رسائی کے لنکس

فيصلا آرمي چيف ڪري رھيو آهي: عمران خان


پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جو اڳواڻ عمران خان پنھنجي گرفتاريءَ جي لاءِ ھلندڙ ڪاروائي جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل صورتحال جو ذميوار آرمي چيف جنرل عاصم منير کي قرار ڏنو آهي.

وائس آف آمريڪا جي نمائنده ساره زمان کي ڏنل انٽرويو ۾ عمران خان چيو ته سندس گرفتاري لاءِ کنيل قدم ’’ھاڻوڪي حڪومت جي وس جي ڳالھ ناھن. اهو سڀ ڪجھ اسٽيبلشمنٽ جي پٺڀرائيءَ سان ڪيو ويو آهي، جنهن جا فيصلا هڪ ئي شخص ڪري پيو، جيڪو آرمي چيف پاڻ آهي’’.

عمران خان موقف اختيار ڪيو ته کيس 18 مارچ تائين حفاظتي ضمانت حاصل آهي. سندس گرفتاري ھڪ منصوبي جو حصو آھي، جنھن تحت کيس گرفتار ڪري، نااهل ڪري، يا 'آخري حل' طور چونڊن جي مقابلي کان ٻاهر رکڻ آهي.

هن چيو ته 'آخري حل' جو مطلب آهي ته مٿس اڳ ئي قاتلاڻو حملو ٿي چڪو آهي، جيڪي ماڻھو ملوث ھيا اھي ھن حڪومت ۾ ويٺا آھن، ۽ عوامي راءِ جي جائزن مان اھو به پڌرو ٿي ويو آهي ته سندن پارٽي ايندڙ چونڊن ۾ وڏي اڪثريت حاصل ڪندي.

تحريڪ انصاف جي چيئرمين چيو ته اندروني معاملن واري وزارت چوي ٿي ته منهنجي جان کي خطرو آهي. ان ڪري مان عدالت ۾ پيش نه ٿي رهيو آهيان. هن چيو ته هو پنهنجي جان کي درپيش خطرن بابت اڳ ۾ ئي وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله جو نالو وٺي چڪو آهي.


واضح رهي ته اڱاري تي توشا خانه ڪيس ۾ عمران خان جي گرفتاري جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪيا ويا ھيا، جن جي پوئواري لاءِ اسلام آباد ۽ پنجاب جي پوليس انھي ڏينھن شام جو لاهور ۾ سندس زمان پارڪ واري گھر پهچي وئي ھئي، جڏهن ته تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن وچ ۾ ھلندڙ ٽڪراءَ سبب ڇڪتاڻ واري صورتحال بڻجي وئي آهي.

مقامي ميڊيا سان ڳالهائيندي آئي جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور چيو آهي ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي پٿراءَ سبب 54 پوليس اھلڪار زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته چڪرين ۽ وڳوڙ دوران ڪيترين ئي گاڏين کي پڻ باهه ڏني وئي آهي.

اسلام آباد پوليس جو موقف آهي ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن پاران پٿراءُ ڪرڻ باوجود ڪا سخت ڪاروائي نه ڪئي وئي آھي. پوليس موجب پٿراءُ عمران خان جي گهر جي ڇت تان ڪيو ويو آھي.


ماضي ۾ ٿيندڙ گرفتارين کان مختلف ڇو؟

وائس آف آمريڪا جي انٽرويو ۾ سوال ڪيو ويو ته سياسي اڳواڻن کي ماضيءَ ۾ به گرفتار ڪيو ويو، وزير اعظم جيلن ۾ ويا ۽ سندن حامي ماريا ويا، پر ھاڻوڪي صورتحال انهن سڀني کان مختلف ڇو آهي؟

عمران خان چيو ته آئون رڳو نواز شريف جي ڳالهه ڪري سگهان ٿو، جيڪو پاناما اسڪينڊل ذريعي ظاھر ٿيندڙ ڪرپشن سبب جيل ويو، پر مون تي بغاوت ۽ دهشتگرديءَ جهڙا ڪيس هلي رهيا آهن.

اهو ھڪ شخص ڪير آهي؟

عمران خان کان پڇيو ويو ته اوھان پنهنجن حامين کي پيغام ۾ چيو ھو ته پاڪستان جا فيصلا فقط هڪ شخص ڪري رهيو آهي. اهو ڪير آهي؟

جواب ۾ عمران خان چيو ته سڀني کي خبر آهي ته ھاڻوڪي حڪومت پوري طرح اسٽيبلشمينٽ تي دارومدار رکيو ويٺي آهي، سندن مرضي کانسواءِ ڪجهه به نٿو ٿي سگهي.

هن چيو ته سندس خلاف ھلندڙ ڪاروايون هن حڪومت جي وس جي ڳالھ ناھن، انھن جو ڪو به قانوني جواز ناهي. هن حڪومت جي ڪا به اخلاقي حيثيت ناهي ڇو ته انهن مان 60 سيڪڙو ماڻھو بدعنوانيءَ جي ڪيسن ۾ ضمانت تي آهن. اهي رڳو اسٽيبلشمينٽ جي ڪري حڪومت ۾ ويٺل آهن.

هن چيو ته مون کي خدشو آهي ته اسٽيبلشمينٽ صرف هڪ شخص آهي. جڏهن کانئس پڇيو ويو ته اهو "هڪ شخص" ڪير آهي، ته سندس چوڻ ھو: ”آرمي چيف، هو فيصلا ڪندو آهي. جيڪي ڪجھ چوي ٿو تنھن تي عمل ٿئي ٿو’’.


ماضي ۾ توهان اڳوڻي آرمي چيف تي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي سازش جو الزام ھنيو ۽ هاڻ چئو ٿا ته موجوده آرمي چيف توهان جي خلاف آهي؟ ان جي جواب ۾ عمران خان چيو ”آئون هن وقت اھو نٿو چوان، آئون صرف اهو چئي رهيو آهيان ته پاڪستان ۾ ۽ خاص ڪري موجوده صورتحال ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو اسٽيبلشمينٽ جي سهڪار کانسواءِ ممڪن ناهي“.

عمران خان اپريل 2021 ۾ عدم اعتماد جي تحريڪ ذريعي پنهنجي حڪومت ختم ٿيڻ جو سڌي ۽ اڻ سڌي ريت اسٽيبلشمينٽ کي ذميوار قرار ڏيندو رهيو آهي. جڏهن ته پاڪستاني فوج ۽ سيڪيورٽي ادارا ان تاثر کي رد ڪندا رهيا آهن.

عمران خان موجوده آرمي چيف جنرل عاصم منير جي مقرري کانپوءِ مفاهمت وارو لھجو به اختيار ڪري چڪو آهي.

‘رينجرز جي ڪاروائي فوج خلاف اڀاري رھي آھي‘

عمران خان چيو ته رينجرز جو تازو "حملو" ملڪ جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي کي فوج جي آڏو اچڻ ۽ مھاڏو اٽڪائڻ تي اڀاري رھيو آهي. پي ڊي ايم ۽ پاڪستان جا دشمن اهو ئي چاهين ٿا. اڀرندي پاڪستان جي سانحي مان ڪو به سبق نه سکيو ويو آهي.

اربع ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ عمران خان چيو ته سندس گهر گذريل ڏينهن کان وٺي سخت حملي جي نشاني تي آهي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻن تي ڳوڙها آڻيندڙ گيس، ’واٽر ڪينن’ جو وسڪارو۽ رٻڙ جون گوليون وسايون ويون آھن.

هن الزام لڳايو ته پوليس اربع جي صبح سندس گهر تي سڌي فائرنگ ڪئي، جڏهن ته رينجرز کي به ميدان ۾ لاٿو ويو آھي، جيڪا عوام سان ٽڪرائي رھي آهي.


عمران خان چيو ته جن حلقن جي دعويٰ آھي ته ھو ”غير جانبدار“ آھن، تن کي چوان ٿو ته اوهان جي غير جانبداري جو تصور اهو ئي آهي ته ھٿين خالي مظاھرو ڪندڙن ۽ ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي سامھون رينجرز کي بيهاريو وڃي.

هن چيو ته سندس پارٽي اڳواڻ ھڪ غير قانوني وارنٽ کي منھن ڏئي رھيا آهن ۽ معاملو پھرين کان ئي عدالت ۾ آهي، ۽ حڪومت کيس اغوا ڪري امڪاني طور تي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

عمران خان پنهنجي هڪ تصوير به شيئر ڪئي آھي جنهن ۾ سندس سامهون ٽيبل تي آنسو گيس جا شيل ۽ ھليل گولين جا خول پيل آهن.

XS
SM
MD
LG