رسائی کے لنکس

بدناموسي ڪيس: راهول گانڌيءَ جي سزا تي عمل روڪڻ لاءِ درخواست رد


کانگريس اڳواڻ، راهول گانڌي (فائيل فوٽو)
کانگريس اڳواڻ، راهول گانڌي (فائيل فوٽو)

ڀارت جي ھڪ عدالت ڪانگريس اڳواڻ راهول گانڌيءَ کي بدناموسي جي ڪيس ۾ مليل سزا تي عمل روڪرائڻ لاءِ ڏنل درخواست کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

ڀارتي رياست گجرات جي مئجسٽريٽ عدالت وزيراعظم نريندر مودي جي ’سر نيم‘ (ذات) تي توهين آميز تبصري جي ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي راھول گانڌي کي ٻه سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي.

ان سزا تي عمل روڪرائڻ لاءِ راھول گانڌي گجرات جي شھر سورت جي سيشن ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي.

راهول گانڌي عدالت کي درخواست ڪئي هئي ته سندس سزا تي عمل ان وقت تائين روڪيو وڃي جيستائين ھو سزا خلاف اپيل داخل نه ٿو ڪري.

سورت جي سيشن ڪورٽ سندس درخواست تي 13 اپريل تي ٻڌڻي مڪمل ڪرڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو هو.

ايڊيشنل سيشن جج آر پي مغيره خميس جي ڏينھن محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي سزا روڪڻ لاءِ راهول گانڌي جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو.

واضح رهي ته راهول گانڌي خلاف ’سر نيم مودي’ بابت ھڪ تقرير دوران ڪيل تبصري تي 2019 ۾ بدنامي جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

ڪانگريس اڳواڻ خلاف اھڙو ڪيس حڪمران جماعت ڀارتيا جنتا پارٽي (بي جي پي) جي اسيمبلي ميمبر ۽ گجرات جي اڳوڻي وڏي وزير پرنيش مودي داخل ڪرايو ھو.

راهول گانڌيءَ تي الزام آهي ته هن پنهنجي تقرير ۾ چيو ھو ته ’’سڀني چورن جي ھڪڙي ئي ذات (عرفيت) مودي ڇو آهي’’.

XS
SM
MD
LG