پاڪستان جي سپريم ڪورٽ ۾ ججن وچ ۾ رائي جي اختلاف جو معاملو اڃان وڌي ويو آهي. سپريم ڪورٽ جي ٻن ججن چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي ڏنل فيصلي سان اختلاف ڪندي اليڪشن ڪميشن جي ’از خود نوٽيس’ ڪيس ۾ اختلافي فيصلو ڏنو آهي.
ٻن ججن چيو آهي ته ان بينچ مان هٽيل ٻن ججن کي فيصلي مان الڳ نه ٿو ڪري سگهجي. نون رڪني بينچ مان ٻه جج پاڻ مرادو الڳ ٿيا، جڏهن ته ست رڪني بينچ جي فيصلي کي انهن ٻن ججن تسليم ڪيو جنهن کان پوءِ بظاهر چئن جي ڀيٽ ۾ ٽن ججن جو فيصلو مسترد ڪيو ويو آهي.
سپريم ڪورٽ جي ٻن ججن منصور علي شاه ۽ جسٽس جمال مندوخيل جو چونڊن جي ڪيس جي فيصلي تي اختلافي نوٽ سامهون آيو آهي، جنهن ۾ ٻنهي ججن چيو آهي ته چيف جسٽس جي تمام گهڻن اختيارن جي ڪري عدالت تي تنقيد ٿيندي آهي. هيءُ ٺيڪ وقت آهي جڏهن چيف جسٽس جي تمام گهڻي اختيار تي نظر ثاني ڪئي وڃي.
چيف جسٽس عمر عطا بنديال پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جي معاملي تي از خود نوٽيس ورتو هو.
ان ڪيس ۾ نون رڪني لارجر بينچ ٺاهيو ويو هو. ليڪن بعد ۾ ٻن ججن جسٽس اعجاز الحسن ۽ جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي حڪومتي پارٽين جي اعتراض وارڻ تي ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪئي هئي.
انهن ٻن ججن کان سواءِ جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس يحييٰ آفريديءَ از خود نوٽيس جي اختيار جي دائري تي ڳالهه ڪئي هئي.
جسٽس يحييٰ آفريديءَ اختلافي نوٽ ۾ ان پيٽيشن کي رد ڪيو هو، جڏهن ته جسٽس اطهر من الله پاڻ کي بينچ ۾ رکڻ يا نه رکڻ جو فيصلو چيف جسٽس تي ڇڏيو هو، جنهن کان پوءِ کيس بينچ کان الڳ ڪيو ويو هو.
ان معاملي کان پوءِ پنج رڪني بينچ اهو ڪيس ٻڌو ۽ ڪيترين ئي سماعتن کان پوءِ چيف جسٽس جي اڳواڻيءَ ۾ لارجر بينچ پهرين مارچ تي پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو.
ان وقت جي لارجر بينچ ۾ ٻن ججن جسٽس جمال خان مندوخيل ۽ جسٽس منصور علي شاه فيصلي ۽ از خود نوٽيس تي اختلاف ڪيو هو جنهن جو لکت ۾ فيصلو سومر ڏينهن سامهون آيو آهي.
چيف جسٽس جو پاڻ مرادي نوٽيس جو اختيار
جسٽس منصور علي شاه ۽ جسٽس جمال خان مندوخيل پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ چونڊن متعلق لکت ۾ ڏنل فيصلي سان اختلاف ڪندي چيو هو ته چيف جسٽس وٽ از خود نوٽيس وٺڻ ۽ اسپيشل بينچ ٺاهڻ جا وڏا اختيار آهن، جنهن جي ڪري سپريم ڪورٽ تي تنقيد ٿيندي آهي ۽ ان جي عزت ۽ احترام ۾ گهٽتائي ايندي آهي.
ٻنهي جي مطابق، هيءُ ٺيڪ وقت آهي جڏهن هڪ شخص جي وڏي اختيارن تي ٻيهر نظر وڌي وڃي.
تفصيلي فيصلي ۾ ٻنهي ججن چيو آهي ته سندن مرضيءَ جي برعڪس بينچ منجهان نڪرڻ جي قانون ۾ اجازت ڪانهي. ٻن معزز ججن پنهنجو فيصلو ڏيندي بينچ ۾ رهڻ يا نه رهڻ جو معاملو چيف جسٽس جي مرضيءَ تي ڇڏيو هو، ليڪن سندس فيصلو معاملي جي آخري فيصلي ۾ شامل آهي.
ججن چيو ته چيف جسٽس جي اختيارن کي ’ريگوليٽ’ ڪرڻ جي ضرورت آهي ڇو ته سموري عدالت کي رڳو هڪ شخص تي نه ٿو ڇڏي سگهجي. عدالت جي اختيار جو دائرو آئين طئي ڪري ٿو ۽ نه ججن جي خواهش ۽ سندن سهولت طئي ڪري ٿي.
فيصلي جي اختلافي نوٽ ۾ چيو ويو آهي ته عدالتي اختيار جي دائري جي نوعيت طئي ڪري ٿي نه ان سان لاڳاپيل مفاد. ججن جي خواهش غالب اچي وڃي ته سپريم ڪورٽ سامراجي عدالت بڻجي وڃي ٿي. عدالت سياسي ادارو بڻجي ته عوام جي نظر ۾ ان جي ساک ختم ٿي ويندي آهي.