پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آئي) جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته فوج جو مضبوط هئڻ گهڻو ضروري آهي. سندس اسٽيبلشمينٽ سان ڪا لڙائي ڪانهي. ليڪن، جيڪڏهن ڪو اهو ٿو سمجهي ته مان گوڏا کوڙي وهان ته اهو نه ٿو ٿي سگهي.
وائس آف آمريڪا جي نمائندي ضيا الرحمان جي مطابق، عمران خان جمعي ڏينهن لاهور ۾ صحافين سان ملاقات ۾ چيو آهي ته هو ملڪ جي بهتريءَ جي لاءِ آرمي چيف سان ڳالهائڻ لاءِ تيار آهي. پر جيڪڏهن ڪو ڳالهه ڪرڻ جي لاءَ تيار ناهي تو مان ڇا ڪيان؟
سندس بقول، ’’اسٽيبلشمينٽ نٿي سمجهي ته سياست ڇا هوندي آهي. ائين ٿو لڳي ته آرمي چيف کيس پنهنجو دشمن سمجهي رهيو آهي’’.
هن چيو ته چيلينج ڪيان ٿو ته کيس تي يا سندس زال تي ڪرپشن جو هڪ به ڪيس ثابت ڪري ڏيکاريو وڃي. آرمي چيف ئي منهنجي خلاف ڪرپشن جو ڪو ڪيس ڳولهي ڏيکاري.
ملاقات جي دوران عمران خان چيو ته پورو زور لڳايو ويو ته پرويز الاهي سندس ساٿ ڇڏي ڏئي. ليڪن هاڻي اسان پرويز الاهيءَ کي وفاداري ڏيکارينداسين.
هن چيو ته مان ڪنهن سان بي وفائي نه ٿو ڪري سگهان.
عمران خان چيو ته کيس خطري جي متعلق هڪ رڪارڊ ڪيل وڊيو موجود آهي جيڪا ٻاهرئين ملڪ ۾ آهي.
اڳوڻي وزير اعظم عمران خان نومبر ۾ وزيرآباد جي ويجهو قاتلانه حملي ۾ زخمي ٿيو هو جنهن کان پوءِ هو لاهور ۾ پنهنجي رهائش گاه زمان پارڪ ۾ ترسيل آهي.
عمران خان اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا تي هڪ ڀيرو ٻيهر تنقيد ڪندي چيو ته جنرل باجوا سندس چيلهه ۾ ڇرو هنيون آهي. سندس بقول، ’’جنرل ريٽائرڊ باجوا روس مخالف تقرير ڪئي، جنهن تي سندس ڪورٽ مارشل ٿيڻ کپي’’.
اڳوڻي آرمي چيف جنرل ريٽائرڊ قمر باجوا پاران هينئر تائين عمران خان جي ان بيان تي ڪو ردعمل سامهون نه آيو آهي.
واضح رهي ته اپريل 2022 ۾ پاڪستاني فوج جي سربراه جنرل قمر جاويد باجوا يوڪرين تي روسي جارحيت تي تنقيد ڪندي چيو هو ته هڪ ننڍي ملڪ جي خلاف روسي جارحيت جي ڪنهن به صورت ۾ منظوري نه ٿي ڏئي سگهجي.
عمران خان چيو آهي ته هڪ ئي دفعو عام چونڊون ٿي وڃن ته پيسن جي بچت ٿيندي. اسان ’پي ڊي ايم’ جي امپائرن جي باوجود چونڊون کٽنداسين.
هن چيو ته اسلام آباد هوائي جهاز ذريعي نه وڃڻ جو فيصلو رات 12 وڳي ڪيو ويو ڇو ته اطلاع مليو هو ته کيس آيئرپورٽ تان ئي گرفتار ڪري بلوچستان وٺي ويندا. سندس چوڻ مطابق، جن کي منهنجي حفاظت ڪرڻي آهي مون کي انهن کان ئي خطرو آهي.
واضح رهي ته گزريل ڏينهن دوران عمران خان چئن مقدمن ۾ حاضري ڀرڻ لاءِ لاهور کان اسلام آباد ويو هو، جتي ٽن مقدمن ۾ سندس ضمانت منظور ٿي هئي، جڏهن ته هڪ ۾ گرفتاريءَ جا ناقابل ضمانت وارنٽ جاري ڪيا ويا هيا.