رسائی کے لنکس

ايندڙ اسٽاف ليول اجلاس ۾ پاڪستان سان معاهدو طئي ٿي ويندو، آءِ ايم ايف


واشنگٽن ڊي سيءَ ۾ جاري عالمي بينڪ ۽ آءِ ايم ايف جي سالياني بهار جي مند جو اجلاس. اسحاق ڊار اربع ڏينهن زوم ذريعي اجلاس کي خطاب ڪيو.
واشنگٽن ڊي سيءَ ۾ جاري عالمي بينڪ ۽ آءِ ايم ايف جي سالياني بهار جي مند جو اجلاس. اسحاق ڊار اربع ڏينهن زوم ذريعي اجلاس کي خطاب ڪيو.

عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) جي وچ اوڀر ۽ مرڪزي ايشيا جي ڊائريڪٽر، جهاد آذرو ان ڳالهه جو اظهار ڪيو آهي ته پاڪستان ۽ آئي ايم ايف جي وچ ۾ ايندڙ اسٽاف ليول اجلاس ۾ قرض پيڪيج جو معاهدو طئي ٿي ويندو ۽ پوءِ بورڊ جي منظوريءَ کان پوءِ ان تي صحيون ٿي وينديون.

آءِ ايم ايف جي ڊائريڪٽر اهي رمارڪس پاڪستان کان زوم ذريعي واشنگٽن ۾ بين الاقوامي مالياتي اداري جي اجلاس ۾ پيش ڪيا.

قرض جي باري ۾ آءِ ايم ايف جي يقين دهانيءَ تي مشتمل اهو بيان اسلام آباد ۾ فائنانس ڊويزن پاران جاري ڪيو ويو آهي.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان کي اميد آهي ته آئي ايم ايف سان 2019 جي پاران 6.5 ارب ڊالر جي پيڪيج کي بحال ڪيو ويندو.

ان ۾ چيو ويو آهي ته اتحادي حڪومت جي اها ڪوشش آهي ته هڪ ڏهائي هڪ ارب ڊالر جي قسط جاري ٿي ويندي.

فائنانس ڊويزن جي بيان ۾مالياتي اداري جي ڊائريڪٽر جهاد آذرو کي اهو چوندي ٻڌايو ويو آهي ته کيس اميد آهي ته پاڪستان آءِ ايم ايف جي پروگرام کي وقت سر مڪمل ڪرڻ جي لاءِ مختلف شعبن ۾ سڌارا جاري رکندو ۽ آءِ ايم ايف پاڪستان جي معاشي استحڪام ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو.

اسحاق ڊار ان ڳالهه جو خواهشمند هو ته واشنگٽن ۾ جاري اجلاس ۾شريڪ ٿئي، ليڪن، سندس بقول، ته هن وزير اعظم شهباز شريف جي خواهش تي ملڪ ۾ جاري سياسي عدم استحڪام کي ڌيان ۾ رکندي پنهنجو دورو منسوخ ڪيو ۽ ان ۾ آن لائين شريڪ ٿيو.

XS
SM
MD
LG