محنت جي بين الاقوامي اداري، انٽرنيشنل ليبر آرگينائيزيشن (آئي ايل او) اڱاري ڏينهن چيو آهي ته جنگ جي شڪار رهڻ واري ملڪ تي طالبان جي قبضي کان پوءِ افغانستان ۾ عورتن جي ملازمتن جي سطح تمام گهڻو ڪري پئي آهي.
هڪ نئين رپورٽ ۾ اداري چيو آهي ته عورتن جي صلاحيتن ۾ گهٽتائي به ان ڪري ٿي آهي جو سندن سرگرمين تي طالبان پابنديون لڳايون آهن ۽ کين ڪم ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي.
آئي ايل او جي اندازي مطابق، عورتن کي قومي ۽ بين الاقوامي غير سرڪاري تنظيمن جي لاءِ ڪم ڪرڻ کان روڪڻ جي تازن حڪم نامن کان پوءِ صورت حال وڌيڪ خراب ٿي آهي.
عورتن جي ملازمتن متعلق 2022 جي چوٿين ٽه ماهيءَ دوران لڳايل هڪ اندازي مطابق، سال 2021 ۾ بحران کان اڳ واري ٽه ماهيءِ جي ڀيٽ ۾ 25 سيڪڙو ڪمي آئي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته انهيءَ عرصي دوران مردن جي ملازمت جي سطح ۾ ست سيڪڙو گهٽتائي نوٽ ڪئي وئي آهي.
طالبان 2021 جي آگسٽ ۾ ان وقت اقتدار ٻيهر سنڀاليو جڏهن آمريڪا ۽ نيٽو جون فوجون ملڪ مان ٻاهر نڪتيون. ان کان پوءِ طالبان اڳواڻن پنهنجي تشريح سان مطابقت رکڻ واري اسلامي قانون يا سخت شريعت نافذ ڪئي، جنهن هيٺ گهڻي ڀاڱي سمورين افغان عورتن کي ڪم تي وڃڻ کان روڪيو ويو ۽ غريب ملڪ ۾ ڇهين ڪلاس کان مٿي تعليم تي پابندي لڳائي وئي.
افغانستان جي لاءِ اداري جي سينئر رابطي ڪار، رامين بهزاد چيو آهي ته نينگرين ۽ عورتن تي پابنديون انهن جي پڙهائيءَ ۽ ليبر مارڪيٽ تي شديد اثر وڌو آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گهرن ۾ قائم خانگي روزگار ليبر مارڪيٽ ۾ عورتن جي شرڪت جو هڪ اهم انداز بڻجي ويو آهي جنهن جي ڪري انگ اکر اڃان وڌيڪ ڪري پيا آهن.
بهزاد وڌيڪ چيو ته سمورن نوجوان عورتن ۽ مردن کي معياري تعليم ۽ تربيت سان گڏ و گڏ باعزت ۽ آمدني ۾ واڌ آڻيندڙ روزگار جي موقعن تائين هڪ جهڙي رسائي فراهم ڪرڻ افغان معيشت ۽ معاشري جي مستقبل جي لاءِ هڪ چيلينج برابر آهي.
آئي ايل او جي رپورٽ ۾ اندازو لڳايو ويو آهي ته 15 کان 24 سالن جي عمر جي افغانن جي لاءِ نوجوانن جي روزگار ۾ 25 سيڪڙو ڪمي واقع ٿي آهي.
افغانستان ۾ اڃان سوڌو انساني بحران جي ڪيفيت جاري آهي، جنهن جي ڪري ورهن جي جنگ، ڊگهي عرصي کان خشڪ سالي، سخت معاشي حالتون ۽ چيلينج جي نوعيت واري صورت حال جاري آهي.
طالبان جي قبضي کان پوءِ ملڪي بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي، ڇو ته غير ملڪي حڪومتن امداد تي گهڻي انحصار ڪرڻ واري هن ملڪ جي لاءِ ترقياتي فنڊ روڪي ڇڏيا آهن. افغان مرڪزي بينڪ جا 9 ارب ڊالر کان وڌيڪ غير ملڪي اثاثا روڪيا ويا ۽ افغان بينڪاريءَ جي شعبي کي الڳ ٿلڳ ڪيو ويو.
عالمي برادري طالبان کي افغانستان جا جائز حڪمران تسليم ڪرڻ کان پاسو ڪيو آهي ۽ اها سفارتي تعلقات قائم ڪرڻ تي آمادگيءَ کان پهريان، سخت گير طالبان قيادت کان انساني حق بحال ڪرڻ ۽ دهشت گرد گروهن سان تعلقات ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهي آهي.
اهڙي وقت ۾ عالمي اداري جي سيڪريٽري جنرل، اينتونيو گوتيرس سومر ڏينهن عورتن جي حيثيت متعلق قائم ڪميشن جي اجلاس ۾ چيو آهي ته افغان عبوري حڪومت عورتن ۽ نينگرين کي عام زندگيءَ مان مڪمل طور تي پاسي تي ڪري ڇڏيو آهي.
ان موقعي تي يورپي يونين جي نمائندي چيو آهي ته افغانستان ۾ عورتن ۽ نينگرين جي حقن جي مسلسل بگڙجندڙ صورت حال تي سخت تشويش آهي، جڏهن ته عورتن جي صورت حال متعلق گڏيل قومن جي اداري جي سربراه، روزا اوتن بائيفا سلامتي ڪائونسل کي افغانستان متعلق بريفنگ ڏيندي.
هوڏانهن افغانستان ۾ عورتن ۽ انساني حقن جا ادارا مسلسل احتجاج جو اظهار ڪري رهيا آهن.
عورتن جي هڪ گروپ اڱاري ڏينهن ڪابل شهر جي شهر نو جي علائقي ۾ سڙڪ تي نڪري پهريون احتجاج ڪيو، جيڪو اٺين مارچ جي عورتن جي عالمي ڏينهن کان هڪ ڏينهن اڳ ٿيو آهي.
افغان عورتن جي ڪارڪنن چيو آهي ته جيڪڏهن عالمي برادري افغان عورتن جي مدد ڪرڻ گهري ٿي ته ان کي سکڻا بيان جاري ڪرڻ جي بجاءِ عملي قدم کڻڻ کپن. هنن چيو ته افغانستان ۾ طالبان جي قبضي جي 18 مهينن کان پوءِ عورتن جا سمورا حق کسجي چڪا آهن.
افغان عورتن، نينگرين ۽ انساني حقن جي لاءِ آمريڪي خصوصي نمائندي، رينا اميريءَ عالمي رهنمائن کي چيو ته اهي افغان عورتن ۽ نينگرين جي صورت حال تي توجه ڏين.
(هن خبر جي لاءِ تفصيل اي ايف پيءَ تان ورتا ويا آهن)