رسائی کے لنکس

انساني صحت جي لاءِ ننڊ ڪيتري اهم آهي؟


ڊاڪٽر هميشه ان ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪائيندا رهيا آهن ته انساني صحت جي لاءِ ننڊ ڪيترو ضروري آهي.

سال 2022 ۾ ’آمريڪي هارٽ ايسو سي ايشن’ ڊاڪٽرن کي هدايت ڪئي هئي ته مريضن کان سگريٽ، بلڊ پريشر، کاڌ خوراڪ ۽ ورزش جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ کان سواءِ اهو پڇڻ به اوترو ئي ضروري آهي ته اهي ڪيترا ڪلاڪ ننڊ ڪندا آهن.

ليڪن ڪيترا ئي فرد پنهنجي جسم کي ننڊ سان وڙهڻ تي مجبور ڪندا رهندا آهن. ڪيترا ماڻهو ڪيفين وارا شربت پئندا آهن ته جيئن ڏينهن جي وقت الرٽ رهي سگهن.

ڪجهه اهڙا به آهن جيڪي رات ۾ ڪم ڪندا آهن ۽ صبح جو سمهندا آهن، جڏهن ته ڪجهه اهڙا به آهن جيڪي سفر کان پوءِ ’جيٽ ليگ’ جي ڪري سمهي نه سگهندا آهن.

ليڪن هاڻي نيورو سائسندان ان حقيقت کان واقف ٿي رهيا آهن ته رڳو اهو ضروري ناهي ته توهان پاڻ ڪيترا ڪلاڪ سمهي سگهيا، بلڪه اها ڳالهه به اهم آهي ته توهان جي ننڊ جا وقت ڪهڙا آهن.

لکين سال اڳ زمين تي انسان جي موجودگيءَ جي ڪري اسان جي ’جينز’ اسان کي صبح جي وقت جاڳڻ ۽ رات جي وقت آرام جي لاءِ تيار ڪيو آهي.

سال 1959 ۾ پهريون ڀيرو سائنس دان فرانز هيلبرگ ان ڳالهه جو پتو لڳايو ته انساني جسم جي اندر ڏينهن رات جو پنهنجو هڪ اندروني نظام آهي جنهن کي هن ’circadian rhythm’ جو نالو ڏنو هو. سال 2017 ۾ ٽن سائنس دانن اهو ثابت ڪرڻ تي نابيل انعام کٽيو ته انساني جسم ۾ وقت جو حساب رکڻ جي جينز ۽ پروٽينز جو هڪ نيٽ ورڪ موجود آهي، جيڪو جاڳڻ ۽ آرام ڪرڻ جا وقت طئي ڪندو آهي.

اهو ’موليڪيولر ڪلاڪ’ اسان جي دماغ ۽ جسم جي هر هڪ سيل ۾ موجود آهي جيڪو بلڊ پريشر، هارمونز، بلڊ شوگر ۽ جسماني درجه حرارت جهڙن اهم جسماني عمل تي کنٽرول رکندا آهن.

هڪ سرڪيڊين لوب اهو چئي ٿو ته جينياتي طور تي انسان شام جي وقت بک محسوس ڪندا آهن ته جيئن کائڻ کان پوءِ سڄي رات بک تي رهڻ دوران جسم ۾ ڪافي تعداد ۾ ڪيلوريز موجود رهن. انهيءَ جي ڪري انسان ناشتي جي وقت ۾ گهٽ بک محسوس ڪندا آهن. اهو ان جي ڪري آهي ته جسم ۾ توانائي محفوظ رهي ۽ اسان اڳئين خوراڪ جي ڳولها ڪري سگهون.

آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي ’سليپ اينڊ سرڪيڊين نيورو سائنس انسٽي ٽيوٽ’ سان لاڳاپيل نيورو سائنس دان رسل فوسٽر مطابق، اهڙا ماڻهو جن جي حياتي سندن ’باڊي ڪلاڪ سگنلز’ سان مطابقت رکندي آهي اهي گهٽ ٿڪبا آهن، انهن جي مزاج ساڳي رهندي آهي، انهن جو وزن به توازن ۾ رهندو آهي. انهن تي دوا سٺو اثر ڪندي آهي، اهي وڌيڪ واضح سوچ جا مالڪ هوندا آهن ۽ اهي ڊگهي مدي تائين صحت مند رهندا آهن.

فوسٽر چيو ته جڏهن اسان جا روزاني جا ڪم بايولوجيڪل سائيڪل سان مطابقت نه ٿا رکن ته جسم ان جو پورائو ڪرڻ جي لاءِ خطري جي حالت کان بچڻ جو رد عمل ظاهر ڪرڻ لڳي ٿو جنهن جي ڪري اسٽريس هارمونز نڪرن ٿا، بک جا هارمونز رليز ٿيندا آهن، رت ۾ واڌو شگر شامل ٿي ويندي آهي ۽ بلڊ پريشر وڌي ويندو آهي.

سندس بقول، ڪجهه عرصي تائين ته ان جي ڪري جسم تي ڪو فرق نه ٿو پوي، پر مهينن يا سالن تائين ان جي جاري رهڻ جي ڪري ان سان دل جون بيماريون، ذهني مسئلا، شگر، ٿلهائپ ۽ ٻيا جسماني مسئلا پيدا ٿيندا آهن. اهڙيءَ ئي هي ٻي کوجنا مان اهو پتو پوي ٿو ته ان جي ڪري طلاقن ۽ حادثن ۾ به واڌ اچي ٿي.

سرڪيڊين ڪلاڪ ڇا آهي؟

جسم جو سرڪيڊين رڌم 24 ڪلاڪ هلندو آهي ۽ ان جو تعلق روشني ۽ اونده سان هوندو آهي.

ڪيتري ننڊ ضروري آهي؟

آمريڪا جي نيشنل سليپ فائونڊيشن مطابق، 18 کان 64 سالن تائين روزانو ستن کان نون ڪلاڪ ننڊ اهم آهي، جڏهن ته ان کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن جي لاءِ ستن کان اٺ ڪلاڪ ننڊ ڪافي آهي.

(هن خبر جو مواد خبرن جي اداري رائيٽرز تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG