پاڪستان جي پهرين ڊجيٽل آدم شماري اربع جي ڏينھن کان شروع ٿي وئي آھي، جنهن ۾ ڳڻپ ڪندڙ اسٽاف گهر گهر وڃي ٽيبليٽ فون ذريعي عوام بابت معلومات داخل ڪري رهيا آهن.
سموري ملڪ ۾ ان ڪم لاءِ ھڪ لک 26 ھزار ڳڻپ ڪندڙ اسٽاف مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته صوبائي حڪومتن پاران ھڪ لک 21 ھزار کان مٿي فيلڊ اسٽاف فوج جي سيڪيورٽي ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رھيو آھي.
ھيءَ آدم شماري 10 سال جي مقرر ڪيل وقت کان پھرين ئي شروع ٿي وئي آھي. پھرين مرحلي ۾ 20 فيبروري کان آن لائن ’خود شماري’ جي شروعات ڪئي وئي ھئي، اهو عمل 3 مارچ تائين جاري رهندو.
خود شماري ذريعي پهريون ڀيرو ڪو به فرد آدم شماريءَ لاءِ پنهنجي خاندان جي معلومات ۽ تفصيل پاڻ آن لائن داخل ڪرائي سگهندو.
اربع کان شروع ٿيندڙ مردم شماري جو ٻيو مرحلو 15 مارچ تائين گھر گھر مھم جي صورت ۾ جاري رهندو، ۽ ٽيون مرحلو 18 مارچ کان پهرين اپريل تائين ٿيندو.
آدم شماري جا اهي مرحلا پڄاڻي تي پھچڻ کان پوءِ مردم شماري ڪرائيندڙ اداري، اداره شماريات پاڪستان (پي بي ايس)، کي حتمي نتيجا جاري ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 30 ڏينهن لڳندا.
آدم شماري جي سڄي عمل تي 34 ارب رپيا خرچ ٿيندا. اھو 2017 جي مردم شماري جي ڀيٽ ۾ ٻيڻو خرچ آهي.
پاڪستان ۾ هينئر تائين ڇهه دفعا گهر شماري ۽ آدم شماري ٿي چڪي آهي. پهرين آدمشماري 1951 ۾ ٿي، ان کان پوءِ 1961، 1972، 1981، 1998 ۽ پوءِ 2017 ۾ ڇهين آدم شماري ٿي.
آدم شماري جو بنيادي مقصد رٿابندي، پاليسي سازي ۽ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ لاءِ اعتماد جوڳي معلومات مهيا ڪرڻ هوندو آھي. آدم شماري ۾ گڏ ٿيندڙ معلومات ماڻھن جي جنس، عمر، ۽ سندن آباديء جي جاگرافيائي توڙي ڪاروباري يا ڌنڌي مطابق ورھاست کي ظاهر ڪري ٿي.
ڊجيٽل آدم شماري ڪيئن مختلف آهي؟
ڳڻپ کاتي جي ترجمان سرور گوندل جو چوڻ آهي ته ڊجيٽل آدم شماري ۾ جيوگرافڪ انفارميشن سسٽم (جي آءِ ايس) سان ڳنڍيل برقي آلات (ٽيبلٽس) ذريعي معلومات گڏ ڪئي ويندي، ۽ مڪمل ڪوريج لاءِ جيو ٽيگنگ سان ڳڻپ ڪندڙ اسٽاف جي ريئل ٽائم مانيٽرنگ پڻ ٿيندي، جنھن سان معلومات جي شفافيت وڌندي.
سرور گوندل وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو ته هن ڊجيٽل آدم شماري ۾ ڳڻپ ڪندڙ عملو سڀني رهائشي ۽ اقتصادي يونٽن جي اليڪٽرانڪ لسٽنگ ڪندو، جڏهن ته هر تجارتي يا رهائشي ڍانچي جي ’جيو ٽيگنگ’ ڪئي ويندي.
ياد رهي ته 2017 جي آدم شماري تي اعتراضن کان پوءِ پاڪستان ۾ وفاق جي مک فيصله ساز اداري ’مشترڪه مفادات ڪونسل’ 2023 جي مردم شماري کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ عالمي طريقه ڪار موجب ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو هو.
