رسائی کے لنکس

'ايوري ٿنگ ايوري ويئر، آل ايٽ ونس' ست آسڪر ايوارڊ کٽي ورتا


هالي ووڊ آسڪر شو. 12 مارچ 2023.
هالي ووڊ آسڪر شو. 12 مارچ 2023.

هالي ووڊ فلم ’ايوري ٿنگ ايوري ويئر، آل ايٽ ونس’ بهترين فلم جو آسڪر ايوارڊ کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي، جڏهن ته هي فلم ست ٻيا وڏا ايوارڊ پڻ پنھنجي نالي ڪري سڀني کان گوءِ کڻي وئي آهي.

آمريڪا جي شهر لاس اينجلس جي ڊولبي ٿيٽر ۾ آچر جي رات ٿيندڙ آسڪر ايوارڊز جي رنگارنگ تقريب ۾ هالي ووڊ جي اداڪارن، هدايتڪارن ۽ ٻين مشهور شخصيتن شرڪت ڪري تقريب جي سونھن وڌائي.

تقريب جي ميزباني ڪندي جمي ڪمل ٽام ڪروز ۽ جيمز ڪيمرون جي غير حاضريءَ جو اعلان ڪيو، جڏهن ته فلم ’دي وومن ڪنگ’ جهڙين ڪجهه فلمن جي نامزدگي نه ٿيڻ تي به آواز اٿاريو.

آچر جي شام فلم 'ايوري ٿنگ ايوري ويئر آل ايٽ ونس' بهترين فلم، بهترين ھدايتڪار، بهترين اداڪار ۽ بهترين معاون اداڪار ۽ اداڪاره جھڙا وڏا ايوارڊ ماڻڻ ۾ ڪامياب رھي.

ٻئي نمبر تي ايندڙ فلم ھئي جرمني جي ’آل ڪوائٽ آن دي ويسٽرن فرنٽ’ جنهن کي چار ايوارڊ مليا.

بهترين اداڪار جو ايوارڊ برينڊن فريزر کي فلم ’دي ويل’ لاءِ مليو جڏهن ته بهترين اداڪاره جو ايوارڊ مشيل يوو کي فلم ’ايوري ٿنگ، ايوري ويئر، آل ايٽ ونس’ ۾ ڪم تي مليو.


بهترين معاون اداڪاره جيمي لي ڪرٽس کي قرار ڏنو ويو جنهن فلم ’ايوري ٿنگ ايوري وير، آل ايٽ ونس‘ لاءِ ايوارڊ ماڻيو، جڏهن ته ويٽنامي آمريڪي اداڪار ڪي هوئي ڪوان کي انھي فلم لاءِ بهترين معاون اداڪار جو ايوارڊ مليو.

مشهور تامل فلم ’آر آر آر‘ جي گاني ’ناٽو ناٽو‘ بهترين ’اوريجنل سونگ’ جو ايوارڊ ماڻي هندستان جي نمائندگي ڪئي. ان گاني ’ٽاپ گن‘ ۽ ’بليڪ پينٿر‘ جي گانن ’هولڊ مائي هينڊ‘ ۽ ’لفٽ مي اپ‘ کي مات ڏئي اھو ايوارڊ پنھنجي نالي ڪيو.

اڪيڊمي ايوارڊز جي تقريب ۾ پاڪستان جي ڪا به فلم نه چونڊجي سگھي، جيتوڻيڪ نوبل انعام يافته ملاله يوسفزئي پنهنجي مڙس سان گڏ تقريب ۾ شرڪت ڪئي.

اداڪار ٽام ڪروز ۽ هدايتڪار جيمز ڪيمرون آسڪر ايوارڊ جي ان تقريب ۾ شريڪ نه ٿي سگهيا جڏهن ته ٻنھي جي فلمن هڪ هڪ ايوارڊ کٽيو.

جيمز ڪيمرون جي ’ايواٽار: دي وي آف واٽر’ کي بهترين بصري اثرات جو ايوارڊ مليو (visual effects) ٽام ڪروز جي فلم ’ٽاپ گن: ميورِڪ’ کي بهترين آواز جو ايوارڊ مليو.

مشهور فلمن دي بينشيز آف انيشيرن، ايلوس، دي فمبل، بيبي لون، دي بيٽ مين، ۽ ٽار کي ڪيترين ئي نامزدگين باوجود ڪو به ايوارڊ نه مليو.

بهترين ميڪ اپ ۽ هيئر اسٽائلنگ جو ايوارڊ ’دي وھيل‘ کي مليو، جنهن ۾ برينڊن فريزر کي ميڪ اپ ذريعي هڪ ٿلھي شخص جي روپ ۾ ڏيکاريو ويو ھو.

ھڪ کان وڌيڪ ڪيٽيگرين لاءِ نامزد ٿيندڙ ’بليڪ پينٿر؛ وڪانڊا فارايور’ کي صرف بهترين ڪوسٽيوم (لباس) ڊيزائن جو ايوارڊ مليو.

’گليرمو ڊيل ٽوروز پنوڪيو‘ کي بهترين اينيميٽڊ فلم جي ايوارڊ سان نوازيو ويو، جڏهن ته ’نوالني‘ کي بهترين ڊاڪيومينٽري قرار ڏنو ويو.

تقريب جي آغاز ۾ جمي ڪمل انهن فلمن جو به ذڪر ڪيو جيڪي من موھيندڙ ۽ اثرائتيون هئڻ باوجود نامزد نه ٿي سگهيون. سندس اشارو’وومن ڪنگ‘ جهڙين فلمن ڏانھن هو جن کي اڪيڊمي ايوارڊز جي ججن پاران نامزد نه ڪيو ويو هو.

آسڪر ايوارڊ ۾ سڀ کان حيرت انگيز ڪاميابي اداڪاره جيمي لي ڪرٽس جي هئي جنهن کي بهترين معاون اداڪاره جو ايوارڊ مليو. ان جي مقابلي ۾ ’وڪانڊا فارايور‘ ۾ راڻي جو ڪردار ادا ڪندڙ اينجلا بيسيٽ مضبوط اميدوار هئي.

اداڪار آسٽن بٽلر ۽ اداڪاره انا ڊي آرمس پڻ ڪو ايوارڊ کٽي نه سگھيا.

هن سال جي تقريب ۾ ڪو به اڻ وڻندڙ واقعو پيش نه آيو، ميزبان جمي ڪيمل پنهنجي افتتاحي تقرير ۾ گزريل سال ول سمٿ پاران ميزبان ڪرس راڪ کي لپاٽ هڻڻ جي واقعي ڏانھن اشارو ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي منھنجي ڪا ڳالهه نه وڻي ته ھو خاموش رهي.

تقريب دوران ميزبان ’دي بينشيز آف انيشيرن‘ ۾ اداڪاري ڪندڙ گڏهه کي به اسٽيج تي وٺي آيو، جڏهن ته هڪ دفعي ان کي هٽائڻ لاءِ ’ناٽو ناٽو‘ جي ڊانسرن کان مدد ورتي وئي.

(عمير علويءَ جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG