رسائی کے لنکس

عمران خان جا الزام بي بنياد آهن، فوج ۽ آفيسرن جي عزت جو هر قيمت تي تحفظ ڪيو ويندو، آئي ايس پي آر


آئي ايس پي آر جو ڊائريڪٽر جنرل، ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار (فائيل فوٽو)
آئي ايس پي آر جو ڊائريڪٽر جنرل، ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار (فائيل فوٽو)

پاڪستان جي فوج جي تعلقات عامه جي شعبي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمران خان پاران پاڻ تي ٿيندڙ حملي ۾ وزير اعظم، وزير داخله ۽ خفيه داري سان وابسته هڪ ميجر جنرل جو نالو وٺي انهن کي ذمي دار قرار ڏيڻ تي پنهنجو رد عمل ڏيندي چيو آهي ته هڪ اداري ۽ مخصوص آفيسر جي خلاف الزام ناقابل قبول آهن ۽ ادارو هر قيمت تي پنهنجي آفيسرن ۽ سپاهين جو تحفظ ڪندو.

بيان ۾ حڪومت کي درخواست ڪئي وئي آهي ته اها بنان ثبوت جي اداري تي الزام مڙهڻ وارن جي خلاف ڪاروائي ڪري.

عمران خان گزريل ڏينهن لانگ مارچ جي دوران ڪنٽينر تي ٿيڻ واري فائرنگ ۾ زخمي ٿيو هو۽ هن جي ٽنگن تي گوليون لڳيون هيون. هن جمعي جي شام جولاهور ۾ شوڪت خانم اسپتال مان ميڊيا تي نشر ٿيڻ واريءَ گفتگو جي دوران الزام لڳايو ته وزير اعظم شهباز شريف، وزير داخله رانا ثنا الله ۽ فوج جي ميجر جنرل فيصل نصير کيس تي ٿيل حملي ۾ ملوث آهن.

آئي ايس پي آر چيو آهي ته پاڪستان جي فوج انتهائي پيشه ورانه نظم وضبط جو حامل ادارو آهي ۽ ان اداري اندر اندروني احتساب جو هڪ ٺوس ۽ انتهائي موثر نظام موجود آهي. جيڪڏهن ڪو باوردي عهديدار ڪنهن طرح غير قانوني سرگرمين جو ارتڪاب ڪندو آهي ته هي نظام ان جو به محاسبو ڪندو آهي.

فوج جي ترجمان دفتر مان جاري بيان ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته بي بنياد الزامن سان جيڪڏهن مفاد پرستيءَ تحت فوج جي عهديدارن جي عزت کي داغدار ڪيو ويندو ته ادارو به پنهنجي آفيسرن ۽ سپاهين جو هر قيمت تي تحفظ ڪندو.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته اڄ لڳايل الزام انتهائي افسوس ناڪ آهن جن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي ٿي وڃي. هن چيو ته ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي ته هو اداري ۽ ان جي سپاهين کي بدنام ڪري. ان ڳالهه کي مد نظر رکندي، بيان مطابق، حڪومت کي درخواست ڪئي وئي آهي ته اها انهن ماڻهن جي خلاف قانوني ڪاروائي ڪري جيڪي اداري ۽ ان جي عهديدارن جي خلاف بغير ثبوتن جي، ڪوڙا الزام لڳائڻ جا مرتڪب ٿيا آهن.

پي ٽي آئي جو سربراه ۽ اڳوڻو وزير اعظم عمران خان لاهور جي اسپتال مان تقرير ڪندي
پي ٽي آئي جو سربراه ۽ اڳوڻو وزير اعظم عمران خان لاهور جي اسپتال مان تقرير ڪندي

عمران خان پنهنجيءَ گفتگوءَ ۾ ڇا چيو

جمعي جي ڏينهن شوڪت خانم اسپتال مان خطاب ڪندي هن چيو ته مارچ شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي پتو پئجي چڪو هو ته ’’هنن’’ وزيرآباد يا گجرات ۾ مون کي مارڻ جو منصوبو بڻايو آهي

آرمي چيف جنرل باجوه کي مخاطب ٿيندي، اڳوڻي وزير اعظم چيو ته، ’’توهان جاڳو، ملڪ تباهيءَ جي طرف وڃي رهيو آهي. ننڍن ننڍن مفادن جي لاءِ توهان انهن ماڻهن جو ساٿ ڇو ڏئي رهيا آهيو’’.

هن چيو ته جنرل باجوه جنرل فيصل نصير کان استعيفا وٺي ۽ ان کان پڇا ڳاڇا ڪري.

