رسائی کے لنکس

عمران خان پاران جنرل باجوه تي تنقيد مناسب ناهي، چوڌري سرور


پنجاب جو اڳوڻو گورنر، چوڌري سرور (فائيل فوٽو)
پنجاب جو اڳوڻو گورنر، چوڌري سرور (فائيل فوٽو)

پنجاب جي اڳوڻي گورنر چوڌري محمد سرور چيو آهي ته عمران خان جي وزير اعظم ٺهڻ ۾ اڳوڻي آرمي چيف جو تمام وڏو ڪردار رهيو آهي. ان ڪري، پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آئي) جي پاران جنرل (ر) قمر جاويد باجوه تي تنقيد مناسب ناهي.

اسلام آباد ۾ وائس آف آمريڪا کي ڏنل خصوصي انٽرويو ۾ هن چيو ته اهو مناسب رويو ناهي ته مان ڪلهه تائين عمران خان سان گڏ هيس ۽ جڏهن مان گورنر نه رهيو آهيان ته ان جي ذات تي تنقيد شروع ڪريان.

هن چيو ته ’’مان سمجهان ٿو ته ٽڪر ان وقت وٺڻ کپي جڏهن توهان اقتدار ۾ هجو، ۽ جڏهن توهان اقتدار ۾ ناهيو ته لڙائي بند ڪرڻ گهرجي’’.

خيال رهي ته اڳوڻي وزير اعظم عمران خان اقتدار مان عليحده ٿيڻ کان پوءِ مسلسل جنرل (ر) قمر جاويد باجوه کي تنقيد جو نشانو بنايو آهي.

چوڌري سرور چيو ته عمران خان کيس گورنر جي سيٽ تان هٽايو. ان جو مطلب اهو آهي ته هو عمران خان جي ذات تي حملا شروع ڪري ڇڏي. هن چيو ته هو مسئلن تي ڳالهائيندو آهي ۽ پي ٽي آئي جي خامين کي به سامهون آڻيندو آهي، ليڪن ذاتي حملا نه ڪيا وڃن.

اڳوڻي گورنر چيو ته جنرل (ر) قمر جاويد باجوه بجيٽ جي منظوريءَ کان وٺي اعتماد جي ووٽ تائين هر موقعي تي عمران خان جي ڀرپور مدد ڪئي. هن چيو ته سعودي عرب سان ناتن ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي ته فوج ئي ٻنهين ملڪن جي تعلقات کي بحال ڪرايو.

خيال رهي ته پنجاب جي اڳوڻي گورنر جو شمار عمران خان جي ويجهن ساٿين ۾ ٿيندو هو. ليڪن، گزريل سال عمران خان جي خلاف قومي اسمبليءَ ۾ تحريڪ عدم اعتماد ۽ پنجاب جي سياسي صورت حال جي ڪري ٻنهين جي وچ ۾ اختلافات شدت اختيار ڪري ويا.

عمران خان گزريل سال ٽين اپريل تي چوڌري سرور کي گورنرشپ تان هٽائي ڇڏيو، جنهن کان پوءِ چوڌري سرور عمران خان جي خلاف هڪ جارحانه اخباري ڪانفرنس ڪئي هئي. ليڪن پوئين اٺن مهينن کان هو سياست ۾ گهڻو متحرڪ ناهي.

اسٽيبلشمينٽ جي سياست ۾ ڪردار جي حوالي سان چوڌري سرور چيو ته ’’تازو فوج جو سياست ۾ ڪردار ڏسڻ ۾ نه آيو آهي’’. سندس بقول، ’’اهڙي ڪا ڳالهه نه ڏٺي وئي آهي جو ائين چئي سگهجي ته اها (فوج) ڪردار ادا ڪري رهي آهي. منهنجي خيال ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار ختم ٿي ويو آهي ۽ ٿيڻ به گهرجي’’.

(علي فرقان جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG