواد ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG