رسائی کے لنکس

ڇا ’آئي ايم ايف’ پروگرام پاڪستان جي لاءِ قرض ري شيڊول ڪري سگهي ٿو؟


پاڪستاني وزير خزانه اسحاق ڊار جي آئي ايم ايف جي عهديدارن سان ملاقات
پاڪستاني وزير خزانه اسحاق ڊار جي آئي ايم ايف جي عهديدارن سان ملاقات

عالمي مالياتي اداري (آئي ايم ايف) جي وچ اوڀر ۽ وسط ايشيا جي لاءِ ڊائريڪٽر، جهاد آذور چيو آهي ته پاڪستان جي لاءِ اهڙي وقت جڏهن ڪرونا وائرس جي عالمي وبا کان پوءِ هاڃيڪار سيلاب جي ڪري وڏي نقصان کي منهن ڏيڻو پيو آهي، اداري فنڊ فوري جاري ڪرڻ سميت ڪيترا ئي لچڪدار قدم کنيان آهن.

ليڪن، هن قرضن جي ري شيڊولنگ جو سڌو سنئون جواب ڏيڻ کان ڪيٻائيندي چيو ته جڏهن پاڪستان جي عمل دارن سان ’ريويو اجلاس’ ٿيندو ته ان دوران عالمي بينڪ ۽ ’يو ايس ايڊ’ پاڪستان ۾ سيلاب جي ڪري ٿيڻ واري نقصان جو درست تجزيو به سامهون اچي ويندو ته آئي ايم ايف پنهنجي نمبرن کي به اپ ڊيٽ ڪندو.

اها ڳالهه هن واشنگٽن ۾ آئي ايم ايف جي سالياني اجلاس ۾ هڪ اخباري ڪانفرنس دوران وائس آف آمريڪا جي اردو سروس جي سوال جي جواب ۾ ٻڌائي.

وائس آف آمريڪا جي نمائنده، ارم عباسيءَپنهنجيءَ رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته هن اهو به چيو ته انهن ’ٽارگيٽيڊ سبسڊيز’ دنيا جي ڪيترن ئي علائقن کي فائدي جي بجائي نقصان پهچايو آهي.

جهاد آذور وڌيڪ چيو ته اسان پاڪستان جي عهديدارن سان گفتگو ڪري رهيا آهيون ۽ تازيءَ ٻوڏ جي ڪري ٿيڻ واري نقصان جي حقيقي جائزي جا به منتظر آهيون. سندس لفظن ۾، ’’جڏهن هي انگ اکر اسان جي سامهون ايندا ته اسان کي به پنهنجن نمبرن کي اپ ڊيٽ ڪرڻ جي ضرورت پوندي’’.

آئي ايم ايف جي عمل دار اها ڳالهه هڪ اهڙي موقعي تي چئي آهي جڏهن پاڪستان جي خزاني جو وزير اسحاق ڊار آمريڪا جي دوري تي آهي. ان جي سربراهيءَ ۾ پاڪستاني وفد آئي ايم ايف جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت کان علاوه آئي ايم ايف ۽ عالمي بينڪ جي عهديدارن سان ٻه طرفيون ملاقتون ڪري رهيو آهي.

جهاد آذرو وڌيڪ چيو ته اداري تازو هڪ جائزو مڪمل ڪيو آهي جنهن هيٺ پاڪستان کي 1.2 ارب ڊالر فراهم ڪيا ويا آهن. اسان کي اميد آهي ته هن سالياني اجلاس کان پوءِ نومبر ۾ اسان هڪ مشن پاڪستان موڪلينداسين جيڪو عهديدارن سان ايندڙ ’رويو’ اجلاس جي تياري ڪندو.

هن وڌيڪ چيو ته هن وقت اسان نقصان جي جائزي جا منتظر آهيون جنهن تي ورلڊ بينڪ ۽ ’يو اين ڊي پي’ ڪم ڪري رهيا آهن. اسان ڏسنداسين تي سيلاب جي سبب ٿيڻ واري نقصان حڪومتي وسيلن ۽ ملڪي معيشت تي ڇا اثر وڌو آهي ۽ معاشري تي ان جا ڇا اثرات مرتب ٿيا آهن. اسان پاڪستان جي عمل دارن سان ڳالهائينداسين، انهن جي ڳالهه ٻڌنداسين ۽ ڏسنداسين ته ان وقت سندس ترجيحات ڇا آهن ۽ فنڊ ڪهڙيءَ ريت مددگار ٿي سگهن ٿا.

XS
SM
MD
LG