ان فيصلي جي روشنيءَ ۾ شماريات واري کاتي انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ نادرا سان گڏجي ڊجيٽل آدم شماري لاءِ سافٽ ويئر ۽ ’ڊيٽا بئنڪ’ تيار ڪيو آهي.
ڳڻپ ڪندڙ ھاڻ ڪاغذ بدران ڪمپيوٽر ٽيبليٽ تي معلومات داخل ڪندا. ان اهم ڪم لاءِ نادرا 12 لک 6 ھزار ٽيبليٽ مقامي طور تي تيار ڪيا آهن.
شماريات کاتي جي ترجمان موجب ڊجيٽل آدم شماري پاڪستان کي ڊجيٽلائيزيشن ڏانھن وٺي وڃڻ ۾ ھڪ اهم اڳتي قدم ثابت ٿيندو.
ڳڻپ جو ڪهڙو طريقو اختيار ڪيو ويندو؟
وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي سرور گوندل چيو ته موجوده آدم شماري ۾ ڳڻپ جو ’ڊي جوري‘ طريقو استعمال ڪيو ويندو، ان طريقي موجب اهي ماڻهو جيڪي گهٽ ۾ گهٽ ڇهن مهينن کان ڪنهن جاءِ تي رهيا پيا آهن يا ڇهن مهينن کان وڌيڪ اتي رهڻ جو ارادو رکن ٿا، اهي ان جاءِ جا ڳڻيا ويندا.
سرور گوندل موجب ’ڊي جوري’ طريقو دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ وڏي پيماني تي استعمال ٿئي ٿو.
پاڪستان ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان بغير شناختي ڪارڊ جي رهندڙ بنگالي ڪميونٽي جي ڳڻپ بابت سوال تي ترجمان چيو ته بنگالي يا ٻيا پرڏيهي جتي به رهن ٿا اھي انهن ئي علائقن ۾ شمار ڪيا ويندا، پوءِ ڀلي وٽن شناختي ڪارڊ هجي يا نه.
خانه بدوشن ۽ بي گهر ماڻهن جي ڳڻپ جي حوالي سان هن چيو ته آدمشماري ۾ جھوپڙين ۽ جُھڳين کي به ڳڻيو ويندو آهي. جڏهن ته خانہ بدوش انھي مخصوص بلاڪ ۾ ڳڻيا ويندا جتي هو آدم شماري دوران موجود ھوندا.
هن چيو ته بي گهر ماڻهو جيڪي فوٽ پاٿن تي، پلن هيٺان يا اسٽيشنن تي سمهندا آهن تن کي به شمار ڪيو ويندو.
خدشا ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي
شماريات جي اداري جي ترجمان جو چوڻ آهي ته آدم شماري ۾ شفافيت لاءِ حڪومت سمورن صوبن جي ماهرن تي ٻڌل هڪ مشاورتي ڪميٽي جوڙي آهي، جنهن 2017ع جي آدم شماري جو جائزو ورتو ۽ ان ۾ آڏو ايندڙ مسئلن جي نشاندهي ڪري 2023 جي آدم شماري لاءِ سفارشون ڪيون ھيون.
سندس چوڻ مطابق صوبائي حڪومتن جي نمائندگي سان ھڪ ’معاونت مرڪز’ آدم شماري جي مانيٽرنگ ۽ پاليسي سازي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. اھو مرڪز صوبن توڙي سياسي پارٽين جي شموليت سان سمورا معاملا طئي ڪندو.
سرور گوندل چيو ته مشاورتي ڪاميٽي نشاندهي ڪئي هئي ته 2017 جي مردم شماري ۾ سڀ کان وڏو مسئلو اعتماد جي کوٽ جو بڻيو ڇو ته صوبا مشاورتي عمل ۾ شامل نه ھئا. تنھن ڪري ڪاميٽي جي سفارش تي سڀني صوبن کي آدمشماري جي رٿابندي کان وٺي نتيجا ٺاھڻ تائين جي عمل ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
(علي فرقان جي رپورٽ)