عالمي مالياتي اداري (آئي ايم ايف) چيو آهي ته پاڪستان سان قرض جي معاهدي جي بحاليءَ کي جوهري پروگرام سان ڳنڊڻ جي خبرن ۾ ڪا حقيقت ڪانهي.
پاڪستان جي لاءِ آئي ايم ايف جي نمائندي، ايسٽر پيريز آچر جي ڏينهن هڪ بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان سان مذاڪرات معاشي مسئلن جي حل ۽ ’بيلينس آف پيمنيٽ’ جو مسئلو حل ڪرڻ تي ٿي رهيا آهن. ان سلسلي ۾ ايٽمي پروگرام متعلق سامهون ايندڙ گمان ۾ ڪا سچائي ڪانهي.
آئي ايم ايف جي نمائندي جو بيان اهڙي موقعي تي سامهون آيو آهي جڏهن ڪي سياستدان حڪومت کان اهي سوال ڪري رهيا آهن ته ٻڌايو وڃي ته ڇا قرض جي پروگرام جي بحاليءَ جي عيوض آئي ايم ايف پاڪستان جي ايٽمي پروگرام کي محدود ڪرڻ جي لاءِ چئي رهي آهي؟
هوڏانهن پرڏيهي آفيس ۽ وزير اعظم هائوس ان جي ترديد ڪئي آهي.
وزير اعظم آفيس 16 مارچ تي جاري ڪيل اعلان ۾ جوهري پروگرام متعلق قياس آرائين کي رد ڪندي چيو هو ته ايٽمي پروگرام تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو.
پاڪستان جي ايٽمي پروگرام تي ٿيندڙ ان بحث جو معاملو آمريڪي سينيٽ جي مسلح فوج جي ڪاميٽيءَ ۾ اٿاريو ويو هو.
آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي ڪمانڊر جنرل مائيڪل ڪوريلا پاڪستان جي ايٽمي پروگرام متعلق پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ چيو هو ته هو پاڪستان جي ايٽمي پروگرام کان مطمئن آهي ۽ اهو محفوظ آهي. البته، پاڪستان کي دهشت گردي، معاشي مسئلا ۽ بجيٽ ڪشيدگي آڏو آهي.
سورنهين مارچ تي ڪاميٽيءَ جي سامهون هن چيو هو ته پاڪستان ۾ ملٽري تعلقات جي معاملن کي ڏسئون پيا، ۽ سندس پاڪستاني فوج جي سربراه جنرل عاصم منير سان تمام سٺا تعلقات آهن.
واضح رهي ته آئي ايم ايف سان ستن ارب ڊالر قرض جي بحاليءَ ۾ لڳاتار دير ٿي رهي آهي. خزاني واري وزير إسحاق ڊار جي آئي ايم ايف اختياريءَ وارن سان ڪيترين ئي ملاقاتن جي باجود قرض پروگرام بحال نه ٿي سگهيو آهي.
ان سلسلي ۾ پيپلز پارٽيءَ جي سينئر اڳواڻ سينيٽر رضا ربانيءَ ڇهين مارچ تي وزير اعظم کي لکيل هڪ خط ۾ مطالبو ڪيو هو ته هو آئي ايم ايف معاهدي ۾ دير ٿيڻ متعلق ايوان کي اعتمام ۾ ورتو وڃي.
سينيٽر رضا ربانيءَ سوال ڪيو هو ته پاڪستان جي عوام کي حق آهي ته کيس ٻڌايو وڃي ته ڇا ايٽمي اثاثه ڪنهن دٻاءَ ۾ ته ناهن؟ يا اسان جا چين سان اسٽريٽجڪ تعلقات خطري ۾ آهن؟
بعد ۾ وزير اعظم آفيس جي اعلان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جو ايٽمي ۽ ميزائيل پروگرام هڪ قومي اثاثو آهي جنهن جي رياست غيرت منديءَ سان حفاظت ڪندي آهي.
ايٽمي پروگرام جي معاملي ان وقت شدت اختيار ڪري ورتي جڏهن پوئين هفتي خزاني واري وزير اسحاق ڊار سينيٽ جي اجلاس دوران تقرير ڪندي چيو ته پاڪستان پنهنجي جوهري يا ميزائيل پروگرام تي ڪو سمجهوتو نه ڪندو. ڪنهن کي اهو حق حاصل ناهي ته هو پاڪستان کي ٻڌائي ته ڪنهن رينج جا ميزائيل يا هٿيار رکڻ گهرجن.
پاڪستان تحريڪ انصاف خزاني جي وزير جي هن تقرير کي بحران جو باعث قرار ڏنو آهي.
پي ٽي آءِ جي نائب سربراه ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاه محمود قريشيءَ آچر جي ڏينهن پريس ڪانفرنس دوران مطالبو ڪيو ته جيڪڏهن آئي ايم ايف ميزائيل سسٽم متعلق ڪا ڳالهه نه ڪئي آهي ته اسحاق ڊار اهو ٻڌائي ته هن ايوان ۾ ايڏو وڏو بيان ڇو ڏنو؟
شاه محمود مطابق خزاني جي وزير ايٽمي اثاثن متعلق ڳالهائي رهيو هو، ڇا کيس غير ذمي دارانه ڳالهه ڪرڻ کپي؟
دفاعي تجزيه ڪارن جو چوڻ آهي ته موجوده حالتن ۾ پاڪستان جي سمورين سياسي قوتن کي گڏ ويهي مشترڪه لائحه عمل ٺاهڻ کپي ته پاڪستان جي ايٽمي اثاثن جي حوالي سان ڪا منفي ڳالهه نه ٿي سگهي.