رسائی کے لنکس

معاشي عدم استحڪام جلد ختم ٿيڻ جو امڪان ڪونهي، ماهرين


ماءُ هٿ جو پورهيو ڪندي (فائيل فوٽو)
ماءُ هٿ جو پورهيو ڪندي (فائيل فوٽو)

اهڙي وقت جڏهن دنيا اڃان تائين ڪووڊ 19 جي وبا جي اثرات کان پوريءَ ريت ٻاهر نڪري نه سگهي آهي جو يوڪرين تي روسي حملي ۽ توانائيءَ جي بحران ۽ مستقبل قريب ۾غذائي جنسن جي امڪاني گهٽتائيءَ جي بحران عالمي معيشت کي پنهنجيءَ لپيٽ ۾ ورتو آهي. ناڻي جي غير متوازي واڌ جي اڃان خراب ٿيندڙ صورت حال سگهارين معيشتن جي لاءِ به وڏو مسئلو بڻجي چڪي آهي ۽ عالمي بينڪ دنيا جي سطح تي معيشتن جي مستقبل جو جيڪو نقشو پيش ڪيو آهي اهو ڪا روشن تصوير پيش نه ٿو ڪري.

عالمي مالياتي اداري (آئي ايم ايف) پنهنجيءَ اڳ ڪٿيءَ ۾ ٻڌايو آهي ته هن سال عالمي معيشت ۾صرف ٻه اعشاريه نون في صد جي رفتار سان اوسر متوقع آهي، جيڪا 2021 جي پنج اعشاريه ست في صد شرح جي عالمي پيداوار جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي.

ان پوري منظر نامي ۾ جيڪڏهن امريڪي معيشت ۽ هن ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائيءَ جي شرح تي نظر ڊوڙائي وڃي ته هڪ اهڙي سال دوران جڏهن وسط مدتي انتخابات ٿيندا هيءَ صورت حال خاص طور تي حڪمران جماعت لاءَ پريشان ڪن آهي. ماهرين جي چوڻ مطابق امريڪي صدر جو بائيڊن تي دٻاءُ وڌيل آهي ته غذائي اجناس جي متوقع کوٽ، پيٽرول جون وڌندڙ قيمتون ۽ گهرن جي مسواڙ جي آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ رفتار ۾ ڪمي آڻڻ لاءَ سنجيده اقدامات ڪيا وڃن.

اي بي سي نيوز ۽ آئي پي ايس او ايس جي تازي جائزي مطابق صرف 28 في صد ووٽرن ناڻي جي غيرمتوازن واڌ جي شرح جي معاملي کي حل ڪرڻ ۽ معيشت کي صحيح راه تي هلائڻ لاءِ صدر بائيڊن جي ڪوششن ۽ طريقه ڪار کي درست قرار ڏنو آهي.

صدر بائيڊن چيو آهي ته هو فيڊرل رزرو کي، جنهن حاليه مهينن ۾ پنهنجي مالياتي پاليسين کي سخت ڪيو آهي، پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏنو ويندو ۽ پاڻ قيمتن ۾ ڪمي آڻڻ لاءِ گهربل اقدامات تي عمل ڪندا. ماهرين جي خيال ۾ هن وقت عالمي صورت حال ۾ زيادو اقدامات جي وڌيڪ گنجائش ڪانهي.

عزيز يونس جو تعلق امريڪا جي ايٽلانٽڪ ڪونسل سان آهي. سندن چوڻ آهي ته ملڪ ۾ يقينا‘ مهانگائي آهي جنهن جو وڏو سبب تيل جون وڌندڙ قيمتون آهن، ڇو ته جيسي تائين تيل جون قيمتون وڌنديون رهنديون ان جو اثر دنيا جي تقريبا‘ سڀني شئين تي پوندو. ٻئي پاسي، ڏٺو وڃي ته ملڪ ۾ بيروزگاريءَ جي شرح گهٽ آهي. وڪري جا انگ اکر به سٺا آهن ۽ هائوسنگ مارڪيٽ به ڪافي مضبوط ٿيندو پيو وڃي. ليڪن ان جي باوجود صارف خوش نظر نه ٿو اچي. اهو معيشت جي حقيقي صورت حال ۽ ماڻهن جي جذبات ۽ احساسات ۾ هڪ قسم جو تضاد آهي جنهن جو هڪ ئي سبب ٿي سگهي ٿو ته عام صارف کي پيٽرول پمپ تي مهانگائي نظر اچي ٿي، جيڪا هن کي پريشان ڪري رهي آهي. هو محض پيٽرول جي وڌيل قيمت کي ڏسي ٿو ۽ باقي ڳالهين کي نظرانداز ڪري ٿو ڇڏي.

پيٽرول جي قيمتن متعلق هينئر تائين ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهجي، جيسي تائين يوڪرين جي جنگ جاري آهي.

صدر بائيڊن صورت حال ۾ بهتري آڻڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي. انهيءَ حوالي سان وائٽ هائوس مطابق هو جلد ئي سعودي عرب جو دورو ڪرڻ وارو آهي، جڏهن ته اوپيڪ پلس پنهنجي پيداوار وڌائڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان کان سواءِ سفارتي ذرائع جي مدد سان هنن وينزويلا سان معاملات بهتر بڻائڻ لاءِ اقدامات ڪيا آهن ته جيئن ان جي تيل مان به فائدو وٺي سگهجي.

تڏهن به هيءُ مطالبو ته وفاقي حڪومت ملڪ جي انهن علائقن مان تيل ڪڍي جتي قدرتي ذخائر موجود آهن. ان ڏس ۾ هڪ طرف ماحوليات جا سرگرم ڪارڪن مزاحمت ڪري رهيا آهن ته ٻئي پاسي هيءُ عمل مسئلي جو ڪو حل پيش نو ٿو ڪري، ڇو ته ان ۾ ڪافي وقت لڳي ويندو.

امريڪا کي درپيش ٻي مشڪل اها آهي ته هن سال جي آخر ۾ ڪانگريس جا مڊ ٽرم انتخابات ٿيڻ وارا آهن جن ۾ ٻن سالن کان پوءِ سينيٽ جي ٽئين حصي ۽ ايوان نمائندگان جي سمورن ميمبرن جي چونڊ ٿيڻي آهي. ماهرين سمجهن ٿا ته موجوده صورت حال ۾ انتخابي نتائج جي باري ۾ ڪجهه به نه ٿو چئي سگهجي. ليڪن ڏسڻ ۾ اهو پيو اچي ته حڪمران جماعت لاءِ حالات زياده سازگار ناهن.

هن وقت جيڪو مسئلو صرف امريڪا کي ئي نه بلڪه پوري دنيا کي متاثر ڪري رهيو آهي اهو يوڪرين جي خلاف روس جي جنگ آهي جنهن جي فوري طور تي ختم ٿيڻ جا آثار نظر نه ٿا اچن. ماهرين جي بقول اگر هيءَ جنگ اڄ ئي ختم ٿي وڃي تڏهن به ايندڙ ڪيترن ورهن تائين ان جا اثرات دنيا لاءِ مشڪلات جو سبب بڻيا رهندا.

ڊاڪٽر ظفر بخاري شڪاگو اسٽيٽ يونيورسٽي سان وابسته آهي ۽ معاشيات ۽ مارڪيٽنگ جا مضمون پڙائيندا آهن. سندن چوڻ آهي ته هن وقت ملڪ ۾ ناڻي جي غيرمتناسب واڌ گزريل 40 ورهن جي بلند ترين سطح تي آهي، يعني 8 في صد کان به وڌيڪ، جڏهن ته حڪومت وٽ ان کي گهٽائڻ يا معيشت جو رخ موڙڻ لاءِ ڪي خاص آپشنز موجود ڪونهن، ڇو ته آزاد معيشتن ۾ طرف جو تعين مارڪيٽ فورسز پاڻ ڪنديون آهن، انهن تي حڪومتن جو ڪنٽرول نه هوندو آهي. يوڪرين جي لڙائيءَ حالات کي قابوءَ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو آهي. جيسي تائين هيءَ جنگ جاري رهندي، دنيا ساڳيءَ بي يقيني صورت حال جي شڪار رهندي.

XS
SM
MD
LG