ڀارتي ايئرلائين ’انڊي گو’ جي مسافر جهاز آچر ۽ سومر جي رات ڪراچيءَ جي هوائي اڏي تي هنگامي لينڊنگ ڪئي جنهن کان پوءِ مسافر جهاز کي رات ئي جي وقت پنهنجي منزل ڏانهن روانو ڪيو ويو.
سول ايويئيشن عمل دارن مطابق، ’انڊي گو’ جو جهاز دهليءَ کان دوحا وڃي رهيو هو ته پائليٽ جهاز ۾ سوار بيمار مسافر جي حالت خراب ٿيڻ تي جهاز جو رخ ڪراچيءَ جي طرف موڙڻ جي التجا ڪئي.
اداري جي ترجمان مطابق، جهاز ۾ 163 مسافر سوار هيا ۽ جهاز 12 وڄي 12 منٽن تي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لينڊ ڪيو.
ان کان اڳ جولاءِ 2022 ۾ شارجه کان حيدرآباد دڪن ويندڙ ڀارتي جهاز ٽيڪنيڪي خرابيءَ جي ڪري ڪراچي هوائي اڏي تي لينڊنگ ڪئي هئي.
سومر ڏينهن ڀارتي جهاز جي لينڊنگ متعلق عمل دارن چيو آهي ته ’انڊي گو’ ايئرلائين جي جهاز ۾ سوار 60 ورهن جي نائجيريا جي شهري عبدالله لينڊنگ کان اڳ جهاز ۾ گزاري ويو، جڏهن ته سول ايويشن جي ڊائريڪٽرن طبي معائني ۾ مسافر جي موت جي تصديق ڪئي ۽ ’ڊيٿ سرٽيفيڪيٽ’ به جاري ڪيو.
سول ايويئيشن جي ترجمان مطابق، ايئر’انڊي گو’ جو جهاز صبح جو چار وڄي پنجن منٽن تي پنهنجي منزل ڏانهن روانو ٿيو.