رسائی کے لنکس

آمريڪا: لوئي ول ڪينٽڪيءَ ۾ شوٽنگ، چار ڄڻا مارجي ويا


آمريڪي رياست ڪينٽڪيءَ جي پوليس ٻڌايو آهي ته لوئي ول ۾ هڪ بينڪ جي عمارت ۾ فائرنگ جي واقعي جي نتيجي ۾ چار ڄڻا مري ويا آهن، جن ۾ مبينه طور حملو ڪندڙ به شامل آهي.

پوليس اهو به ٻڌايو آهي ته اٺن زخمين کي اسپتال آندو ويو آهي.

بينڪ جي عمارت کان ٻاهر ايندڙ عيني شاهدن ٽي وي چينل ’ڊبليو ايڇ اي ايس’ کي ٻڌايو ته هن عمارت جي اندر فائرنگ جو آواز ٻڌو.

ٽيلي ويزن فٽيج ۾ پوليس جون ڪيتريون ئي گاڏيون ڏسي سگهجن ٿيون. ’ڊبليو ايڇ اي ايس’ جي رپورٽرن ٻڌايو آهي ته واردات جي هنڌ تي ماڻهن کي ايمبولينس ۾ وجهندي ڏٺو ويو.

ڪينٽڪيءَ جي گورنر اينڊي بيشير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته متاثر خاندانن ۽ لوئي ول شهر جي لاءِ دعا ڪريو.

زخمين ۾ پوليس جا ٻه عمل دار به شامل ٻڌايا وڃن ٿا.

پوليس جي مطابق، حملو ڪندڙ بينڪ جو اڳوڻو ملازم هو، جيڪو پڻ مرڻ وارن ۾ شامل آهي. ليڪن سندس حملي جو سبب اڃان تائين نه ٻڌايو ويو آهي.

ايف بي آئي چيو آهي ته ان جي ايجنٽن به فائرنگ جو جواب ڏنو.

(هن خبر ۾ شامل معلومات ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتي وئي آهي)

XS
SM
MD
LG