عمران خان اعلان ڪيو ته جيئن ئي هن جي صحت ٺيڪ ٿي ته هو اسلام آباد ڏانهن احتجاج جي ڪال ڏيندو ۽ عوام سان گڏجي انهن ٽنهين ڄڻن جي استعيفا جو مطالبو ڪندو.

هن چيو ته ان کان اڳ به چئن ماڻهن کيس مارڻ جو فيصلو بند ڪمري ۾ ڪيو هو جنهن جي وڊيو هن ٺاهي رکي آهي. مون چئي ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن مون کي ڪجهه ٿئي ته اها وڊيو جاري ڪئي وڃي ته جيئن ماڻهن کي پتو هجي ته هي ڪير آهن.

عمران خان چيو ته ادارن اندر وڏي اڪثريت متنفر آهي ته ڇهن مهينن دوران ملڪ سان ڇا ٿي رهيو آهي. معيشت ٻڏي رهي آهي، مهانگائي وڌي رهي آهي. ان ڪري، عوام تنگ ٿي چڪو آهي. ادارن اندر ماڻهو ٻڌائن ٿا ته اهي منهنجي خلاف سازش ڪري رهيا آهن.

معاملي کي سلمان تاثير جي قتل جهڙو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي

اڳوڻي وزير اعظم چيو ته کيس قتل ڪرڻ جي لاءِ سلمان تاثير جي قتل جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ ٽيپس رڪارڊ ڪيون ويون. پهريان اهو چيو ويو ته عمران خان مذهب جي توهين ڪئي آهي. هنن جو منصوبو اهو هو ته اهو رنگ ڏنو وڃي ته هڪ مذهبي انتها پسند عمران خان کي قتل ڪري ڇڏيو.

عمران خان چيو ته 24 سيپٽمبر تي هن جلسي ۾ جنهن انديشي جو اظهار ڪيو هو انهيءَ ئي اسڪرپٽ جي مطابق وزير آباد ۾ ٿيو.

اڳوڻي وزير اعظم چيو ته کين اهو خطرو هو ته عمران خان سان ماڻهو وڏي تعداد ۾ اسلام آباد ايندا، ان ڪري هنن منهنجو رستو روڪڻ جو منصوبو بڻايو.

خيال رهي ته جنوري 2011 ۾ ان وقت جي پنجاب جي گورنر سلمان تاثير کي اسلام آباد ۾ ان جي ئي سيڪيورٽيءَ تي لڳل پوليس ڪانسٽيبل ممتاز قادريءَ قتل ڪيو هو. بعد ۾ پنهنجي بيان ۾ ممتاز قادريءَ چيو هو ته سلمان تاثير توهين مذهب جو مرتڪب ٿيو هو، ان ڪري هن کي قتل ڪيائين.

’ٽن ڄڻن وزير آباد پهچڻ کان اڳ منهنجي قتل جو منصوبو ٺاهيو’

عمران خان چيو ته بند ڪمري ۾ منصوبو ٺاهڻ وارن چئن ڄڻن کان علاوه الڳ سان ٽن ماڻهن وزير آباد پهچڻ کان اڳ مون کي مارڻ جو منصوبو بڻايو. عمران خان چيو ته شهباز شريف، رانا ثناالله ۽ آئي ايس آئي جي ڪائونٽر انٽيلي جينس جي شعبي جي سربراه، ميجر جنرل فيصل نصير کيس قتل ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو.

اڳوڻي وزير اعظم چيو ته واقعي جي ايف آئي آر درج ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ليڪن قانون جي مٿان جيڪي ماڻهو ويٺا آهن، انهن مقدمو درج ٿيڻ نه ڏنو.

هن جنرل باجوه کان سوال ڪيو ته جيڪي فوجي آفيسر انسانن تي تشدد ڪرائڻ ۾ ملوث آهن، انهن جي خلاف ڪاروائي سان فوج جو وقار بلند ٿيندو، اهو گهٽبو نه.

هن ڀيري وري، عمران خان ميجر جنرل فيصل نصير تي الزام لڳايو ته هو اعظم سواتيءَ، عمران رياض خان، جميل فاروقي، سميع ابراهيم، اياز امير جهڙن سينئر صحافين جي تشدد ۾ مبينه طور تي ملوث آهي.

عمران خان الزام لڳايو ته پاڪستان جي فوج جي طرفان ڪو به رد عمل سامهون نه آيو آهي، لڪن ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ اخباري ڪانفرنس ۾ پاڪستاني فوج جي ترجمان، ۽ ڊي جي، آئي ايس آئي، ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم اڳوڻي وزير اعظم جو نالو وٺڻ بنان چيو هو ته مارچ ۾ فوج کان غير آئيني مطالبا ڪيا ويا هيا.

انهيءَ پريس ڪانفرنس ۾ وڌيڪ چيو ويو هو ته رات جي بند ڪمرن ۾ ملاقاتون ڪيون ٿيون وڃن ۽ وري صبح جو اسان کي غدار، مير جعفر ۽ مير صادق جي لقبن سان نوازيو ٿو وڃي.

فائرنگ ٻن ڄڻن ڪئي

ڪنٽينر تي ٿيڻ واري فائرنگ جو ذڪر ڪندي، عمران خان چيو ته هن تي ٻن ڄڻن حملو ڪيو. هن چيو ته هو ڪنٽينر تي هو جڏهن کيس تي برسٽ فائر ڪيو ويو ۽ سندس ٽنگ تي گولي لڳي ۽ پاڻ هيٺ ڪري پيو.

اڳوڻي وزير اعظم ٻڌايو ته ان کان پوءِ ٻيو برسٽ آيو، اهي ٻه ڄڻا هيا. جيڪڏهن کيس ٻيو دفعو گولي لڳي هان ته سندس بچڻ محال هو.

چيف جسٽس کي انصاف جي اپيل

چيف جسٽس آف پاڪستان کي مخاطب ٿيندي، اڳوڻي وزير اعظم چيو ته چيف جسٽس صاحب، ملڪ جي سڀني کان وڏي جماعت جو سربراه توهان کان انصاف جو طلب گار آهي. توهان ان معاملي جو نوٽيس وٺو ۽ انصاف ڏياريو.

عمران خان چيو ته جيسيتائين اهي ٽئي ڄڻا پنهنجي عهدن تان استعيفا نه ٿا ڏين تيسيتائين ان واقعي جي تفتيش اڳتي نه وڌندي.

بقول سندس،’’چيف جسٽس صاحب الله توهان کان پڇندو ته اعظم سواتي ۽ شهباز گل سان ٿيڻ واري واقعي تي توهان ازخود نوٽيس ڇو نه ورتو’’.

هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن تحريڪ عدم اعتماد ڪامياب نه ٿي هئي، ليڪن ’هينڊلرز’ جي تعاون ۽ پيسا هلائڻ جي ڪري هن جي خلاف تحريڪ عدم اعتماد ڪامياب ڪرائي وئي.

سابق وزير اعظم چيو ته کيس نااهل ڪرائڻ جي لاءِ توشا خاني جهڙي هلڪي ڪيس ۾ کيس نااهل قرار ڏنو ويو. هن چيو ته نظر اچي رهيو آهي ته عوام ’امپورٽيڊ حڪومت’ کي مسترد ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن به ضمني اليڪشن ٿيندي آهي، تحريڪ انصاف ئي ڪامياب ٿيندي آهي.

هن چيو ته موجوده چيف اليڪشن ڪمشنر مسلم ليگ (ن) ۽ ڪنهن ٻئي جي دٻاءَ ۾ آهي، ان جي خلاف هرجاني جو ڪيس دائر ڪيو ويندو.

عمران خان چيو ته هو پاڪستان جو پهريون سياست دان آهي جنهن ڪيترن ئي سيٽن تي ساڳئي وقت اليڪشن کٽي آهي. هن چيو ته منهنجي ڪردار ڪشي ڪئي وئي، اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته عمران خان به ٻين سياست دانن واگر ڪرپٽ آهي.

عمران خان جي سرجري ڪئي وئي

صحت متعلق بريفنگ ڏيندي، شوڪت خانم اسپتال جي سي اي او ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو ته عمران خان جي ساڄيءَ ٽنگ جي هيٺئي حصي ۾ فريڪچر ٿيو هو جنهن جي سرجري ڪئي وئي آهي.

هن چيو ته اڳوڻي وزير اعظم جي ساڄي ٽنگ مان گوليءَ جا چار ٽڪرا ڪڍيا ويا آهن، جڏهن ته هڪ ٽڪرو رت سپلائي ڪرڻ واريءَ شريان جي ويجهو کان ڪڍيو ويو آهي. جيڪڏهن شريان متاثر ٿئي هان ته وڌيڪ رت نڪرڻ لڳي هان.

ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو ته عمران خان جي کاٻي ٽنگ ۾ گوليءَ جا ٻه ٽڪرا آهن، ليڪن ان کي گهڻو نقصان نه ٿيو آهي.

XS
SM
MD
LG